سنڌو ميراڻي سنڌ جو جاکوڙي اديب، شاعر، صحافي، ڪارٽونسٽ ۽ تعليمدان پروفيسر جنهن پنهنجي زندگي جون 60 کان مٿي بهارون جنهن تڪليف ۽ مشڪلاتن جي دوران گذاريون اهي شايد ئي ڪو دل گردي وارو ماڻهو گذاري سگهي، سندس اصل نالو محمد صالح ملاح هو، هومارڪيٽ روڊ دادو شهر ۾ محمد حسين ملاح جي گهر ۾ 1949ع ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول دادو ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ پي ايڇ هاءِ اسڪول دادو مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي، هن جي ادبي ۽ صحافتي سڃاڻپ سنڌو ميراڻي جي نالي سان هئي تعليم پرائڻ کانپوءِ 1977ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پروفيسر طور مقرر ٿيو، 1979ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر ضياءَ پاران ڦاهي چاڙهي شهيد ڪيو ويو ته ڪيڊيٽ ڪاليج پيٽارو جي شاگردن زبردست احتجاج ڪيو ۽ غائبانه جنازي نماز پڙهڻ جو بندوبست ڪيو پر ڪنهن به شخص نماز پڙهائڻ نٿي چاهي، جنهن تي پروفيسر سنڌو ميراڻي غائبانه جنازي نماز پڙهائي، جيڪا ڳالهه ڪيڊٽ ڪاليج انتظاميا کي مناسب نه لڳي، جنهن کانپوءِ مختلف بهانا ڪري سندس نوڪري ختم ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سنڌو ميراڻي هڪ ڪٽنب جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون محسوس ڪندي زندگي جي گاڏي کي گهلڻ لاءِ ميڊيڪل اسٽور، هوٽل، ميڻ بتيون ٺاهڻ، پرفيوم تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ کان علاوه آخري دور ۾ جڏهن هو دم جي مرض سبب گهڻي ڀڄ ڊڪ جي قابل نه رهيو ته هو پنهنجي گهر اڳيان هڪ دڪان کولي سنگ مرمر جي پٿرن تي مرحوم ماڻهن جي نالن جا ڪتبا لکي پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ لڳو پر اها خبر ناهي ته هن جي قبر تي به ڪو ڪتبو لکڻ وارو هوندو يا نه، ڇو ته جنهن مفلسي واري دور ۾ هو رهيو ان سبب سندس شهر دادو جي صحافين کي به خبر ناهي ته سنڌو ميراڻي ڪير هو، جيتوڻيڪ هو دادو اندر ٿيندڙ سمورين ادبي تقريبن ۾ آخري وقت تائين شريڪ ٿيندو رهيو ان کان علاوه هو هر حال ۾ پنهجي برادري ۽ سنگت ساٿ سان ڀت ٻاٽ يا مرڻي پرڻي ۾ شرڪت کي اهم سمجهندو هو ۽ اسان جون ملاقاتون به اهڙن موقعن تي اڪثر ٿينديون رهنديون هيون، سنڌو ميراڻي پنهنجي جوانيءَ وارو دور صحافت ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ گذاريپ، هو ان وقت ۾ هڪ سلسليوار رسالو پڻ ڪڍندو هو، جنهن ۾ هو ڪارٽون به پنهنجا ٺاهيل ۽ ڪمپيوٽر جو دور نه هجڻ ڪري ڪمپوزنگ ڪرائڻ بجاءِ پنهنجي هٿ سان ڪتابت ڪري رسالو شايع ڪرائيندو هو، هڪ ڀيري هن سنڌ يونيورسٽي جي اڪثر بند رهڻ تي ان دور جي وائيس چانسلر جو ڪارٽون ٺاهي پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪيو، جنهن تي هن عنوان لکيو “بند يونيورسٽي جو وائيس چانسلر” جنهن تي اهو وائيس چانسلر سخت ناراض ٿيو هو، سنڌو ميراڻي حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ڪجهه اخبارن ۾ ڪارٽونسٽ طور به ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڻ درس و تدريس جا فرائض انجام ڏنا، سنڌو ميراڻي هڪ سنجيده ۽ حق پرست ليکڪ ۽ اديب هو، جنهن مشڪل حالتن سان هميشه وڏي بردباري ۽ بهادري سان منهن ڏنو، هن دادو تعلقي جي تڪ پي ايس 74 تي پير مظهر الحق جي مقابلي ۾ فارم ڀريو ۽ چونڊ نشان قلم وٺي پوري تعلقي ۾ سائيڪل تي چڙهي ورڪ ڪندي دادو واسين کي اهو پيغام ڏنو ته چونڊن ۾ بيهڻ جو حق سڀني کي هڪ جيترو آهي ۽ اليڪشن ۾ صرف مير، پير يا وڏيرا نه پر عام ماڻهو به بيهي سگهي ٿو، سنڌو ميراڻي پنهنجي زندگي جا آخري سال دم جي مرض ۾ پنهنجي دڪان تي قبرن جا ڪتبا لکندي ۽ مطالعو ڪندي گذاريا پر مفلسي ۽ بيماري سبب هو پنهنجي شهر کان ٻاهر نه نڪتو ۽ اهڙي گمنامي سبب هن کي به شايد سندس سمورن دوستن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين وساري ڇڏيو ته سنڌو ميراڻي به ڪو ليکڪ يا ڪارٽونسٽ آهي، هو گذريل آچر ڏينهن هن فاني دنيا مان 63 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کي سومر ڏينهن لال هندي قبرستان دادو ۾ برادري، دوستن ۽ شهرين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.

جاکوڙي اديب ۽ تعليمي ماهر سنڌو ميراڻي جو لاڏاڻو سنواريو

سنڌو ميراڻي هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪري مالڪ حقيقي ڏانهن روانو ٿي ويو،