ستار بهلزاده

آذربائيجان فنڪار (1909-1974)

ستار بهلزاده ( آذربائيجاني: Səttar Bəhlulzadə ؛ ، 15 December [قديم تاريخ 2 December] 1909 - 14 آڪٽوبر 1974) آذربائيجان جي روان زميني منظرنگاري (لينڊسڪيپ پينٽنگ) جو باني هو. [1]

Səttar Bəhlulzadə
پيدائش Səttar Bəhlul oğlu Bəhlulzadə
15 ڊسمبر 1909(1909-12-15)
Əmircan, باڪو, آذربائيجان
وفات 14 آڪٽوبر 1974 (عمر 64 سال)
Moscow, روسي سوويت فيڊريٽو سوشلسٽ ريپبلڪ
قوميت آذربائيجاني
شھرت جو ڪارڻ لينڊسڪيپ پينٽنگ, تاثريت
آذربائيجاني مُهرون ستار بهلزاده جي تصويرن سان ٺهيل

جنم ساکي(بايوگرافي) سنواريو

هن پنهنجي پيشه ورانه تعليم نيشنل آرٽ انسٽيٽيوٽ باڪو ۾ شروع ڪئي (1927-1931). 1933 ۾، تعليم کي جاري رکڻ لاءِ هو ماسڪو ڏانهن ويو ۽ ماسڪو فائن آرٽس انسٽيٽيوٽ جي ڊرائنگ ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتائين. [2] اتي هن ولاديمير فورسسڪي جي اسٽوڊيو ۾ تعليم ورتي. ڪريميا ۾ اونهاري جي ورڪشاپن دوران، روسي پينٽر گريگوري شيگل [3] ستار جا ڪجهه خاڪا ڏٺا ۽ صلاح ڏني ته هو انهن کي انسٽيٽيوٽ جي پينٽنگ ڊپارٽمينٽ ۾ منتقل ڪن. پوءِ بلڪل ايئن ڪيو.

جيتوڻيڪ هن فن جي مختلف صنفن ۾ تجربا ڪيا، پر سندس منفرد قابليت لينڊاسڪيپ پينٽنگ هئي. پهرين، هو پرڪرتي (فطرت) جي حقيقت کي پينٽنگ ڪندو هو جئين هن کي سيکاريو ويو هو. پر جلد ئي هن انهي جذباتي احساس کي ظاهر ڪرڻ جو پنهنجو نرالو انداز وڌايو. اهو نئون انداز وڌيڪ لا شعوریت ۽ سنسارسنٻڌي وارو هو. اصل ۾ هن جون ڪجهه پينٽنگز خلا مان ورتل زمين جي تصويرن جي ياد ڏياري رهيون آهن. پسٽل رنگن ۽ بولڊ اسٽروڪ جو هڪ ميلاپ استعمال ڪندي، هن پرڪرتي کي وڌيڪ رنگين ۽ زنده رنگ ٺاهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اڃا به وڌيڪ شاندار بڻايو، جيڪو حقيقت ۾ ان کان به وڌيڪ سهڻو هيو.

ستار پنهنجي ملڪ - آذربائيجان - جي سونهن ڳولهڻ لاءِ گھمڻ (سيرسپاٽو ڪرڻ) پسند ڪندو هو. هڪ دفعي هن چيو هو، ”مون کي گوگين وانگر ٽاهٽي وڃڻ جي گُهرجَ نه آهي. منهنجو اُتساهه، منهنجي اباڻي ملڪ ۽ ماڻهن مان اچي ٿو.

ھن جا ڪيترائي ڪم آذربائيجان جي مخصوص علائقن جي عڪاسي ڪن ٿا. مثال طور، "بايزازوزُو ٻاهريان علائقا" بازازوزُو خاص طور تي گرانق قفقاز جبلن جو بلند مقام کي چونڊي پنهنجي پينٽنگ ۾ ڏيکاريو. ٻين مثالن ۾ ”پراڻي شامکي“ ۽ ”نوکوانين ۾ خزان“ جا ماڳ پڻ سندس پينٽنگ ۾ چٽسالي ۾ ڏيکاريل آهن.

بهلولزادي پنهنجي فن لاءِ ڪيترائي انعام حاصل ڪيا. هن 1960 ۾ ريپبلڪ آف آذربائيجان جي اعزازي آرٽ ورڪر جو لقب حاصل ڪيو ۽ 1963 ۾ پيپلز آرٽسٽ جو نالو ڏنو ويو.

1973 ۾ ، ستار رت جي ذهر (بلڊ پوائزنگ) جي روڳ سبب انتهائي بيمار ٿي پيو. جڏهن ستار 1974 ۾ فوت ٿي ويو، ته کيس انهي همراهه جي مانوارن ماڻهن جي ايوينيو ۾ دفن نه ڪيو ويو، جيئن شايد توقع ڪئي وئي هئي. ان جي بدران، هن جي وصيت مطابق، هن کي پنهنجي ماءُ جي قبر جي ڀرسان، پنهنجي اباڻو ڳوٺ اميرجان (آذربائيجان) ۾ مٽيءَ ماءُ ۾ دفنيايو ويو.

ستار جي ورثي ۾ انيڪ ڪارناما شامل آهن جيڪي آمريڪا ، انگلينڊ ، ترڪي ۽ روس ۾ ذاتي نمائش سميت سڄي دنيا ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. هن لڳ ڀڳ 30 اسڪيچ ڊائريز به ٺاهيا جيڪي زندگي ۽ فن تي هن جي فڪر تي ٻَڌل آهن.

ھن جا اڪثر ڪم آذربائيجان جي عجائب گھر (ميوزيم) ۾ نمايان آھن خاص طور تي باڪو ، گنجا ۽ ناکچيوان جھڙن شھرن ۾. هن جا ڪجهه عظيم ڪارناما آهن:

  • گوداليچي وادي (1953)
  • ڪئسپين سمنڊ کان مٿي شام (1959)
  • منهنجي اباڻي زمين جي بهار (1967)

درشن سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "The Art of Sattar Bahlulzade". sanat.orexca.com. حاصل ڪيل 9 August 2014. 
  2. "100e anniversaire de la naissance de Sattar Bahlulzade, peintre (1909-1974)". www.asie-centrale.com/ (ٻولي ۾ French). حاصل ڪيل 9 August 2014. 
  3. Big Soviet Encyclopedia.

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو