محمد بن قاسم

اموي جرنيل

محمد بن قاسم (, انگريزي ٻولي: Muhammad Bin Qasim , عربي ٻولي: محمد بن القاسم الثقفي) جو پورو نالو عماد الدين محمد بن قاسم هو جيڪو بنو اميه جي هڪ مشهور سپه سالار حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو هيو . 15 سالن جي عمر ۾ 708ع ايران ۾ ڪُردن سان بغاوت جي خاتمي لاءِ سپه سالاري جا فرض سونپيا ويا. تنهن وقت بنو اميه جي حڪمران وليد بن عبدالملڪ جو دور هو ۽ حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هو، اِن مهم ۾ محمد بن قاسم ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هڪ معمولي ڇاوڻي شيراز کي هڪ خاص شهر ڪري ڇڏيائين. تنهن دوران محمد بن قاسم رحمت الله عليه کي فارس (ايران) جي گاديءَ جي هنڌ شيراز جو گورنر مقرر ڪيو ويو، ان وقت سندس عمر 17 سال هُئي.[1] پنهنجي صلاحيتن سان حڪومت ڪندي هُن پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جو ڌاڪو ڄمايو ۽ 17 سالن جي عمر ۾ ئي سنڌ جي مُهم تي سالار بڻائي موڪليو ويو. محمد بن قاسم رحمت الله عليه جي فتحن جو سلسلو 711ع کان شروع ٿيو ۽ 713ع تائين جاري رهيو.[2] هُن سنڌ جا اهم علائقا فتح ڪيا ۽ ملتان کي فتح ڪري سنڌ جي فتح مڪمل ڪئي پر اُتر هندوستان طرف وڌڻ جي خواهش حالتن پوري ٿيڻ نه ڏنس.

محمد بن قاسم
عماد الدين
جنرل ۽ سنڌ جو پھريون اموي گورنر
سن 712 کان 715 عيسويءَ تائين
پيشرو راجا ڏاهر
جانشين يزيد بن ابي ڪشفہ
ريجنٽ وليد بن عبدالملڪ، اموي خلافت
نسل عمرو بن محمد بن قاسم(پٽ)
پورو نالو
عمادالدين محمد بن قاسم بن محمد بن حڪم بن ابي عقيل ثقفي
گهراڻو ثقفي
شاھي گھراڻو بنو اميہ گھراڻي جي بادشاھي
پيءُ قاسم
جنم 694
طائف، اموي خلافت، موجوده سعودي عرب
لاڏاڻو 715
مذھب اسلام
محمد بن قاسم جي فتح ڪيل علائقن جو نقشو

تفصيلي تعارف

سنواريو

محمد بن قاسم 17 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ فتح ڪري هندستان ۾ اسلام کي متعارف ڪرايو. هن کي عظيم جي ڪري هندستان ۽ پاڪستان جي مسلمانن ۾ هڪ هيرو جو اعزاز حاصل آهي ۽ ان لاءِ سنڌ کي ”بابُ الاسلام“ يعني اسلام جو دَرُ پڻ چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ اسلام جو دروازو هِتان ئي کُليو. محمدبن قاسم 694ع ۾ طائف ۾ پيدا ٿيو. رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ "عمادالدين محمد بن قاسم بن محمد بن حڪم بن ابي عقيل ثقفي 17 شعبان سنه 24ھ ۾ دمشق تي ڄائو، سندس پيءُ قاسم بن محمد اُموي شاهي خاندان جو ممتاز امير هو. محمد بن قاسم اڃا صغير هو ته سندس پيءُ وفات ڪئي ۽ هو والده جي سائي هيٺ تربيت وٺڻ لڳو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس ذهانت جو نمونو پکڙجڻ لڳو. سندس ڪٽنب وٽ اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ايتري دولت ڪانه هئي، تنهن ڪري دمشق جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ اعليٰ فوجي عملدارن جي نگراني هيٺ فاتح سنڌ جنگ جا هنر سکڻ لڳو. سندس ذهانت جي فوجي عملدار تعريف ڪرڻ لڳا."[3]وليد بن عبدالملڪ جڏهن فوجي ڇانوڻيءَ ۾ فوجن جو معائنو ڪرڻ ايندو هو، تڏهن محمد بن قاسم کي پاڻ سان ويهاري ساڻس محبت ڀريون ڳالهيون ڪندو هو. 14 ورهين جي عمر فوجي قابليت ڪري کيس اعليٰ عهدو مليو.[3] جڏهن حجاج بن يوسف کي عراق جو گورنر مقرر ڪيو ويو ته هُن ثقفي خاندان جي وڏن ماڻهن کي مختلف عهدن تي مقرر ڪيو، انهن ۾ محمد جوپيءُ قاسم به هو جيڪو بصره جو گورنر هو. اهڙي طرح محمد بن قاسم جي شروعاتي تربيت بصره ۾ ٿِي ۽ تقريبن 5 سالن جي ڄمار ۾ اُن جو پيءَ لاڏاڻو ڪري ويو.حجاج سنڌ جي محاذ لاءِ پنهنجي ننڍي عمر واري سؤٽ محمد بن قاسم کي چونڊيو، جيڪو سندس نياڻو به هو. محمد بن قاسم کي بهار البر جو گل پسند هئڻ ڪري ابوالبهار جي ڪنيت سان مشهور ٿيو سندس نسبي سلسلو هن طرح آهي. ”محمد بن قاسم بن محمد بن حڪم بن ابي عقيل رضه“ 75ھ (95_694ع) تي طائف ۾ ڄائو حجاج بن يوسف عراق جو گورنر ٿيڻ وقت ثقفي خاندان جي خاص ماڻهن کي وڏن عهدن تي ويهاريو. محمد بن قاسم کي بصري جو گورنر بڻايائين. محمد بن قاسم ننڍپڻ ۾ ئي وڏو ذهين هو پر غربت ڪري اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ دمشق جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو، جتي سندس صلاحيتن ڪري اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو ويو. 90ھ ۾ حجاج کيس ڪردن جي مقابلي لاءِ ايران موڪليو، جنهن وقت سندس عمر پندرهن سال هئي. ڪردن کي شڪست ڏيندو ۽ اصطخر فتح ڪندو جرجان طرف وڌڻ لڳو. شيراز شهر جي بنياد وڌائين، جيڪو اڳ هڪ ننڍي ڇانوڻي جي صورت ۾ هو. جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي ابن قاسم جي باري ۾ لکي ٿو ته ”سترهن سالن جي عمر ۾ جڏهن شيراز جو گورنر مقرر ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ امن، انصاف ۽ رواداري قائم ڪيائين، سندس تقرير هر ننڍو، وڏو، عالم، فاضل دلچسپي سان ٻڌندو هو“ مولائي شيدائي جسماني ساخت ۽ چهري جي مهانڊن جي باري ۾ لکي ٿو ”هو تمام خوبصورت نوجوان هو. اکيون وڏيون وڏيون، نرڙ ويڪرو، هٿ کليل، ڀريل بدن، گلابي رنگ، رعبدار آواز، مضبوط ارادن وارو، اعليٰ اخلاق سان سينگاريل، مٺي زبان وارو ۽ نهايت ٻاجهارو هو.“ (ص 96_ 97)[3] جڏهن حجاج بن يوسف سنڌ تي ڪاهه جو پڪو ارادو ڪري چڪو هو، ان وقت محمد بن قاسم حجاج جي حڪم سان ئي ري تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ ويل هو. اتي حجاج جو حڪم مليس ته سنڌ ڏانهن وڃ ۽ ان فوج جو انتظار ڪر جيڪا خشڪي رستي موڪلي رهيو آهيان، حجاج سنڌ تي حملي جي پوري پوري تياري ڪري ڇڏي هئي. سندس جذبات جو اندازو هن خطبي ۾ ٿئي ٿو جيڪو جمعي ڏينهن عوام آڏو پڙهيائين. ”مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته وقت تلوار جي ڌار وانگر هوندو آهي، ڪڏهن مخالف ته ڪڏهن موافق _ اهو وقت جڏهن اسان جي پاسي هجي ته پنهنجي فوج جي تربيت ڪرڻ گهرجي پر مخالف پاسي هجي ته مصيبتن تي صبر ۽ الله جي عنايتن تي ڀروسو رکڻ گهرجي. بديل جي غم مون کي جهوري وڌو آهي ۽ مان ان جو بدلو وٺڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيان ۽ اهو داڳ ڌوئڻ کانسواءِ چپ ڪري نه ويهندس.“[4]

