سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي

سنڌ جي ڪمشنر مسٽر پرنگل ، 1847ع ۾ تعليمي ۽ ٻين سڀني مسئلن کي سامهون رکي  هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي بمبئي حڪومت کي  موڪلي ته سنڌ ۾ تعليمي ادارا کوليا وڃن ۽ سنڌي زبان کي سرڪاري درجو ڏنو وڃي ته جئين آفيسر آساني سان سنڌي زبان جو امتحان پاس ڪري سگهن. بمبئي سرڪار جي گورنر سر جارج رسل ڪلرڪ (1800- 1889ع) ، مسٽر پرنگل جي سفارشن جو  گهرائي سان جائزو ورتو. ڪئپٽن  جارج اسٽئڪ جي ڊڪشنري جي اشاعت جي منظوري لاءِ وٽنس اڳي پيل هو. 24 اپريل 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر جارج ڪلرڪ (George Clerk) ، مسٽر پرنگل جي سفارشن تي نوٽ لکندي  اعلان ڪيو تھ سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي، ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي تھ ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن.  سندس فيصلي  ۾ ٽي حڪمناما واضح  هئا،  جنهن ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

1.    اسان کي گھرجي تھ اسان سرڪاري ڪاروبار لاءِ ملڪي ٻولي (سنڌي) کي متعارف ڪرايون. مونکي سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ اسان جا روينيو ۽ انصاف کاتي جا آفيسر (چاھي سندن کاتن ۽ ڪچھرين جو ڪم ڪھڙي بھ نموني ڇو نھ مقررڪيو وڃي) فارسي يا انگريزيءَ جھڙي ھڪ ڌاري ٻوليءَ ذريعي ڪيئن اثرائتي نموني ڪم ھلائي سگھندا. آفيسرن کي ارڙھن مھينن جو وقت ڏجي ٿو تھ سنڌي زبان جو امتحان پاس ڪري وٺن.

2.    مان سمجهان ٿو ته  سندن امتحان جي تياري ۾ گرامر  ۽ ڊڪشنري جي اشاعت ۾ مدد ٿيندي، ان لاءِ مان ليفٽيننٽ اسٽئڪ کي اشاعت جي اجازت ٿو ڏيان.

6 سيپٽمبر 1851ع تي فريئر ھڪ سرڪيولر جاري ڪيو، جنھن ۾ سنڌي ڪامورن کي سنڌي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ ھدايت ڪئي.  سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ ھدايت نامي ذريعي سنڌ ۾ نوڪريءَ جي خواهشمند يورپي ڪامورن ۽ سندس پروموشن لاءِ سنڌيءَ ۾ امتحان لاءِ لازمي طور امتحان پاس ڪرڻ، امتحان جو ڪورس، امتحان جو انتظام ، جڳهه، تاريخ ، ڪاميٽيءَ وغيره جو طريقار جو اعلان ڪيو . هن ڄاڻايو ته ”اڄ کان پوءِ ڪنهن به کي سول عملدار طور ڀرتي نه ڪيو ويندو يا کيس ترقي ڏني نه ويندي جيستائين هو سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڳالهه ٻولهه جو امتحان پاس نه ڪندو. سنڌي ٻوليءَ جي عالم ٻول چال جو امتحان هيٺين ريت ورتو ويندو:

هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي، جنهن ٻوليءَ جي ڪيترن به ماهرن کي شامل ڪري سگهجي ٿو،ان ۾ گجراتي، مراٺي يا فارسيءَ جي ترجمان طور پاسي ڪيلن کي به شامل ڪيو ويندو.  اميدوارن کان هيٺين شعبن ۾ امتحان ورتو ويندو:

• هو سندس هيٺين سطح جي سنڌيءَ ۾ سندس گفتگو ٻڌندا

• کيس چيو ويندو ته هن سنڌيءَ ۾ جيڪا هيٺين سطح جي گفتگو ڪئي آهي، ان کي لکي ڏيکاري

• کيس چيو ويندو ته منشيءَ طرفان چيل هيٺين سطح جي سنڌي لفظن کي انگريزيءَ ۾ پيش ڪري..

• منشيءَ کي ڪنهن به درخواست يا قائدي يا سرڪاري پڌرنامي جي باري ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ هدايتون جاري ڪري.

• منشيءَ طرفان اصطلاحي جملن جي سنڌيءَ مان انگريزي ۽ انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ زباني ترجمو ڪري ٻڌائڻ.

• امتحان ۾ سنڌيءِ استمال ٿيندڙ رسم الخط ، اميدوار جي مرضيءَ مطابق هوندو.[1]


حوالا سنواريو

  1. ملاح، مختيار احمد: سنڌ ۾ سرڪاري عملدارن لاءِ  ’لازمي  طور  ’سنڌي ٻوليءَ جو  امتحان  پاس ڪرڻ‘  جو ماضي، حال ۽ مستقبل“، 2019ع