سبيتري چيترجي

هندستاني ناٽڪڻ

ساوتري چيترجي، سبيتري چيترجي،(انگريزي ٻولي: Sabitri Chatterjee) جو جنم 22 فيبروري 1937 تي ٿيو.[2] هيءَ هڪ ڀارتي اداڪارڻ آهي، جيڪا بنگالي ٿيٽر ۽ سينيما ۾ پنهنجو ڪم جي لاءِ مشهور آهي. سندس ڪيريئر جو زمانو 60 سال کان وڌيڪ آهي.[3] ۔ هوءِ ٻہ ڀيرا BFJA ايوارڊز ماڻيندڙ اداڪارڻ آهي. سال 1999 ۾، کيس بنگالي ٿيٽر ۾ اداڪاري ڪرڻ تي سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ ڏنو ويو هيو. سال 2013 ۾، کيس حڪومت اولهه بنگال پنهنجو سڀ کان وڏو ايوارڊ ڏنو هيو. بنگا ڀوشن 2014 ۾، هندستان جي حڪومت کيس پنهنجو ملڪ جو سڀ کان وڏ شهري ايوارڊ پدم شري سان پڻ نوازيو هيو.[4] هيءَ برٽش انڊيا (هاڻي بنگلا ديش ۾)، ڪوميلا ۾ پيدا تي هئي. هندستان جو وهاڱو تحت بنگال جي ورهاست دوران، کيس ڪولگئي ۾ ٽولي گنج ۾ موجود پنهنجي وڏي عمر جي، شادي ٿيل ڀيڻ جي گهر حفاظت جي لاءِ موڪليو ويو هيو. ننڍڙي ڄمار کان ئي کيس ڀان بنرجي ڏٺ هيو، جنهن کيس پنهنجي ناٽڪ (ڊرامو( نتون آهدي ۾ هڪ ڪردار نڀائڻ جي لاءِ اتر سرتي گروپ ٿيٽر ۾ آڇ ڪئي هئي.

ساويتري چيترجي Sabitri Chatterjee

31 مارچ، 2014 تي نئي دهلي جي راشٽرپتي ڀون ۾ ٿيندڙ هڪ سول سيڙپڪاري واري تقريب ۾، پرناب مکرجي کان سبيتري چيترجي پدم شري پدما شري ايوارڊ وٺِي رهي آهي
پيدائش فيبروري 1937 (عمر 87 سال)[1]
ڪوميلا, برطانوي هندستان, (هاڻي بنگلاديش ۾)[1]
پيشو اداڪار[1]
مشھور ڪم رات ڀور
اوپاهار
اڀيار Biye
نوپور
گلي ٿيڪي راجپاٿ
ماروتيارٿا هنگلاج
ڪوهاڪ
ڀادو
ڀرانتي بلاس
اتريائن
جايا
ڪل تومي اليئيا
نشي پدما
ڌانئي ميئي
ماليادان
اعزاز بي ايف جي اي اويوارڊز
سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ
بنگا بيڀوشن
پدم شري

شروعاتي زندگي ۽ پس منظر سنواريو

سبيتري 1937 ۾ هاڻوڪي بنگلا ديش جي ضلعو ڪوملا جي هڪ ننڍڙي شهر ڪمالپور ۾ جنم ورتو هيو، ڏهہ ڀينرن منجهان هيءَ سمورين کان ننڍي آهي. سندس پيءُ ساشاڌر چترجي هندستاني ريلوي ۾ اسٽيشن ماستر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هيو. بنگال جي ورهاست مهل، نوجوان سيبتري کي ڪولڪتا ڀرسان ٽولی گنج ۾ رهندڙ پنهنجي وڏي، ۽ پرڻيل ڀيڻ جي گهر، جيڪو ڪولڪتا ۾ فلم سازي جو مرڪز هيون، ڏانجهن حفاظت جي لاءِ موڪليو ويو هيو. ٽولي گنج ۾ پرورش ملڻ کانپوءِ کيس گهڻي ريت ان وقت جي فلمسٽار کي ڏسڻ جو موقعو ملندو رهندو هيو.[5] [6]

فلمي ڪيريئر سنواريو

جڏهن سبيتري چيترجي ڏهون ڪلاس ۾ پڙهندي هئي، تڏهن کيس تجربيڪار اداڪار ڀنو بنرجي ڏٺو جنهن کيس اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) کان ايندڙ مهاجرن تي ٺهندڙ اترسراٺي گروپ ٿيٽر جو ڊرامو، نتن احدي ۾ هڪ ڪردار نڀائڻ جي لاءِ سائن ڪيو. ان ڊرامي جي هدايتڪاري ڪانو بنرجي ڪئي هئي. سبيتري ان ڊرامو جي فلمي ورزن ۾ پڻ ڪم ڪيو جيڪو 1953 ۾ رليز ٿيو هيو.[7] هن اترا ڪمار اداڪارڻ سهجتري (1951) ۾ اگراوت جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ وڏي اسڪريننگ جي سروعات ڪئي ۽ سڌير مکرجي جي ڪاميڊي فلم پاشرباري (1952) ۾ پهرئين ناري مکيا ڪردار طور تي نظر آئي، جيڪا باڪس آفس تي هڪ وڏي ڪاميابي هئي.[8] [6]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :0
  2. Sengupta, Sujit. "Sabitri Chatterji". calcuttaweb.com. وقت 2003-08-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 December 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد) Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  3. "Padma Awards Announced". Press Information Bureau, Ministry of Home Affairs. حاصل ڪيل 26 January 2014. 
  4. "Sabitri Chattopadhyay Biography by Chandi Mukherjee". www.gomolo.com. حاصل ڪيل 2018-01-22. 
  5. Sengupta, Sujit. "Sabitri Chatterji". calcuttaweb.com. وقت 2003-08-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 December 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد) Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  6. 6.0 6.1 "We had no food for days on end: Sabitri Chatterjee - Times of India". The Times of India. https://m.timesofindia.com/entertainment/bengali/movies/news/We-had-no-food-for-days-on-end-Sabitri-Chatterjee/articleshow/49337410.cms. 
  7. Sengupta, Sujit. "Sabitri Chatterji". calcuttaweb.com. وقت 2003-08-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 December 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد) Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  8. Sengupta, Sujit. "Sabitri Chatterji". calcuttaweb.com. وقت 2003-08-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 December 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد) Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو