ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي.

پاڪستان ۾ هندو ڪميونٽي لاءِ شايع ٿيندڙ پهريون اخبار مالي مشڪلات جو شڪار ٿي چُڪو آهي. سنڌ جي شهر حيدر آباد کان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار سنديش جو آغاز سال جي شروعات ۾ ڪيو ويو ۽ اِهو اخبار سنڌ جي دلت برادري، شاگردن ۽ سياسي پارٽين ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو آهي.

ان کان پهرين هندو ڪميونٽي جي لاءِ مذهبي رسالا پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن پر اڃان تائين ڪو باقاعده اخبار شايع نه ٿي سگهيو آهي. اخبار جو ايڊيٽر هرجي لال هڪ سينيئر صحافي آهي ۽ سنڌي اخبار ۾ ملازمت پڻ ڪندو رهيو آهي. هر جي لال ذريعن کي ٻڌايو آهي ته جڏهن سنڌ ۾ ڪا هندو ڇوڪري لڄالُٽ جو شڪار ٿيندي آهي ته سنڌي اخبار ان جي متعلق ٻن ڪالمن واري خبر شايع ڪندا آهن ۽ بعد ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا آهن ۽ اِهو پڻ نه ٻڌائيندا آهن ته ڏوهاري گرفتار ٿي سگهيا يا نه.

گذريل سال ڊسمبر جي مهيني ۾ جڏهن ٿرپارڪر جي علائقي ننگر پارڪر ۾ ڪستوري ڪولهي نالي ڇوڪري سان ريپ ٿيو ته پرنٽ ميڊيا ان جي متعلق صرف ٻه سٽون شايع ڪرڻ بعد اِهو مسئلو پڻ وساري ڇڏيو. هلندڙ سال جي شروعات ۾ جڏهن هر جي لال سنديش اخبار شايع ڪيو ته ڪستوري جي ڪهاڻي کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ وڏي سُرخي شايع ڪيائين ۽ اقليتي سياستدانن ۽ انتظاميا کي اخبار جون ڪاپيون پڻ موڪليائين جنهن کانپوءِ ميڊيا هڪ ڀيرو ٻيهر ان مسئلي جي متعلق آواز بُلند ڪيو ۽ انتظاميا هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳيو ڪيس کولڻ لاءِ مجبور ٿي وئي.

ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ميرواهه گورچاڻي شهر ۾ ٽيڪم نالي هڪ هندو سندس ٽن ڌيئرن کي قربان ڪري آپگهات ڪيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ان خبر جي وڌيڪ ڪوريج نه ڪئي پر سنديش هندن جي دلت ذاتن ۾ وڌندڙ جهالت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو.

سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 20 لک هندو آباد آهن جن مان 12 لک کان وڌيڪ هندو سنڌ ۾ آباد آهن. ”هر جي لال“ چيو آهي ته سنڌ ۾ هندن جي لاءِ تمام وڏا مسئلا موجود آهن. مسلمان هميشه اسانکي شڪ جي نظر سان ڏسندا آهن، خاص ذاتن وارا هندو به ذات تي يقين رکندا آهن پر پاڻ دلت ذاتن ۾ به اهڙا مسئلا آهن. ميگهواڙ ڪولهي کي پاڻ کان ادنيٰ سمجهي ٿو ۽ ڪولهي ڀيل سان ماني کائڻ لاءِ راضي ناهي. هر جي لال چيو آهي ته سنديش جو بنيادي مقصد هندن مان اِهو احساس ختم ڪرڻ آهي. سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي اخبار ۾ پنهنجي مذهب جو ذڪر نٿو ڪري بلڪ هندو نوجوانن ۾ سياسي قابليت آڻڻ جو جتن ڪري رهيو آهي.

سنديش اخبار شايع ڪندڙ ٻه رُڪني ٽيم جي ٻي ميمبر مڪيش ميگهواڙ چيو آهي ته قيام پاڪستان کانپوءِ ڪڏهن به ڪو دلت هندو ڪنهن ملڪ دشمن ڪارروائي ۾ ملوث ناهي پر اڃان تائين هندن کي غدار سمجهيو وڃي ٿو. سندس چوڻ آهي ته بابري مسجد هندستان ۾ ڊاهي وئي پر ان جو ملبو پاڪستاني هندن تي ڪرندو آهي.

مڪيش موجب پاڪستان ۾ هندن جي متعلق غلط فهمي ختم ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي اخبار ۾ هندن جي مسئلن متعلق مسلمان صحافين کان مضمون لکرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هر جي لال ۽ مڪيش گڏجي ڪري اخبار شايع ڪرڻ لاءِ پاڻ خرچ ڪري رهيا آهن يا وري دوستن کان چندو وٺي ڪري اخبار شايع ڪندا آهن هر جي لال ٻڌايو آهي ته اقليتي سياستدانن کين آفيس ۽ ڪمپيوٽر ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي پر انهن کان سهولتون وٺڻ کانپوءِ اسانکي سندن پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو جڏهن ته اسين سنديش کي هڪ آزاد اخبار جي طور تي ڏسڻ چاهيون ٿا.

هندو ڪميونٽي جو ڌار اخبار شايع ٿيڻ بدران پاڪستان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ هندن جا مسئلا بيان ڪندي ته پوءِ اسانکي ڌار اخبار شايع ڪرڻ جي ضرورت پوندي؟ ٿرپارڪر ۾ ترقياتي ڪم ڪندڙ دانشور ڊاڪٽر کاٽاؤ مل چيو آهي ته ”هڪ دور هو جڏهن اسين سمجهندا هئا سين ته سڄي دنيا هڪ جهڙي آهي پر فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ بعد اسانکي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻي آهي ته پوءِ انهن جي لاءِ ڌار اسڪول هجڻ لازمي آهي. جڏهن اسين مختلف ڪمن لاءِ ڪميٽيون تشڪيل ڏيندا آهيون ته دلت برادري جي ڌار ڪميٽي ٺاهيندا آهيون ڇاڪاڻ ته اعليٰ ذات وارا هندو ادني ذات وارن هندن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڪونه ڏيندا آهن.

ڊاڪٽر کاٽاؤ مل چيو آهي ته هندو ڪميونٽي لاءِ اخبار شايع ڪرڻ جو مشورو بهتر آهي پر پاڪستان ۾ اخبار مرچ مصالحي سان هلندا آهن. هندن جو اخبار سنديش شايع ڪرڻ لاءِ اسانکي به ساڳئي حڪمت عملي تي عمل ڪرڻو پوندو.