سنڌي جوڳ سنڌ ۾ ڪي اهڙا راڳ بہ رائج آهن جن جو وجود گائڪيءَ جي گرنٿن ۾ ملي ٿو. پر انهن ۾ سرن جي ٿوري ڦير گهير سان اصلي راڳن کان هڪ جدا شڪل پيدا ٿيو پوي. سنڌي جوڳ بہ اهڙي راڳن مان هڪ آهي. هي اصل راڳ ”جوگيا“ آهي، جنهن ۾ هلڪي ڦير گهير آڻڻ سان سنڏي جوڳ وجود ۾آيو آهي. هن راڳ ۾ ڪافيءَ جون ڌنون ڏاڍيون ٺهن. سنڌي جوڳ ” سمپورن“ آهي يعني هن جي آروهي، امروهي ۾ سڀ سر لڳن ٿا، پر ”جوڳيا“ ۾ ”رکب،“ ۽ ”ڌوت“ ڪونه لڳن. ٻيو فرق ”جوڳيا“ ۽ ”سنڌي جوڳ“ ۾ هي به آهي ته ” جوڳيا“ ، کماج“ ٺاٺ جو راڳ آهي ۽ منڌي ”جوڳ“، ”ڀرون ٺاٺ“، مان نڪتل آهي. هن راڳ جي آروهي امروهي هيءَ آهي.

آروهي : سا-ري-گا-ما-پا-ڌا-ني-سا.
امروهي : سا-ني-ڌا-پا-ما-گا-ري-سا.

هن راڳ ۾ ”سا“ وادي سر ۽ پنجم سموداي سر رکن. هن راڳ جي ادائگي ۽ مختلف سرن تي ٽڪاوو کيس ”جوگيا“کان جدا ڪريو ڇڏي. سنڌي جوڳ ۾ڪٿي ڪٿي تکن سرن جو ڪَن لڳائي هن راڳ کي حسن ڏيو ڇڏي. فراق ۽ ويراڳ واريون ڪافيون هن راڳ ۾ سٺيون ٺهن. سنڌ ملڪ ۾ هي راڳ عام ورتاءُ جو راڳ ليکيو ٿو وڃي.[1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از: سيد منظور نقوي؛ ٻيون ايڊيشن 1978ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)}