سانچو:مقالو مُک صفحو/22 فيبروري 2018
سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان ٺٽو هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شهر آهي. ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ، اُن جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان، ڪي قدر تحقيقي مواد سامهون آيو آهي. جن مان مير علي شير قانع، مير محمد بن جلال ٺٽوي، امير خسرو دهلوي ۽ ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪن غيرملڪي مؤرخن، سياحن، جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي. 1982ع ۾، مشهور بين الاقوامي آرڪيالاجسٽ ۽ مؤرخ، پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ، پنهنجي ڪتاب ‘Thatta Islamic Architecture’ ۾، ٺٽي جي باري ۾ بهترين تفصيل ڏنو آهي. پروفيسر دانيءَ جي هيءَ تصنيف گهڻي قدر مير علي شير قانع جي لکيل ۽ مشهور بين الاقوامي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ڪيل ۽ وڌايل فارسي زبان ۾ لکيل تاريخ، ’مڪلي نامه‘، تان ورتل آهي. لفظ ’ٺٽو‘ ۽ ٺٽي شهر جي بنياد پوڻ واري سال متعلق به تاريخدانن ۾ گهڻو اختلاف آهي. هن سلسلي ۾ مرحوم مرزا قليچ بيگ جو خيال آهي ته ”لفظ ٺٽو ’تهه تهه‘ لفظ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تهه مٿان تهه“. مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ”ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ کي؛ ٺٺ چَوَن خشڪ ميدان کي؛ شايد اُنهن مان ٺٽو نالو نڪتو هجي.“ ميجر راورٽيءَ جي راءِ موجب ”ٺٺ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ’تٽ‘ آهي، جنهن جو اُچار سنڌي زبان ۾ ’تڙ‘ (درياءَ جو ڪپر يا ڪنارو) ٿيو، سنسڪرت ۾ ‘ٽاٽا اسٿا’ جي معنا به “درياهه جي ڪنڌيءَ تي وسندي” ٿئي ٿي.؛ ان طرح ’ٺٽ‘ معنيٰ آهي ”ڪنهن واهه يا درياهه وٽ ٻڌل ڳوٺ جتان پتڻ اُڪري پار پهچجي“.