سقراطي اسلوب يا سقراطي طريقو (انگريزي:Socratic Method) فردن جي وچ ۾ باھمي تعاون واري دليلن واري مڪالمي جو ھڪ نمونو آھي جنھن ۾ تنقيدي سوچ جي پذيرائي ڪندي سوالن ۽ جوابن ذريعي نہ رڳو بنيادي فڪر يا نظريي کي اخذ ڪيو ويندو آهي پر بنيادي تجزيي جي تشڪيل پڻ ڪئي ويندي آهي. ان اسلوب يا طريقي جو نالو يوناني ڪلاسيڪي فلسفي سقراط جي نانءُ تي رکيو ويو آهي ۽ اھو پھريون دفعو افلاطون پنھنجي 369 ق م ۾ لکيل مڪالمي ٿيئيٽيٽس ذريعي متعارف ڪرايو. سقراطي اسلوب متضاد مفروضن جي سڃاڻپ ڪري انھن کي ختم ڪري انھن جي جاء تي بھتر مفروضا ڏيڻ وارو طريقو آهي. ھي طريقو عام طور تي سمجھيو ويندڙ سچ جي جاچ ڪري ٿو جن جي بنياد تي عقيدا جوڙيا ويا آهن، ۽ انھن عقيدن جي ٻين عقيدن سان ھڪجھڙائي کي پڻ جاچي ٿو. ان طريقي جو بنيادي نمونو سوالن جو ھڪ اھڙو سلسلو آهي جنھن کي منطق جي چڪاس مطابق جوڙيو ويو آهي جنھن سان ڪنھن بہ ماڻھو يا گروھ جي مختلف موضوعن تي عقيدن جي دريافت ٿيڻ، انھن جي تعريفن ۽ عام خصوصيتن جي تعين ۾ مدد ملي ٿي.

حوالا سنواريو