سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي جا ڪتاب

فلسفي تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لڳ ڀڳ نه هجڻ جي برابر آهن ۽ اهي مارڪيٽ ۾ پڻ اڻ لڀ آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي تي لکيل ڪتاب کي ترجمن سميت ڳڻنيداسين ته انهن جو انگ ڏهه به نه ٿيندو. فلسفي تي ڪتاب نه اچڻ جو سبب اهو نه آهي ته سنڌي زبان ۾ فلسفي جي ڪتابن کي پڙهندڙ ن جي کوٽ آهي، پر ڪارڻ اهو آهي ته ان موضوع تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. مرحوم رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب سچ جو فلسفو، جويي صاحب جو ترجمو ڪيل فلسفي جو ابتدائي ڪورس، ڊاڪٽر سڪندر مغل جو لکيل ڏاهپ جو اڀياس ۽ جوسٽين گارڊرن جو ممتاز بخاري پاران ترجمو ڪيل سوفيءَ جي دنيا ۽ اڪبر لغاري صاحب جو فلسفي جي مختصر تاريخ ۽ حيدر علي لغاري جو لکيل ڪتاب اندر مُلهه اَملهه ، سڪندر مغل جو ڏاهپ جو اڀياس، رسول ميمڻ جا چار سائنسي فلسفي جا ڪتاب اچي چڪا آهن ان باوجود سنڌي ۾ فلسفي تي لکيل ٻيا ڪتابَ نه هئڻ جي برابر نظر اچن ٿا. [1] [2]