سرفراز راڄڙ (انگريزي ٻولي: Sarfaraz Rajar) ضلعي سانگهڙ جي کپري تعلقي ۾ سنڌ جي صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ رحه جي گهراڻي حاجي نور محمد راڄڙ جي گهر کاڻي راڄڙ 1952-03-01 تي ڄائو. هو شاعر ۽ اديب آهي. هن مهل هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ اعزازي چيئرمين[1] طور ڪم ڪري رهيو آهي.

سرفراز راڄڙ
انگريزي ٻولي: Sarfaraz Rajar
پيدائش سرفراز
01 مارچ 1952(1952-03-01)
تعلقو کپرو، ضلعو سانگھڙ، سنڌ
ڌنڌو شاعر، ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ
قوميت پاڪستاني
تعليم سنڌي ٻوليءَ ۾ ماسٽرس آف آرٽس
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور 1993
مُکيه ڪم سابق چيئرمئن سنڌي لئنگيج اٿارٽي

ننڍپڻ ۽ تعليم سنواريو

پاڻ پرائمري جا پنج درجا ۽ ميٽرڪ، کپرو مان پاس ڪرڻ بعد، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائون ۽ 1983ع ۾ ماسٽرس سنڌي ادب ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي.

ادبي سفر سنواريو

لکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه هئڻ ڪري پاڻ هن وقت تائين 3 ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي چڪو آهي. جنهن ۾ ڪتاب؛ نينهن ساڳيو، نگاهون ساڳيون، سنڌي ٻولي ۾ لکيائون ۽ هڪ اردو ٻولي ۾ ايک سفر اور پڻ لکيو اٿن. جڏهن ته هڪ ڪتاب انگريزي ٻولي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل آهي. اڃا ٻه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب؛ ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ۽ ٻيو ڪتاب سندس لکيل ڪالمن تي مبني آهي، جيڪي جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن.

سياسي سفر سنواريو

سرفراز راڄڙ سياست جي شروعات ميٽرڪ جي زماني کان ڪئي. ان وقت کپري جو پهريون شخص ھو جنهن صدر ايوب خلاف تحريڪ هلائي ۽ شاگردن کي باقاعده هڪ پيلٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا. جنهن بعد جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو هو. ان وقت پاڻ پيپلز پارٽي جو سانگهڙ ضلعي ۾ بنياد وجهندڙن مان هو ۽ کپرو تعلقي جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو هو. جنهن بعد 1971ع جوائنٽ سيڪريٽري پ پ ضلعي سانگهڙ ٿيو. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽي کيس جنرل سيڪريٽري پيپلز پارٽي سانگهڙ رکيو. سال 1998ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو، سرفراز راڄڙ جي ڪيل محنتن ۽ وفادارين کي ڏسي پاڻ وٽ گهرائي، پ پ ڪلچر سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. پاڻ سانگهڙ ضلعي جو قائم مقام پ پ صدر به رهيا. سرفراز راڄڙ 1990ع پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي کپرو جي صوبائي سيٽ تي اليڪشن لڙيو ۽ ٻه ڀيرا 235 اين اي سانگهڙ تي پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ پڻ وڙهيو. سرفراز راڄڙ جون پيپلز پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ۽ پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ 15-5-2015 کان 14-10-2016 تائين اعزازي چيئرمين رهيو. [2]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Chairpersons, وقت 2016-04-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-06-28 
  2. سنڌي شخصيتون: سرفراز راڄڙ - امير بخش بڙدي