امپيريل ڪاليج جي ذهني غذا جي پروفيسر مائيڪل ڪرافرڊ (Prof. Michael Crawford) پنهنجي پريزينٽيشن ۾ اڳڪٿي ڪئي ته ٽن پيڙهين گذرڻ کانپوءِ انساني سماج مان انسانيت ختم ٿي ويندي. ان جو مُکيه  سبب هن ٻڌايو ته زندگي پاڻي ۾ وجود ورتو ۽ ان جي غذائي گهرجون به سمنڊ ۽ پاڻي جي ٻين ذريعن ۾ موجود خوراڪ جي استعمال مان مناسب پورائو ٿئي ٿو. سامونڊي خوراڪ نه ملڻ جي ڪري انساني ميڄالي جي غذائي گهرجن جو پورائو نه ٿو ٿئي. جنهن ڪري انساني ميڄالي جو سراسري وزن هڪ صدي ۾ 1.7 ڪلو گرام مان گهٽجي 1.4 ڪلو گرام ٿي پيو آهي. جنهن جو تفصيلي ذڪر هن پنهنجي لکيل ڪتاب ”سسندڙ دماغ“ The Shrinking Brain ۾ ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته انسانن مان ياداشت جي قوت، سھپ جي سگھ، ٻين لاءِ احساس، سماجي، شهري ذميواريون ۽ ٻيا مڙيئي انساني گڻ  وقت گذرڻ سان گڏوگڏ گھٽجي رھيا آھن ۽ اھا ڏاڍي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي. ان صورتحال کي روڪڻ ۽ ٺيڪ ڪرڻ بابت سندس ڏسيل نبيرا به ان ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهن.</ref>Book: The Shrinking Brain, Author: Prof. Michael Crawford <ref>