سنڌي طبيب خليفي هارون رشيد جي ڏينهن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ مقرر رهيا. ابن ڌنه نالي هڪ سنڌي طبيب، برمڪن جي شفاخاني جو وڏو آفيسر هو. هي به انهن مان هو، جي سنسڪرت مان عربيءَ ۾ ڪتابن جي ترجمن تي مامور هئا. ابن نديم سندس ذڪر ڪيو آهي.[1]هڪ ٻئي سنڌي طبيب، صالح بن ڀله (ڀلو) جو ذڪر امتياز سان آيو آهي. ابن ابي اصيبعه پنهنجي ”طبقات الاطباء“ ۾، ۽ قفطيءَ ” اخبار الحڪام“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي، ۽ کيس هندستان جي انهن ماهر طبيبن ۾ داخل ڪيو آهي، جي بغداد ۾ هئا. سندس فني مهارت جو هڪ عجيب واقعو بيان ڪيو ويو آهي. هڪ دفعي هارون رشيد جو چاچو ابراهيم بن صالح بيمار ٿي پيو. درٻار جي مشهور يوناني عيسائي طبيب، جبرئيل بختشيوع، سندس موت جو ٻڌايو. جعفر برمڪيءَ، ان کان پوءِ، هن هندستان ويد کي پيش ڪيو ۽ سندس علاج جو مشورو ڏنو. ويد بيمار جي صحتياب ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي. هارون رشيد چيو ته هي علم غيب جي دعوا ٿو ڪري. هن جواب ڏنو ته ’علم غيب اهو آهي، جو دليل کان سواءِ يقين سان چيو وڃي. مون وٽ بيمار جو خوش ٿيڻ جا دليل آهن‘. هارون رشيد مطمئن ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ قاصد اچي ابراهيم جي وفات جي خبر ڏني. هارون ڏاڍو ڪاوڙيو. ابراهيم جي گهر ويو. ابراهيم کي غسل ڏيئي، ڪفن به ڏنو ويو. ابن ڀله چپ هو. آخر جرات کان ڪم وٺي چيائين، ’مان هينئر به چوان ٿو ته هو مئو ڪونهي؛ مون کي فقط اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.‘ لاش وٽ پهچي، سڄي هٿ جي آڱوٺي ۾ سئي ٽنبيائينس؛ ان ۾ چرپر پيدا ٿي، جا هارون رشيد کي گهرائي ڏيکايائين. تنهن کان پوءِ کيس وري غسل ڏنائين؛ پوءِ سندس علاج ڪيائين، ۽ هو خوش چڱو ڀلو ٿيو. ان کان پوءِ هو ڪيترو وقت جيئرو هو. عباسه بنت مهديءَ سان سندس شادي ٿي؛ مصر ۽ فلسطين جي ولايت تي مامور رهيو، ۽ اتي وفات ڪيائين. ان کان پوءِ، هارون رشيد هندستاني طبيبن جو قدر ڪرڻ لڳو.[2]اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي سنڌي طبيب ’منڪه‘ جو نالو به ملي ٿو. اهو سنڌي نالو ’ماڻڪ‘ هوندو، جو اڄ به هندو رکن ٿا. هن کي به بغداد گهرايو ويو هو. ابن ابي اصيبعه پنهنجي ” تاريخ الاطباء“ ۾لکيو آهي ته هي طب ۽ علاج ۾ تمام ماهر هو. هڪ دفعي هارون رشيد سخت بيمار ٿي پيو. بغداد جا سڀيئي طبيب عاجز ٿي پيا، تڏهن هڪ شخص انهيءَ طبيب جو ذڪر ڪيو. سفر خرچ موڪلي کيس گهرايو ويو. سندس علاج سان خليفو خوش ٿيو. کيس انعام اڪرام سان نوازيو ويو، ۽ سنسڪرت ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ تي کيس رکيو ويو[3]

  1. ”الفهرست“، ص 243، بحواله ”عرب و هند ڪي تعلقات“، ص 132؛ ”نزهته الخواطر“، ج 1، ص 53
  2. ”تاريخ الاطباء“ ج 2، ص 34، بحواله ” عرب و هند ڪي تعلقات“، ص 132؛ ۽ ” نزهته الخواطر“، ج 1، ص 60
  3. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع