سلاد سبزين، ميون، ۽ ڪجهه ھٿرادو کاڌن جي ميڙ کي چيو ويندو آھي جن کي عام طور تي کاڌي کان اڳ کاڌو ويندو آھي. سلاد کي مزيدار بڻائڻ جي لاءِ ان ۾ ملايون تيل، مصالحا پڻ شامل ڪيا وڃن ٿا. سلاد جا ڪيترائي قسم آھن.

سلاد


هيءَ انگريزي ڀاڄي جنهن کي انگريزيءَ ۾ سالڊ يا ليٽُيوس، ۽ پارسيءَ ۾ ڪاهُو چوندا آهن، سا هاڻ پوکڻ ۽ کائڻ ۾ اچي ٿي: هن جا ٻه قسم آهن. هڪڙو گوبيءَ وانگي پکڙيلن پنن سان ٿئي ٿو، ٻيو اُڀن پنن سان. هيءَ ٻين ڀاڄين وانگي رڌي به کائيندا آهن ۽ ڪچي به کائيندا آهن. پن پٽي سرڪي يا سڪنجبين سان لائي کائيندا آهن. هيءَ ڀاڄي سيپٽمبر ۾ پوکڻ شروع ڪجي ۽ جنوريءَ تائين پوکي سگهجي ٿي. هن جو ٻج تمام ننڍو ٿو ٿئي ۽ بعضي بعضي ته پوکڻ کان پوءِ مهينو ٻه زمين ۾ پيو رهندو آهي، پوءِ ڦٽندو آهي. هن کي ڳاڙهيون ماڪوڙيون ۽ ٻيا جيت گهڻو زيان ڪندا آهن. تنهنڪري ڪي ماڻهو ٻج هڪڙيءَ ڪونڊيءَ ۾ پوکي، اها وري ٻيءَ وڏيءَ ۾ رکندا آهن، جنهن ۾ پاڻي وجهي ڇڏيندا آهن. زمين ۾ پنن جو ڀاڻ ۽ واري ملائڻ گهرجي. ٻه جوڙا پنن جا ڪڍن ته ٽپائي زمين ۾ هڻجن ۽ هڪڙو ٻوڙو ٻئي ٻوڙي کان اٺن ڏهن انچن جي وڇوٽيءَ تي رکجي. ڪي ڪي ٻج ڇٽيندا به آهن. ڪي ٻوڙا ٻج ڪرڻ لاءِ رکي ڇڏجن ته به چڱو آهي. نِير جو ڪچرو هن لاءِ چڱو ڀاڻ چوندا آهن. ڏاڍيءَ اُس کان هن کي پناهه ڏيڻ بهتر آهي. سخت مينهن ۽ واءُ چڱو نه اٿس.[1]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو