سلطان محمود خان (انگريزي: Sultan Mahmood Khan)نهنجي پيءُ جو جانشين ٿيو ۽ سندس سڀ ڪم رضي محمد نائب جي صورت ۾ ڪندو هو. 1135ھ ۾ سيف الله خان ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ عبدالسميع ان جي نائب جا فرض انجام ڏيندو رهيو.[1].ان کانپوءِ مهابت خان جي پٽ سلطان محمود کي ٺٽي جو ناظم ڪيو ويو پر انتظام نه هلائي سگهيو ۽ سڄو مالياتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، تنهن ڪري ماڻس 1036ھ تي رضي محمد خان کي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ موڪليو پر ٻئي سال ئي سلطان محمود کي ان عهدي تان لاٿو ويو ۽ نواب سيف الله کي ٺٽي جي صوبيداري ڏني ويئي. نواب سيف الله پنهنجي پاران سانور قوم جي عبدالسميع کي نائب ڪري ٺٽي موڪليو ۽ هو 1137ھ تائين حڪومت هلائيندو رهيو[1].

سلطان محمود خان
ٺٽي جو مغل گورنر
1134ھ کان 1135ھ تائين
پيشرو مھابت خان بھادر
جانشين عبدالسميع خان
ريجنٽ محمد شاھ
مذھب اسلام

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي