ساٽوڙو: (انگريزي: Saturro plant )هيءُ ٿر جو عام ٻوٽو آهي، جو جتي ڪٿي ٿيندو آهي، خاص ڪري ڀاڻ وارن هنڌن تي جام ٿيندو آهي. جيئن ڳوٺن جي آسپاس جتي ڪجهه زمين ڏاڍيري ۽ وٿاڻ هوندا آهن، اتي جام اڀرندو آهي. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙي جا پن ڪجهه وڏيرا ۽ مٿان سائي رنگ جا ۽ هيٺان اڇا، ٻئي جا پن ڪجهه ننڍيرا ۽ هيٺان ڳاڙهيري رنگ جا.هيءُ ٻوٽو تسرون ڪري زمين تي پکڙندو ويندو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، مينهون ۽ اُٺ وغيره کائيندا آهن. سُڪڻ بعد ڀُري ويندو آهي، پر هن جي پاڙ آڱر جهڙي ٿلهيري، زمين اندر سائي رهندي آهي. ٻوٽي کي ڇڪبو ته پاڙ سميت نڪري ايندو. وسڪاري جو ماڻهو پٽي ڀريون ٻڌي کڻي وڃي مال کي ڏيندا آهن. سڪڻ بعد به ڪيترا ماڻهو ڪوڏر سان کوٽي اُن جون پاڙون ڪڍي گڏ ڪري مال کي کارائيندا آهن. وسڪاري جو صبح توڙي شام پٽي مال لاءِ دونهي ڪرڻ جي ڪم آڻيندا آهن[1].


حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو