سنڌي انگ
سنڌي انگ
پرويز احمد شيخ ٻالڪپڻي دوران منهنجي آڏو ڪي انگن جي اچارن جون رڪاوٽون آيون، جيڪي مٿين درجن ۾ انگن/حسابن سان وڌي وڻ ٿيون. اڄ به هڪ انجنيئر جي حيثيت ۾ ڄڻ ته منهنجي اڳتي وڌڻ ۾ هڪ رڪاوٽ بڻيون بيٺيون آهن. مان سمجھان ٿو ته اهي سڀ ڏکيائيون اڄ به هر ابتدائي سنڌي شاگرد سان ضرور هونديون جيڪي هيٺ ڄاڻايان ٿو.
___*___
- اچو ته 'هڪ' کان 'سؤ' تائين جو سفر ڪريون. 'هڪ' کان 'ڏھ' تائين سڀ انگ جدا جدا آهن. ڇو نه هجن؟! هٿن جون آڱريون به ته جدا جدا آهن! باقي 'هڪ'، 'ٻه'، 'ٽي'، ... جو مآخذ ڇا هوندو، سو ته ٻوليءَ جا ڄاڻو ئي ڄاڻين، پاڻ کي ڪهڙي خبر! 'يارنهن': هنجو تعلق 'هڪ' سان ته بنهه نظر نٿو اچي، ۽ نه وري 'ڏھه' سان. توڻي جو 'ايڪويھ' جو رشتو 'ويھ' سان سمجھ ۾ اچي ٿو. 'يارهن' جو رديف/ڪافيو اڳتي به لڀي ٿو پر وري 'چوڏهن' تي اٽڪون پيا. 'سورنهن'، 'ڇهن' سان ٺهن ئي ڪونه. ٺهيو اڳتي ٿا هلون. هي 'ارڙهن' الائي ڇو آهن؟ هنن ته 'يارهن' وارو ڪافيو ئي وڃائي ڇڏيو. 'اڙرهن' ڪيئن رهندا؟ زبان مڙئي اٽڪي پئي. ڀلا 'اٺارهن'؟ جيتوڻيڪ ڪي ڪاوڙبا ته سنهيون پر ٻيلي اِهي 'اٺن' کي وڌيڪ ويجھو آهن بنسبت 'ارڙهن' جي. انصاف توهان پڻ ڪريو.
- 'اڻويھ' ته وري صفا وڄائي ڇڏيو. پنهنجو تعلق نه 'نَوَ' سان رکيائين ۽ نه وري 'يارهن' سان، پر ترقي ڪري ٻه قدم اڳيان وڌي وڃي 'ويھ' سان گڏ بيهي رهيو. سچ ٻڌايو ته ڇا اهڙو هڪ رويو اسان واري معاشري ۾ به نظر نٿو اڇي؟! جو 'ڏهن' کي ڇڏي وڃي 'ويهن' سان ويهجي، پوءِ 'اڻويھ' کي ڪهڙي ميار! مونکي پهرين درجي ۾ جڏهن مرحوم سائين جمال الدين ابڙي اڻويھ پڙهايا ته ياد رکڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي ته آيا 'اڻويھ'، 19 کي چوان يا 29 کي.منطق چوندو هئو ته 29 ئي 'اڻويھ' آهن. ڇو ته سندس ٻه ڏهاڪا ٿيا ويھ ۽ نَوَ ايڪا ته 'اڻ'. ان اشتقاق تحت 29 ئي 'اڻويھ' ٿيا. سائين جڏهن به پڙهائي ته ڳالھ ئي ٻي. آخر پاڻ کي سمجھايم ته ضروري ڪونهي ته منطق هر وقت ۽ هڪ جاءِ تي درست به هجي. اهڙيطرح مون 'اڻويھ' جي جند ڇڏي ۽ 'اڻويھ' منهنجي. اڄ ٿو سوچيان ته استاد کي جيڪر عرض ڪريان ها ته "سائين! انکي جيڪر 'نَوَرهن' پڙهايو." اڻويھ وارو ساڳيو رويو پاڻ کي مٿي يعني اڻٽيھ، اڻيتاليھ، ... ۾ نظر ايندو پر جس هجي 'نوانوي' کي جنهن 'سؤ' کي بنھ به نه ليکيو ۽ پنهنجي ناتو 'نوي' سان ضد ڪري ڳنڍي بيهي رهيو. چئي پيو ته ترقي ڪريان يا نه ڪريان پر ڪوڙ نه ڳالهائبو!
- 'ايڪويھ'، 'ايڪٽيھ'، ... اسان کي اڻسڌي طرح چون ٿا ته سنڌيءَ ۾ 'هڪ' نه پر 'ايڪ' هوندو آهي. پر 'هڪ' سان هٿ چراند ڪرڻ معنى ڏينڀن جي ماناري ۾ هٿ وجھڻ برابر آهي. هلو اڳتي! 'چاليھ'، پنجاھ'. وري هي ڇا ٿيو؟! "سٺ". هن به پنهنجي مائٽ 'سورنهن' وانگر 'ڇھ' جي بوءِ ئي وڃائي ڇڏي. پاڻ ڄاڻي! هلندي هلندي ملياسون 'سؤ' سان، پر هنکي ڪجهه به نه چئبو آخر پاڻ کي به ته هتي رهڻو آهي.
___*___
سڄاڻ ماهرن کي اپيل آهي ته مٿين ڳالهين تي غور ڪري انهن اوڻاين جو حل ڳولهين ته جيئن اسان جي ٻارن، جيڪي سڀاڻي جا معمار آهن، تنکي سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ ۾ آساني ٿئي.
___ ختم ٿيو ___