سردار ٻرڙو(انگريزي ٻولي: Sardar Buriro، پيدائش: 01 فيبروري 1999) موکي پبليڪيشن مورو جو پبليشر ۽ چيف ايڊيٽر آھي، ان کان علاوہ پاڻ ڪالمنگار، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ سنڌيڪار پڻ آھي. پاڻ سوويت اڳواڻ ڪامريڊ جوزف اسٽالن جي ڪتاب ”آن دي روڊ ٽو آڪٽوبر“، ارون ڌتي راءِ جي ڪتاب ”فريڊم“ ۽ ڊان ميگوئل روئيز جي ڪتاب ”دي فور ايگريمينٽس“ا جو سنڌيڪار پڻ آھي.

سردار احمد ٻرڙو
Sardar Ahmed Buriro

ڪھاڻيڪار، شاعر، مضمون نويس ۽ سنڌيڪار
ذاتي تفصيل
پيدائش 01 فيبروري 1999(1999-02-01)
ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو، مورو، سنڌ
سڃاڻپ سنڌي قوم پرست
اعزاز (ڪھاڻي نشست) روٽيڪٽ ڪلب ڄامشورو 2020-21

تعارف سنواريو

سردار جو پورو نالو سردار احمد ٻرڙو آھي.[1] پاڻ 01 فيبروري 1999ع تي مورو ويجھو ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو ۾ ڄائو. پاڻ لکڻ جي شروعات 2017ع کان ڪئي. سندس مضمونن مان ”سماجي ذميواريون ۽ سنڌ ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين جو ڪردار“[2]، ”مادري ٻولين جي اھميت ۽ انھن جي راھ ۾ رڪاوٽون“ ۽ ”سنڌ جي قومي راند ملاکڙو اھميت، عروج ۽ زوال“ ۽ ٻيا شامل آھن. ڪھاڻين ۾ ”اپاھج بڻايل ٻار (بنگالي ڪھاڻي جو ترجمو)“[3]، ”سنڌ کي پرتو“، ”قضا ڪھاڻي“، ”بغاوت“، ”چوڏس چانڊوڪي راتيون“ ۽ ”سڀ خاموش آھن“ مشھور آھن.

تعليم سنواريو

پاڻ پرائمري تعليم پاڪستان بيت المال اسڪول نوشھروفيروز، ميٽرڪ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مبارڪ خان ٻرڙو، انٽرميڊيئٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو، ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ گورنمينٽ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو ۽ گريجوئيشن بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن، سنڌ يونيورسٽي ڪمپس دادو مان حاصل ڪئي.

سردار ٻرڙو جا لکيل ڪتاب سنواريو

  • (1) جلا وطن لڙڪ ـ شاعري ( موکي پبليڪيشن 2021ع)[4][1][5]
  • (2) آڪٽوبر انقلاب ۽ بالشويڪ حڪمت عمليون ـ ترجمو (موکي پبليڪيشن اپريل 2022ع)[6]
  • (3) انساني شعور جي ارتقا ـ ترجمو (سڦلتا پبليڪيشن 2023ع)
  • (4) آزادي (فريڊم، فاشزم، فڪشن) ـ ترجمو (موکي پبليڪيشن 2023ع)
  • (5) چار معاھدا ـ ترجمو (موکي پبليڪيشن 2023ع)[7]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "سردار ٻرڙو جا ڪِتاب". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-08-11. 
  2. "سماجي ذميواريون ۽سنڌ اندر ملٽي نيشنل ڪمپنين جو ڪردار". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-08-11. 
  3. Sindhipeoples. "سنڌي افسانا ۽ ڪھاڻيون: اپاھج بڻايل ٻارَ - نمير اي چوڌري - سردار ٻرڙو". سنڌي افسانا ۽ ڪھاڻيون. حاصل ڪيل 2022-08-11. 
  4. "جلاوطن لُڙڪ - سردار ٻرڙو | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-08-11. 
  5. جلاوطن لڙڪ ـ شاعري ـ موکي پبليڪيشن [1]
  6. آڪٽوبر انقلاب ۽ بالشويڪ حڪمت عمليون ـ ترجمو ـ موکي پبليڪيشن [2]
  7. چار معاھدا ـ ترجمو ـ موکي پبليڪيشن [3]