سنڌ لاءِ فوجي تياري

سنواريو

حجاج ڇهه هزار شامي فوجن سان گڏ ڪيترائي نوجوان چونڊيا ۽ لشڪر لاءِ اوتريون ئي اٺڙيون ساڻ ڏنيون، ان کان علاوه سامان کڻڻ لاءِ اٺ الڳ. لشڪر جي آرام، سڪون جو جوڳو بندوبست ڪرڻ سان گڏ ننڍي کان ننڍي ضرورت مثال طور سئي ڌاڳو به ساڻ ڏنو. عرب جيئن ته سرڪي جا شوقين هئا ان ڪري ڪپهه سرڪي ۾ ڀڄائي ۽ اس تي سڪائي موڪليائين، جيئن وقت پوڻ تي پاڻيءَ ۾ ڇاڻي ڪري پيئن. ان کان علاوه فوجي ضرورتن جو سامان منجنيقون وغيره جهازن تي چاڙهي بحري رستي ديبل ڏانهن اماڻيائين. انهن منجنيقن ۾ هڪ ”عروس“ نالي سان هئي، جنهن کي پنج سؤ جوان هلائيندا هئا.

محمد بن قاسم مڪران ۾

سنواريو

جهم بن زحر سان گڏ لشڪر شيراز پهتو ۽ پوءِ اتان محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ خشڪي رستي اچي مڪران نڪتو، جتي سندن مڪران جي گورنر محمد بن هارون آڌرڀاءُ ڪيو. لشڪر اتي مهينو ترسي سفر جو ٿڪ لاٿو.

مڪران کان نڪري محمد بن قاسم قنزپور تي اچي حملو ڪيو. محمد بن هارون بيمار هجڻ جي باوجود به شرڪت ڪئي. ڪجهه مهينن کان پوءِ مسلمانن شهر فتح ڪري ورتو.

ارمابيل جي فتح

سنواريو

قنزپور جي ڪاميابيءَ کان پوءِ محمد بن قاسم ارمابيل جلدي فتح ڪري ورتو ۽ اتي ئي ڪجهه ڏينهن فوج جي آرام لاءِ ترسي پيو، بلاذري مطابق محمد بن هارون ارمابيل ويجهو وفات ڪئي ۽ اتي ئي قنبل (قنبلي) ۾ پوريو ويو.

محمد بن قاسم ارمابيل ۾ ئي هو ته حجاج بن يوسف جو هيٺيون هدايتي خط مليس. ”جڏهن توهان سنڌ جي حدن اندر ديبل ويجهو پهچو ته ڪٿي ترسڻ وقت چوڌاري کاهي کوٽي پوءِ پڙاءُ ڪيو. رات جو گهڻو وقت جاڳي الله جي عبادت ۽ قرآن جي تلاوت ۾ گذاريو ۽ هر وقت ذڪر ۽ لاحول ولا قوة الا باالله العلي العظيم زبان تي جاري هجي. دشمن جي ڀڙڪائڻ تي تڪڙ نه ڪجو جيستائين مان اجازت نه ڏيان. انشاءُ الله تعاليٰ اهي صلاحون تنهنجي ڪاميابيءَ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.

