مختلف ملڪن، ڌرمن، مذهبن ۽ عقيدن ۾ سج جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي ٿي ۽ سج ديوتا جا مختلف نالا آهن.

  • قديمي مصرين جي سج ديوتا جو نالو ’ري‘ هو، جنهن جو منهن باز جهڙو هو ۽ هن کي خلقڻهار سمجهيو ويو ٿي، جنهن مصر جي نيل نديءَ لاءِ چار مندون پيدا ڪيون ٿي، جيئن پوک جو ڪم ان مطابق ٿي سگهي.
  • چينين جو ان ڳالهه ۾ عقيدو هو ته هڪ بدران ڏھ سج آهن، جيڪي واري واري تي اُڀرن ٿا.
  • جپان ۾ اماتيراسو سج جي ديوي سمجهي ويئي ٿي ۽ موجوده بادشاھ جو وڏو سج جو اولاد سمجهيو وڃي ٿو.
  • هندو مِٿ ۾ سج ديوتا جو نالو سريا آهي ۽ ان جي مختلف رسمن ۾ پوڄا پاٺ ۽ عبادت ڪئي وڃي ٿي.
  • ڪئناڊا جي صوبي البرٽا جي ڪمرشل شهر ڪيلگريءَ جي ويجهو چيسٽرمير جي شهر ۾ پڻ هر سال سج جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-01