سلطان محمود ڪوڪلتاش


سلطان محمود ڪوڪلتاش(انگريزي: Sultan Mehmood Kokaltash) سلطان محمود بن مير فاضل بن خواجه عادل بن خواجه احمد اصفهان ۾ رهندو هو، امير تيمور جڏهن اصفهان فتح ڪيو هو، ان وقت خواجه احمد صغير هو، سندس ڏاڏي امير حسن هن جي پرورش ڪئي، جواني ۾ پهچڻ کان پوءِ خواجه احمد، تيموري خاندان سان وابسته ٿي ويو، بکر فتح ڪرڻ وقت سلطان محمود جي عمر 12 سال هئي، جڏهن هن پنهنجي پيءُ مير فاضل سان گڏجي بکر فتح ڪيو هو، هن جي فوجي قابليت کي ڏسي شاهه بيگ ارغون مٿس مهربان ٿيو ۽ پيءُ جي مئي کان پوءِ بکر مٿان نائب ٿيو، ميرزا شاهه حسن جيسين جيئرو رهيو، تيسين ساڻس فرمانبردار رهيو، شاهه حسن گجرات تي ڪاهڻ وقت سلطان محمود کي پاڻ سان وٺي ويو هو[1] . سلطان محمود جي قابليتن کي ڏسي ميرزا شاهه حسن هن کي بکر جي نائبي ڏني هئي، شاهه طهما سپ صفوي جنهن 1547ع ۾ همايون کي مدد ڏني هئي، تنهن سلطان محمود ڏانهن جهنڊو، نقارو، خلعته روانا ڪيا. 979ھ ڌاري شاهه طهما سپ ٻيو دفعو سلطان محمود ڏانهن تحفا مڪا ۽ ”خان جو خطاب“ ڏنائين، ٽيون دفعو کيس ”خان خانان“ جو خطاب ڏنائين، همايون کان پوءِ اڪبر اعظم اُچ تائين پرڳڻا سندس حوالي ڪيا[2].

سلطان محمود
ڪوڪلتاش
پيدائش محمود
اصفھان
شھرت جو ڪارڻ بکر جو حاڪم
ماءُپيءُ مير فاضل بن خواجہ عادل

سلطان جي ڌيءَ جي اڪبر بادشاھ سان شادي سنواريو

اڪبري اقبال اوج تي پهتل هو، هندستان جا راجائون ۽ نواب اڪبري اقبال جي سايه هيٺ اچي چڪا هئا، سلطان محمود هينئر پوڙهو هو. کيس هڪڙي نياڻي اولاد هو، جنهن جي شاديءَ ڪاڻ هن اڪبري درٻار کي درخواست ڪئي هئي، جا شهنشاهه اڪبر منظور ڪري، حرم ۾ قبول ڪري اعتماد خان کي بکر ڏانهن روانو ڪيو ۽ چار هاٿي ۽ سوني سنج سان گهوڙو ۽ جڙائدار ترار سلطان محمود ڏانهن تحفا روانا ڪيا. شهنشاهه جي غير حاضري ۾ سلطان محمود جي ڌيءَ سان شرعي طريقي سان شادي ۽ نڪاح خواني جي رسم ادا ڪئي ويئي. اعتماد خان ڪنوار کي اجمير ڏانهن وٺي روانو ٿيو، جتي شهنشاهه منزل انداز هو.[2].

وفات سنواريو

اڪبر بادشاھ گيسو خان کي بکر مٿان نائب ڪري مڪو پر هن جي پهچڻ کان اڳ 982ھ ۾ سلطان محمود وفات ڪئي ۽ مير معصوم جي مناري جي سامهون واري ٽڪريءَ تي دفنايو ويو.[2].قبر پڪين سرن سان جڙيل هڪ چبوتري تي آهي. تقسيم برصغير کان اڳ هندن انهيءَ ٽڪريءَ جي ڀر ۾ جايون جوڙايون ۽ چبوتري کي ڊاهڻ لاءِ هڪڙيءَ ڪنڊ جون سرون ڪڍيائون ته ڪي لاش ڪفن ۾ ويڙهيل صحيح سالم ستل نظر آيا. مسلمانن انگريز ڪليڪٽر کي پڪار ڪئي، جنهن چبوتري کي ڊاهڻ کان منع ڪئي. چبوتري جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي مسجد آهي، جنهن جي مهاجرن تعمير ڪرائي آهي. اڳ مسجد جي حالت زبون هئي. سلطان محمود 84 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.[2]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. گجرات جي مظفريه سلطان محمود شاه ثاني هڪ لک روپيا ميرزا شاهه حسن ۽ ٽيهه هزار سلطان محمود کي ڏيئي کانئن جند ڇڏائي هئي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽه: تاريخي معصومي، ص 163.
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