— حجاج بن يوسف

رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:سنه 89ھ (سنه 708ع) ۾ محمد بن قاسم شيراز مان لشڪر وٺي روانو ٿيو. اسلامي لشڪر اهو ساڳيو رستو اختيار ڪيو، جنهن تان سڪندر مقدوني لنگهيو هو. مڪران پهچڻ شرط محمد بن هارون ٽن هزارن جانباز بلوچن جي دستي سان نوجوان فاتح سان شامل ٿيو، مگر قضا سان ارمن بيل پهچڻ وقت، محمد بن هارون وفات ڪري ويو. سندس قبر لس ٻيلي شهر ٻاهران عام زيارتگاه آهي. ارمن بيل وٽ، ڏاهر جي فوج سان اسلامي لشڪر جو پهريون مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌي لشڪر شڪست کاڌي. محمد بن قاسم جي شيراز مان رواني ٿيڻ وقت، حجاج بن يوسف بصري کان جهازن جو هڪ مضبوط دستو خوراڪ ۽ جنگي اسباب سان ڀريل، جعوبه نالي شامي اميرالبحر جي نگرانيءَ هيٺ، ڪمڪ طور روانو ڪيو. جهازن تي قلعه شڪن منجنيقون به هيون، جن مان وڏيءَ منجنيق جو نالو ’عروسڪ‘ هو، جنهن کي پنج سؤ خلاصي هلائي سگهندا هئا. جمعي ڏينهن محمد بن قاسم ديبل تي گهيرو ڪيو. ٺيڪ ساڳئي ڏينهن، اسلامي ٻيڙو به ديبل جي ديوارين هيٺان پهتو[3]

محمد بن قاسم ديبل ۾

سنواريو

ارمابيل مان محمد بن قاسم روانو ٿيو ۽ جمعو 92ھ تي ديبل پهچي جمعي نماز ادا ڪئي ۽ خطبو پڙهيو. اتفاق سان هيڏانهن حجاج جو موڪليل سامان به جهازن رستي اچي ديبل پهتو. ديبل شهر جو نالو ديول مندر ڪري پيو هو جنهن جا منارا زمين کان چاليهه گز مٿي هئا ۽ انهن مان هڪ مناري تي ڳاڙهو جهنڊو اهڙيءَ طرح لڳل هيو جو چوڌاري ڦڙڪندو هو ۽ شهر وارن ۾ اهو اعتقاد هو ته جيستائين جهنڊو ڦڙڪندو رهندو ڪوئي اسان کي جهڪائي نه سگهندو. مندر جي خدمت لاءِ 700 پڄاري هر وقت موجود ھئا. محمد بن قاسم کي حجاج حملي جي اجازت ڏيڻ وقت لکيو ته ”حملو پرهه ڦٽيءَ مهل ڪندو ڪر ۽ ان وقت سج تنهنجي پٺيان هجڻ گهرجي، جيئن دشمن کي چڱي طرح ڏسي سگهين. عروس منجنيق کي اوڀر کان رکي ڪري اڳ ۾ مناري کي ڪيراءِ ته ڪاميابي ضرور تنهنجا قدم چمندي.“ جيئن صبح ٿي محمد بن قاسم حملي جو حڪم ڏنو. مندر تي سنگباري شروع ڪئي ويئي، عروس منجنيق جو هڪڙو پٿر وڃي اهڙو مندر جي گنبذ کي لڳو جو گنبذ جهڊي سوڌو وڃي هيٺ ڪريو. سڄي شهر ۾ ٻائيتال مچي ويو. شهر وارن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ شهر جا دروازا کولي وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا. مسلمان ته اڳ ۾ ئي ان موقعي جي تاڙ ۾ ويٺا هئا، جيئن سنڌ جي سپاهين کي ڏٺائون مٿان ڪڙڪي پيا. ڪجهه قلعي جي ڀتين تي وڙهڻ لڳا. پهريون قلعو پار ڪرڻ وارو شخص ڪوفي جو بهادر سپاهي صعدي بن خزيمه ۽ ٻيو بصري جو نوجوان عجل بن عبدالملڪ هو. شهر وارن ڏٺو ته مسلمان قلعو پار ڪن ٿا ته شهر جا دروازا کولي ڇڏيائون. ٽن ڏينهن تائين محمد بن قاسم وڙهندو رهيو ۽ ويڙهاڪن کي ماريندو رهيو. ان بعد مسلمانن جي سپه سالار ديبل جو حاڪم حميد بن وداع نجدي کي بڻائي تاڪيد ڪيائين ته سڀني مسلمانن ۾ قبلي جو مشورو لازمي آهي. جنهن کان پوءِ محمد بن قاسم جي حڪم سان غنيمت واري مال جو پنجون حصو سرڪاري خزاني لاءِ حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ باقي بچيل ۽ ارمابيل مان حاصل ٿيندڙ مال کي مسلمان لشڪر ۾ حيثيت مطابق ورهايو ويو. گهوڙي سوارن کي پيادل ۽ اٺ سوارن کي ٻيڻ تي ڏنو ويو، سنڌ ۾ پهرين مسجد محمد بن قاسم هتي جوڙائي.ديبل جي سوڀ ماڻي محمد بن قاسم نيرون طرف روانو ٿيو. منجنيقون ۽ ٻيو فوجي سامان ٻيڙن ۾ وڃي ساڪري ناري وٽان نيرون ڏانهن نيائين ۽ پاڻ لشڪر سان گڏ خشڪي رستي سيسم طرف وڌيو،[5]

