سرو (وڻ)
سرو وڏو وڻ پنن جي سونهن ۽ قد جي کڙائيءَ ڪري مشهور آهي ۽ گهڻن هنڌن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي تمام گهڻو ٻج جهلي ٿو، جو فيبروريءَ مارچ ۾ پوکبو آهي پر ٻج ڦٽڻ ۾ گهڻو وقت وٺندو آهي، تنهنڪري جنهن ڪونڊيءَ ۾ هجي تنهن جي گهڻي چُرپُر نہ ڪجي. سڀ ڪنهن زمين تي ٿيندو. هن کي انگريزيءَ ۾ سائپريس چون ٿا. هي وڻ لئي يا آسرنهن جي جماعت مان آهي.[1]
قسم
سنواريوهن جا عمدا قسم چين ۽ ڀوٽان مان ايندا آهن. هن جي هڪڙي قسم کي ويپنگ سائپريس (يعني رئندڙ سرو) چون ٿا. هي سٺ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو. هن وڻ کي انگريز ماڻهو ماتم جي نشاني سمجهندا آهن ۽ اڪثر قبرستانن ۾ رکندا آهن. ايران ۾ هي وڻ قد جي سنوت لاءِ مشهور ۽ پسند آهي، جنهن ڪري سروسهي چوندا اٿس.
هن جو هڪڙو قسم، جنهن کي ولايتي سرو چوندا آهن، سو بنگال، ملايا ۽ آسٽريليا ۾ عام آهي. انهيءَ کي پن ڪو نه ٿئي، رڳو سايون ٽاريون اٿس. اهو جهنگلي ٿيندو آهي. چون ٿا تہ هوا کي صاف ڪرڻ جي منجهس خاصيت رکيل آهي.[1]
لئي جي ذات مان ٻيا بہ ڪي قسم هندستان ۾ پيدا ٿين ٿا. خاص ڪري ٽڪرن ۾ هڪڙي کي انگريزيءَ ۾ ويپنگ ولو (يعني رئندڙ لئو) چون ٿا. هي گهڻو پاڻي گهري ٿو. هي جٽاءُ بہ ٿورو ڪندو آهي. قلم برسات جي موسم ۾ لڳندا اٿس. سرو جي هڪڙي قسم کي سرو آزاد چون ٿا، جنهن کي انگريزيءَ ۾ سيڊرٽري چون ٿا. لئي کي سنڌيءَ ۾ آسرنهن بہ چوندا آهن ۽ سندس گل کي ڪُنگو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.