سرينام ۾ علامتي اسرائيلي رياست

سورهين صدي عيسوي (Sixteenth century) جي منڍ ۾ اسپين ۽ پورچيگال جي عيسائي ڪٽرپسند رياستن يهودين کي ڏاڍ جي زور تي عيسائي ٺاھڻ شروع ڪري ڏنو. ان ڏاڍ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي يھودين پنھنجي جان بچائڻ جي لاءِ پنھنجا ڪيٿولڪ نالا رکي ڇڏيا ۽ موقعو ملڻ تي انھن ڪٽر رياستن مان لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني ڇڏي.

ان ئي سلسلي جي ڪڙيءَ طور وڏي انگَ ۾ يهودين هالينڊ ڏانھن لڏپلاڻ پڻ ڪئي هئي. جتي ولنديزي بادشاھ انھن کي پاڻ وٽ پناھ ڏني هئي. ائين يهودين جو چڱو خاصو انگ ايمسٽرڊيم ۾ اچي آباد ٿيو هو. جنھن علائقي ۾ يهودي اچي آباد ٿيا اھو اھو علائقو جورڊن (اردن) سڏجي ٿو. سيفارڊڪ يهودين جو هڪ طبقو زراعت سان لاڳاپيل هو. جنهن وقت سرينام برٽس ڪالوني هئي. ان وقت انگريزن ڪمند جي پيداوار جي لاءِ سيفارڊڪ ۽ اشڪنازي يهودين کي سرينام جي دريا جي ڪناري آباد ڪيو. انھن يهودي آبادڪارن مقامي ۽ آفريڪي غلامن جي ذريعي ان علائقي جي زمين کي آباد ڪيو هو.

سرينام جي گھاٽن جھنگن ۾ پناھ ورتل علام/باغي (آزادي پسندَ)، يهودي آباديءَ تي لڳاتار ڪاھون ڪندا رھندا ھئا ته پوءِ برطانوي ۽ پوءِ ڊچ نوآبادياتين انھن يهودين کي ملئيشيا قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

سرينام (Suriname) ۾ آباد ڪيل يهودين پوءِ اُتي سيناگوگ قائم ڪيو. پنھنجون شرعي عدالتن جو نظام قائم ڪيو ۽ سرينام ۾ پھريون اسڪول ۽ پھريون شهر (تورا ريڪا) جو بنياد وڌو. تنھنڪري کي ان کي دنيا جي پھرين علامتي يهودي رياست به چئي سگھجي ٿو. پر يهودين جي ان پھرين رياست علامي يهودي رياست ۾ فرقي واريت به تمام گھڻي هئي. سيفارڊڪ ۽ اشڪنازي يهودي هڪ قبرستان ۾ به دفن ٿيڻ پسند نه ڪندا هئا ۽ نه ئي پاڻ ۾ وھانءَ (شاديون) ڪندا هئا.[1]

  1. Jodensavanne, National Monument, 1665