نيرون ڪوٽ ۽ موج جي فتح

سنواريو

رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: "نيرن ڪوٽ وارن اڳيئي حجاج کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت نامو مڪو هو. محمد بن قاسم جڏهن شهر کي ويجهو پهتو، تڏهن شهر وارا تحفا ساڻ کڻي، سندس استقبال ڪرڻ آيا. مسلمانن هتي جي بتخاني سان ڪابه ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪئي، بلڪ مندر جي سامهون جدا مسجد تعمير ڪيائون. نيرن ڪوٽ مٿان ڀنڊرڪن سمنيه کي حاڪم مقرر ڪري، محمد بن قاسم شهر ’موج‘ ڏانهن وڌيو[6]. هت چندر جو پٽ بجيراءِ، ڏاهر جو سؤٽ، قلعي ۾ حڪومت ڪندو هو. بجيراءِ ستن ڏينهن تائين مقابلي ڪرڻ کان پوءِ ڀڄي ويو. سندس لشڪر جا ڪي جاٽ سپاهي گرفتار ٿيا." جيڪي مسلمان ٿي ويا.[3]

سيوستان جي فتح

سنواريو

مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:سيوستان سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ تي مشهور قلعو ۽ ڏاهر جي حڪومت اندر صوبي جو صدر شهر هو. هت چنا مالدار قوم رهندي هئي، جن کي عربن سندن دولت موجب ’المرزوق‘ جي لقب سان سڏيو. بجيراءِ ’موج‘ کان نڪري، هتي جي قلعي ۾ پناه ورتي هئي. اسلامي لشڪر جي ڪاهه جو ٻڌي سمنيه پنڊتن فيصلو ڪيو ته جنهن صورت ۾ فاتح مسلمان آڻ مڃيندڙن کي هر طرح جي آزادي ڏين ٿا، ان صورت ۾ ساڻن مقابلو ڪرڻ اجايو آهي؛ تنهن ڪري سڀني متفق ٿي بجيراءِ تي صلح ڪرڻ لاءِ زور وڌو. رعايا جي طبيعتن جو ميلان ڏسي، هو شهر ڇڏي ڀڄي ويو. هتي جي سمنيه پنڊتن سان محمد بن قاسم مروت سان گڏيو ۽ کين عهدا موٽائي ڏنائين. سيوستان مان مسلمانن کي گهڻو مال غنيمت هٿ لڳو.[3]

