سدپاره ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان اٺ هزار پنج سو فٽن جي اوچائي اسڪردو شهر کان ڪجهه پري واقع آهي۔ هي خوبصورت ڍنڍ مٺي پاڻي سان لبريز آهي ۽ هن جا ٻه ٽي طرف سنگلاخ ٽڪر آهن۔ سياري جي موسم ۾ هن ٽڪرن تي پوندي آهي ۽ جڏهن گرمين جي شروعات ۾ هي برف پگھرجڻ شروع ٿيندي آهي ته نه صرف انهن جو بلڪه ڪجهه ڪلاڪن جي مسافري تي واقع ديوسائي نيشنل پارڪ کان نڪرڻ وارن قدرتي ندي نالن جو پاڻي  به  وهندو  هن  وڃي هن ۾ ڪرندو آهي ۔

سدپاره ڍنڍسد 

نالي جو سبب سنواريو

سدپاره بلتي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ست دروازا هن جو سبب هي هڪ ديومالائي ڪهاڻي آهي، جيڪا هي آهي: ”جنهن جڳهه هي ڍنڍ آهي اتي صديون پهرين هڪ ڳوٺ هوندو آهي۔ چوندا آهن ته هڪ ڏينهن هن ڳوٺ ۾ ڪو بزرگ فقير جي ويس ۾ ماڻهن کي آزما.ڻ جي لاء آيو۔هن وستي وارن کان کائڻ پيئڻ جي شيء گھري۔ سواء هڪ ٻڍڙي جي ڪنهن به هن جي مدد نه ڪئي۔ هن بزرگ وستي وارن کان ناراض ٿي ڪري انهن کي بددعا ڏني پر گڏوگڏ هي دعا به ڪئي نيڪ بڍڙي جنهن هن جي مدد ڪئي هئي، انکي ڪجهه نقصان نه پهچي۔ دعا قبول ٿي ۽  راتون رات ڳوٺ اٽلي پيو ۽  ان جي جاء پاڻي جو چشمو نڪري پيو ۽ ڏندي ئي ڏسندي هي پاڻي  هڪ  وڏي  ڍنڍ ۾ تبدیل ٿي ويو۔ البته حیرت جي ڳالهه اها ٿي ته جنهن جڳهه نيڪ دل ٻڍڙي جو گھر هيو اتي پاڻي هن سے کان وري رهيو۔ اهڙي طرح هي ٻيٽ اڄ به سلامت آهي.“

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:Commons زمرو

مڪانيت: 35°13′46″N 75°37′49″E / 35.229521°N 75.630398°E / 35.229521; 75.630398