سوانح سنواريو

جيئي سنڌ جو اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ (جسم) جو اڳوڻو چيئرمين سرور سهتو 80ع واري ڏهاڪي ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ فزيڪل ٽريننگ جو انچارج هيو. مسلم هاسٽل ۾ ٻين ماڙ تي سندس گهر هئو. گهر ڇا هو جو سموري جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ اڻ اعلانيل آفيس هئي.

جيئي سنڌ لطيف ٻارڙا سنگت سنواريو

نئين تنظيم سازيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ شاگردن، پورهيتن ۽ عورتن جا ذيلي فرنٽ به رکيا، ان سان گڏ اها راءِ به آئي ته اسڪولي سطح کان ٻارن ۾ قومي شعور ۽ تنظيم بابت ساڃاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ذيلي فرنٽ به ٺاهجي، ان وقت چڻنگ سنگت جي نالي سان ٻارن جي هڪ تنظيم ناز سنائي هلائيندو هئو جنهن جو لاڳاپو به جي ايم سيد جي سوچ سان هئو، محاذ ان تنظيم کي پنهنجو ذيلي فرنٽ بڻائڻ جي رِٿ ڏني پر ناز سنائي ان ڳالهه سان سهمت نه ٿيو.[1] تنهن کان پوءِ سرور سهتي (Sarwar Sahito)، جيئي سنڌ جي اسڪولي ٻارن لاءِ تنظيم، جيئي سنڌ لطيف سنگت (Jeay Sindh Latif Bbaarirra Sangat) قائم ڪئي. جنهن جو جي ايم سيد کيس نگران مقرر ڪيو. توڻي جو ان وقت سرور سهتو، جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ هئو پر پوءِ به هن پنهنجي هن قومي ذميواري کي ڀرپور نموني سان نڀايو ءِ سڄي سنڌ جي مک هاءِ اسڪولن ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگ (ج.س.ل.س) جون شاخون کوليائين. سندسن نگراني ۾ جيئي سنڌ جي ٻارڙن جي هن تنظيم مان جمال ناصر بلو، سوجهرو سنڌي، عرفان مهدي، ليمون مل سنڌي، شهيد منير خان چولياڻي، رياض چانڊيو، سليم حيدري، گل سنڌي، امير حمزو انڙ جهڙا مک قومي ڪارڪن پيدا ٿيا.

جيئي سنڌ محاذ جي شروعاتي سالن ۾ مرڪزي ادارو سپريم ڪائونسل 9 ميمبرن تي مشتمل هوندو هئو جنهن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ست ميمبر چونڊبا هئا، (ذيلي فرنٽن جا نمائندا ان کان علاوهه هئا)، ابتدائي ڪم هئڻ سبب گهڻو ڪري اهي سڀ صلاح مشوري ۽ اتفاق راءِ سان منتخب ٿيندا هئا، اڳتي جڏهن ڪم وڌيو ۽ ميمبرن جو تعداد به وڌيو ته فطري طور خيالن جو فرق به سامهون اچڻ لڳو ۽ هر جمهوري پارٽيءَ وانگر محاذ ۾ به مختلف سوچن وارا گروپ وجود وٺڻ لڳا، 1991ع جي پارٽي چونڊن ۾ انهن گروپن ۾ مقابلي جي صورت بڻجي آئي، گڏيل صلاح ۽ عبدالواحد آريسر جي راضپي سان طئي ٿيو ته ان دفعي چيئرمين تبديل ڪيو وڃي ۽ ان تي به سهمت ٿياسين ته وائيس چيئرمين سيد غلام شاهه کي چيئرمين ڪيو وڃي، ان جي نتيجي ۾ وائيس چيئرمين جو عهدو خالي ٿيو، جنهن تي پهريون دفعو باقاعدي ۽ ڀرپور نموني مقابلو ٿيو، ويجهڙائيءَ ۾ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان پارٽيءَ ۾ ايندڙ دوستن جي گروپ آصف بالاديءَ کي بيهاريو، جڏهن ته اسان جي ترقي پسند گروپ جو اميدوار سرور سهتو هئو، 14 سالن تائين اڻ تڪراري چيئرمين رهندڙ عبدالواحد آريسر جي حمايت به آصف کي حاصل هئي، پر پوءِ به سرور سهتو وڏي وٿيءَ سان وائيس چيئرمين چونڊجي ويو.

1993ع ۾ جيئي سنڌ محاذ کي مڪمل طور کليل سياسي پارٽي بڻايو ويو ۽ آئين ۾ تبديلي آڻي مرڪزي سطح تي مڪمل باڊي ٺاهي وئي، چيئرمين جي عهدي تي ان وقت طاقتور ادارن جي قيد ۾ بند عبدالواحد آريسر کي آڻڻ تي اتفاق ٿيو ۽ جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ سرور سهتو منتخب ٿيو، 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ ”پراڻي تنظيم ڪاري“ ٽوڙي ”نئين تنظيم ڪاريءَ“ جو هُل هنگامو شروع ٿي ويو، ان وقت عبدالواحد آريسر سميت ڪيترا سينيئر اڳواڻ پنهنجي هم خيال ساٿين سان گڏ جيئي سنڌ محاذ کي ”ٽوڙڻ“ جو يڪطرفو اعلان ڪندي، نئين پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويا، پر ڪارڪنن جي گهڻائي جيئي سنڌ محاذ کي بحال رکڻ ۽ نئين سر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته سرور سهتو ان فيصلي جو حصيدار هئو ۽ ان مشڪل دور ۾ پارٽيءَ کي متحرڪ رکڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. وري جڏهن 2001ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ ڌڙا بندي ٿي ته سرور، زين شاهه واري گروپ سان شامل رهيو، اڳتي هلي زين شاهه ان پارٽيءَ کي ڇڏي ويو ته سرور سهتو ان جو سرواڻ ٿيو، جنهن حيثيت ۾ ئي 6 نومبر 2016ع تي هن دوستن، ساٿين ۽ عزيزن کان سدائين لاءِ موڪلاڻي ڪئي. http://awamiawaz.com/80811/

پروفيسر سرور سهتو تمام پڙهيل ڳڙهيل، پڙهائي لکائي وارو ءِ ٿڌي طبيعت وارو انسان هيو. حيدرآباد شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ جيئي سنڌ کي منظم ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين به رهيو.

لاڏاڻو سنواريو

پروفيسر سرور سهتو، آچر جي ڏهاڙي، 11 نومبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. [2]

حوالا سنواريو

  1. http://awamiawaz.com/80811/
  2. سرور سهتي جو وڇڙو | Indus Asia Online Blog, وقت 2018-09-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-06