سفارتي آداب (Sifaarati aadaab) يا پروٽڪول (Protocol) سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح آهي، جيڪو اصل ۾ هڪ اهڙو ضابطو آهي، جنهن ذريعي ڪنهن به ڏنل ذميواريءَ کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ان جي طريقي جو اڳواٽ تعين ڪري ٿو ۽ سونپيل ذميواريءَ جي سرانجاميءَ بابت اهم تفصيلن کان آگاهي ملي ٿي. هونئن ته اهو ضابطو سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ڌُرين وٽ عام جام استعمال ٿئي ٿو، پر خاص طرح حڪومتي سطح تي سفارتڪارن طرفان وڏين روايتن/آدابن ذريعي سرانجام ڏنوويندو آهي. ”پروٽڪول“ اڻ لکيل هدايتن جي صورت ۾ بجا آڻبا آهن ۽ رياست ۽ سفارتڪاريءَ جي معاملن کي هلائڻ لاءِ عام طور تي قابل قبول رويي جي وضاحت ڪندا آهن ته ڪيئن هڪڙي رياست جي سربراهه، سفارتڪار، عملدار يا ايلچيءَ جي سندس مرتبي ۽ عهدي مطابق عزت افزائي ڪئي وڃي. اهڙي قسم جي صحيح طور طريقن جي، سليقي سان طئي ٿيل قاعدن، دُنيا جي قومن وچ ۾ هڪٻئي سان مهذب انداز ۾ ورتاءُ ڪرڻ ۽ معاملا طئي ڪرڻ واري عمل کي تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي.

ٻئي حوالي سان ٻن رياستن وچ ۾ سياسي ۽ سفارتي طور تي ڪوششون وٺي، ڪنهن به معاملي تي ذميواريون نڀائڻ يا مخصوص حد بنديون هڻڻ جي عمل کي به ”پروٽڪال“ چيو وڃي ٿو. هي هڪ اهڙو قدم آهي، جنهن سان دنيا کي مستقبل ۾ ڪنهن امڪاني نقصان کان بچائي سگهي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ رسمي طور تي جيڪي معاهدا يا عهد ناما ٿين ٿا، ”پروٽڪال“ انهن کان ڪجهه نرم ۽ گهٽ سختيءَ وارو قانون هجي ٿو، پر 1920ع ۾ جنيوا ۾ بين الاقوامي انصاف واري عدالت (ICJ) جي قائم ٿيڻ سان، ”پروٽڪال“ کي پڻ ڪنهن به معاهدي جي برابر حيثيت ڏني وئي آهي. 1997ع ۾ گڏيل قومن طرفان ڌرتيءَ جي ماحول جي بچاءَ ۽ گرمي پد واڌ کي روڪڻ لاءِ، جپان جي شهر ”ڪيوٽو“ ۾ سڏايل عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ 15 سالن جي عرصي لاءِ هڪ ”پروٽڪال“ ترتيب ڏنو ويو، جنهن تحت ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن کي پابند ڪيو ويو، ته اُهي پنهنجن علائقن ۾ ايتريون گهڻيون صنعتون نه هڻن، جن سان ڪار بان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين زهريلين مادن جو اخراج وڌي وڃي ۽ دنيا جو ماحول تمام گهڻو گدلو ٿي وڃي . ان سهمتيءَ کي ”ڪيوٽو پروٽڪال“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سفارتي لحاظ کان طئي ٿيل ”پروٽڪال“ جو مانُ رکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ”پروٽڪال“ هميشه گڏيل ڪوششن سان ڪامياب ويندو آهي. ”ڪيوٽو پروٽڪول“ اڄ تائين انهيءَ ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، جو انهيءَ ۾ صنعت ڪاريءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌي ويل ملڪن جو ساٿ ۽ سهڪار شامل نه آهي.[1]