سقراطي مڪالمو (انگريزي:Socratic Dialogue) ادبي نثر جي ھڪ صنف جو نالو آهي جيڪا چوٿين صدي قبل مسيح جي خاتمي وقت يونان ۾ اسري ھئي، جنھن کي سقراط جي شاگردن افلاطون ۽ زينوفون پنھنجي لکڻين ۾ محفوظ ڪيو جن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪردارن کي پاڻ ۾ اخلاقي ۽ فلسفياڻي مسئلن تي بحث ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو سقراطي طريقي واري بحث جو ھڪ مثال آهي. انھن مڪالمن ۾ مرڪزي ڪردار سقراط جو آھي ۽ اھي ڊرامائي انداز ۽ بيان واري طريقي سان لکيا ويا آهن. افلاطون لڳ ڀڳ 30 سقراطي مڪالمه لکيا جن مان لڳ ڀڳ سڀني ۾ مرڪزي ڪردار سقراط جو آھي. افلاطون جو آخري سڀ کان ڊگھو لکيل مڪالمو افلاطوني قانون ۽ زينوفون جو ھائيرو نالي وارو مڪالمو سقراط جي ڪردار نہ ھوندي بہ سقراطي مڪالمي واري صنف ۾ شمار ٿين ٿا جن ۾ ھڪ ڏاھي کي بحث ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.