سفارتي ناچاڪي يا ڊپلو مئٽڪ اِل نيس (Diplomatic Illness) ڪنهن خاص قسم جي تقريب ۾ شامل ٿيڻ کان نٽائڻ، مليل دعوت ۾ اچڻ کان لنوائڻ ۽ ڪنهن به سڏايل ميڙ ۾ پنهنجو موقف ڏيڻ کان پاسيرو رهڻ جي شعوري ڪوشش سبب، گهڻو ڪري سفارتڪار پنهنجي ”ناچاڪيءَ ”جو بهانو گهڙي وٺندا آهن. اها حڪمت عملي اختيار ڪندي سفارتڪار پاڻ کي غير ضروري ڏچن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان لاءِ ٻيو اصطلاح ”سفارتي ڪن لاٽار“ (Deafness Diplomatic) به استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن مطابق تجربيڪار سفارتڪار جڏهن ڪنهن به قسم جي معاملي يا ڳالهه کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان بابت تبصري کان پلئه آجو ڪرڻ گهرندا آهن، ته حلقي ۾ موجود هوندي ۽ بيان ٿيل ڳالهه ٻڌندي به نه ٻڌڻ جو تاثر ڏيئي يعني ُٻڌي اَڻ ٻُڌي ڪري جُند ڇڏائيندا آهن.[1]