سرشتي جا مُحرڪ (Sirishtay ja muhirik) يا ايجنٽ اسٽرڪچر (Agent Structure) جو اصطلاح 1987ع ۾، نامياري سماجي سائنسدان ’اليگزينڊر وين‘ (Alexander Wendt) جي لکڻين ذريعي مشهور ٿيو، جيڪو رياست، ان جي ڪردار ۽ بين الاقوامي سرشتي جي جوڙجڪ کي چڱيءَ ريت سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. Agent Structure جو تصور ٻن عنصرن تي مشتمل هجي ٿو: هڪ: اُهي ادارا يا ماڻهو، جيڪي معاشري ۾ تبديلي آڻن ٿا ۽ ٻيو: اهو معاشرو جنهن ۾ مُختلف ڌُرين جي هڪٻئي سان ٿيندڙ لاڳاپن جي ذريعي تبديلي اچي ٿي . هن جوڙجڪ ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو Agencies ۽ Agentsجو نظام ترتيب ڏيڻ وارو آهي . ڪجهه ساڃاهه وندن جو خيال آهي ته سماجي ورتائن کي سامهون رکي اهڙي جوڙجڪ ڪجي، پر 1991ع ۾ ناميارن دانشورن سمٿ ۽ هالِس (Smith and Hollis) اهو سوال اڀاريو ته ”بين الاقوامي سطح تي Agent Structure ڪيئن جوڙجي؟“ 1979ع ۾ ڪي.اين.والٽز (K.N Waltz) پنهنجي لکڻي Theory of International Politics ۾ هن جوڙجڪ کي تمام گهڻو ننديو آهي. والٽز جي نظريي موجب Agent Structure جي ڪري ئي دنيا ۾ جنگين ۽ هٿيارن جو واڌارو آيو آهي ۽ رياستن وچ ۾ سٺا سٺا ٿيڻ بدران خراب ٿيڻ لڳا آهن. هي سرشتو هڪ رياست اندر معاشرتي ورتائن تحت ته جوڙي سگهجي ٿو، پر بين الاقوامي سطح تي مُناسب طرح سان نه ٿو لاڳو ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ انصاف ڀريي بين الاقوامي نظام جوڙڻ جا قاعدا اڄ تائين بحث هيٺ آهن.[1]