ساڄي ڌر وارا (Rightists) ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادب ۾ ترقي پسند لاڙي جو سوال اڀريو، تڏهن سنڌي اديب واضح طور ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا ساڄي ڌر وارا اديب، ٻيا وري کاٻي ڌر وارا اديب. ساڄي ڌر وارا ترقي پسند ۽ انقلابي سوچن جا مخالف هئا. هو ساڳئي وقت تصوف جي وحدت الوجود واري نقطهء نظر جي بجاءِ وحدت الشهود جا حامي هئا. ساڄي ڌر وارا اديب گهڻي ڀاڱي حڪومت نواز هئا ۽ رجعت ۽ روايت پسند، ظاهر پرست مذهبي هئا، جڏهن ته کاٻي ڌر وارا روشن خيال ۽ تبديلي پسند هئا. سندن اختلاف سنڌ ۾ ون يونٽ واري دور ۾ وڌيڪ اڀري آيا ۽ اهو باقاعدي واضح فرق نمايان هو. اها روش ان کانپوءِ بہ هر دور ۾ هلندي آئي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.