سرندو به ٻين سازن وانگر سنڌ ۾ پراڻي وقت کان مقبول ساز آهي. سڙندو به هڪ تارن واري ساز جو قسم يا نمونو آهي. هيءُ سڄو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي.  سُر جي مٺاس لاءِ سرندي کي لوهيڙي وڻ جي ڪاٺ مان ٺاهيو ويندو آهي. ان کانسواءِ ٽالهي ۽ باهڻ جي ڪاٺ منجهان به ٺاهيو ويندو آهي. سڙندو وڄائڻ واري لار يا گُري گز لئي جي ڪاٺ مان جوڙي ويندي آهي جنهن ۾ سُرن لاءِ گهوڙي جي پڇ جا وار ٻَڌا ويندا آهن. هڪ هٿ لار يا گزي هلائبي آهي ۽ ٻئي هٿ سان سرندي جون تارون ڇيڙيون وينديون آهن ته مڌر شر ڇڙي پوندا آهن. سرندي ۾ 11 کان 13 تاڙون هونديون آهن.[1]

محمد فقير مهاڻو سرندو وڄائيندي

حوالا سنواريو

  1. "سرندو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-23.