ٻڌيا جي فتح

سنواريو

رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: ٻڌيا جو حاڪم، ڪاڪا پٽ ڪوتڪ، وڏو سياستدان هو، وٽس زبردست فوج هئي، بجيراءِ جي مرضي هئي ته ڪاڪا راتورات جاٽن جو لشڪر تيار ڪري، اسلامي لشڪر سان مقابلو ڪري، مگر جنهن صورت ۾ پنڊتن اڳواٽ پيشن گوئي ڪئي هئي ته مسلمان سڄو هندستان فتح ڪندا، ان حالت ۾ ڪاڪا فاتح سنڌ سان صلح ڪرڻ تي آماده ٿيو. هن بنانه بن حنضله معرفت محمد بن قاسم سان صلح جون ڳالهيون چوريون. محمد بن قاسم ساڻس عزت سان گڏجي، کيس خلعت فاخره عنايت ڪئي ۽ کيس ’امير الهند‘ جو خطاب ڏنو.ھن ٻڌيا تي عبدالملڪ بن قيس دقيقيءَ کي نائب مقرر ڪيو. حجاج بن يوسف وٽان وقت بوقت جيڪي به احڪام پهچندا هئا، تن مطابق قدم کڻندو هو. نيرون ڪوٽ جي گهڻن جاٽن اسلامي تبليغ ڪري اسلام قبول ڪيو. ڪاڪا کي محمد بن قاسم پنهنجو سپه سالار ۽ صلاحڪار مقرر ڪري، سندس صلاح ۽ مشوري سان سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ وارن حاڪمن تي خراج مقرر ڪري، اڳتي وڌڻ جو ارادو ڪيو. ٻڌيا فتح ٿيڻ کان پوءِ ڀلور جي رهاڪن جيڪي ڏاهر جي حڪومت کان تنگ هئا، تن اسلامي حڪومت کي تسليم ڪري هڪ هزار درهم ساليانو خراج ڏيڻ منظور ڪيو.[3]

