سُريا ديوي (715ع ۾ وفات پاتي)، سنڌ جي ھڪ ڀارتي ھندو راجڪماريا هئي. جيڪا سنڌ جي راجا ڏاهر جي ڌيءُ هئي. ھن کي محمد بن قاسم جي اڳواڻي ھيٺ اميه فوج جي فتح دوران جنگي مال غنيمت طور قيد ڪيو ويو ھو ۽ سندس ڀيڻ سان گڏ خليفي سلمان بن عبدالملڪ ڏانهن غلام طور اماڻيو ويو. روايتي ڪهاڻي مطابق، هن خليفي کي قائل ڪيو ته محمد بن قاسم کي ڦاهي ڏياري، جيئن پنهنجي والدين جو بدلو وٺي سگهي، ۽ پوءِ خليفي جي حرم مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۽ پنهنجي ڀيڻ کي ڦاسي ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي.

سريا آرڙ جي مهاراجا، راجا ڏاهر جي وڏي ڌيءُ هئي.

711عيسوي ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي راڄڌاني تي حملو ڪيو ويو. ان جنگ ۾ سُريا ديوي جو پيءُ راجا ڏاهر، اروڙ جو جنگ ۾ مارجي ويو، جيڪا موجوده نوابشاهه جي ويجھو سنڌو درياهه جي ڪناري تي عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ وڙهي وئي. جنگ ۾ راجا ڏاهر جو سر وڍي، بسرا جي گورنر حجاج بن يوسف ڏانهن اماڻيو ويو.

راجا ڏاهر جي زال راڻي ٻائي، راوڙ جي قلعي ۾ عرب فوجن خلاف مزاحمت ڪئي. جڏهن هن محسوس ڪيو ته هوءَ عربن کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام وئي، ته هن جوهر جو رسم ادا ڪندي خودڪشي ڪري ڇڏي. جڏهن برهمڻ آباد شهر عربن جي قبضي ۾ آيو، ته راجا ڏاهر جي ٻي زال، راني لاڏي کي راجا ڏاهر جي ٻن ڌيئرن، سُريا ديوي ۽ پرمل ديوي سان گڏ قيد ڪيو ويو. قبضي ڪرڻ کانپوءِ، محمد بن قاسم، راڻي لاڏي کي پنهنجي "بندي" يعني نڪاح ذريعي جنسي غلام بڻايو، جڏهن ته ٻنهي ڪنوار ڌيئرن، سُريا ديوي ۽ پرمل ديوي کي اڃا شادي شده نه هجڻ سبب خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي حرم ۾ اماڻيو ويو، جيئن خليفو راجا ڏاهر جي نياڻين کي پنهنجي جنسي استعمال ۾ آڻي سگهي.

چچ نامو هڪ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ سُريا ديوي محمد بن قاسم جي موت ۾ ڪردار ادا ڪيو. روايت مطابق، جڏهن خليفو سوريا ديوي سان جنسي زيادتي ڪرڻ جي ارادي سان وٽس پهتو، ته سوريا ديوي کيس ٻڌايو ته محمد بن قاسم اڳ ئي هن ۽ سندس ڀيڻ سان جنسي ڏاڍائي ڪئي آهي. اهو ٻڌي خليفو محمد بن قاسم کي سخت سزا ڏيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ۽ کيس ٻڪريءَ جي کل ۾ سبي، شام اماڻڻ جو چيو، جنهن سبب رستي ۾ محمد بن قاسم دم گھٽڻ ڪري فوت ٿي ويو. هن واقعي جو مقصد ٻڌايو ويو آهي ته سُريا ديوي ۽ سندس ڀيڻ پنهنجي پيءُ جي موت جو بدلو وٺڻ چاهين پيون.

خليفي جڏهن محمد بن قاسم جي لاش کي سُريا ديوي کي ڏيکاريو ته کيس ٻڌائي ته جيڪو خليفو جي حڪم جي نافرماني ڪندو، اهو اهڙي انجام تائين پهچندو، تڏهن سوريا ديوي خليفي کي ٻڌايو ته هن ڪوڙو بيان ڏنو هو، ڇو ته هوءَ ۽ سندس ڀيڻ اموي حرم ۾ غلام بڻجڻ نٿي چاهيون ۽ پيءُ جي قاتل کان بدلو وٺڻ جي خواهشمند هيون.

ان حقيقت کي سمجهي، خليفو پشيماني ۾ ڀرجي ويو ۽ حڪم ڪيو ته ٻنهي ڀينرن کي ديوار ۾ زنده دفن ڪيو وڃي.