راجا ڏاهر سان جنگ

سنواريو

مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:محمد بن قاسم درياءَ ٽپڻ کان اڳ ديبل جي هڪڙي پنڊت کي جو مسلمان ٿيو هو ۽ ’مولانا اسلامي‘ جي لقب سان ممتاز هو، هڪڙي شامي امير سان گڏ ڏاهر جي درٻار ڏانهن روانو ڪيو. ڏاهر پنهنجي وزير، سيساگر ۽ مکيه صلاحڪار محمد علافيءَ سان صلاح مشوري ڪرڻ بعد اسلامي سفارت کي جواب ڏنو ته جنگ ڪنداسون. جواب ملڻ بعد حجاج جي حڪم موجب،غازي اعظم اسلامي لشڪر سميت ٻيڙين جي وسيلي جتور جي پتڻ تان درياءُ ٽپي هن ڀر پهتو حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; refs with no name must have content، جت ڏاهر جو پٽ جئسيه قلعن کي مضبوط ڪري رهيو هو.[3]چچ نامي م درياه ٽپڻ وارو ھنڌ ميرپور ساڪرو وارو ڏيکاريل آھي جيڪو مولائي شيدائي جي مطابق سمجھ کان ٻاهر آهي ڇوتہ لشڪر سيوھڻ ڀرسان ھو ۽ درياءَ ٽپڻ لاءِ ميرپور ساڪري وڃڻ غير معقول ڳالھ ھئي.راسل جي مدد سان اسلامي لشڪر گجري جي ڍنڍ عبور ڪئي، جنهن جي پرئين ڪپ تي ڏاهر لشڪر سان موجود هو. سندس وزير، سيساگر، جو ان وقت وزير ٻڌيمان جي عهدي تي مامور هو، تنهن ڏاهر کي پڪ ڏني ته جتور وٽ جنگ لڳڻ سان فتح اسان جي آهي. گجري ڍنڍ وٽ دشمن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِعرب سپه سالار لاءِ الور جو رستو صاف ٿي ويو. ڏهن ڏينهن تائين قلعي جي باهران جنگ لڳندي رهي، هر هڪ مقابلي ۾ دشمن شڪست کائيندا رهيا. يارهين ڏينهن ڏاهر پنهنجي پٽ جئسيه ۽ محمد علافيءَ کي جاٽن ۽ راجپوت راجائن جي لشڪر سان، جنهن جو تعداد ٽيهه هزار هو، جنهن ۾ ڏهه هزار زره پوش سوار لشڪر هو ۽ بيشمار هاٿي به هئا، مقابلي لاءِ ميدان ۾ آندو. اسلامي لشڪر جو تعداد فقط 900 هو، جن کي فاتح سنڌ ٽن حصن ۾ ورهايو هو. اهي مجاهد بني تميم، بني ازد، بڪر ۽ قيس جي قبيلن جا جوان هئا، جي قسطنطنيه جي ديوارن هيٺان به پهتا هئا، جن جي وڏن مدائن ۽ اصطخر جي ديوارين کي ڪنبايو هو. ڏهين رمضان المبارڪ سنه 93ھ (16 جون سنه 711ع) ۾ جنگ جو آخري طبل وڳو. محمد بن قاسم لشڪر اڳيان هڪ مختصر ۽ پرجوش تقرير ڪئي ۽ لشڪر کي وصيت ڪئي ته سندس شهيد ٿيڻ کان پوءِ محزز بن ثابت کي لشڪر مٿان امير ڪن ۽ جيڪڏهن محزز به شهيد ٿي وڃي ته سعيد اڳواڻ ٿي رهي. راجا ڏاهر هڪڙي سفيد هاٿيءَ تي سوار هو، هودي اندر سندس ٻه ٻانهيون ٻنهي پاسن کان هيون، جن مان هڪڙيءَ کيس پان جا ٻيڙا ٺاهي پئي ڏنا ۽ ٻيءَ تير کڻي پئي ڏنا.[3] اسلامي لشڪر جا گهوڙا هاٿين کي ڏسي ٽهڻ لڳا. محمد بن قاسم ٻرندڙ تيرن اڇلائڻ لاءِ حڪم ڏنو. جن کي ڏسي دشمن جي هاٿين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ سوارن کي ڪيرائي بدحواسيءَ جي عالم ۾ ميدان ڇڏي ڀڳا، جنهن ڪري ڪيترا سنڌي سپاهي هاٿين جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي مري ويا[3]هڪڙو ٻرندڙ تير ڏاهر جي هودي کي لڳو، جنهن ڪري سندس هاٿي بدمستيءَ جي حالت ۾ ويجهي تلاءَ ڏانهن ڀڳو. ڏاهر هيٺ لهي گهوڙي تي چڙهڻ لڳو، ته شجاع اعرابيءَ ترار جي هڪڙي ڌڪ سان کيس ماري وڌو[7]

اروڙ جو محاصرو ۽ قبضو

سنواريو

ڏاهر جي لشڪر ميدان ڇڏي وڃي الور جي قلعي ۾ پناهه ورتي. عرب فاتحن ڏاهر جي سسي وڍي نيزي تي چاڙهي گهمائي. ڏاهر جي ماڻهن کي سندس مارجي وڃڻ جي پڪ ٿي. محمد بن قاسم اعلان ڪيو ته جيڪو مسلمان ٿيندو يا جزيه ادا ڪندو، تنهن کي آزاد ڪيو ويندو. الور کي مضبوط عالم پناه ڏنل هئي، جنهن جي اندران شهر وارن ڪيترن مهينن تائين فاتحن سان مقابلو ڪيو. آخر تنگ ٿي هنن ٻه شرط پيش ڪيا:
(1) شهر وارن مان ڪنهن کي به قتل ڪيو نه وڃي
(2) مسلمان بتخاني سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪن.
محمد بن قاسم سندن ٻئي شرط منظور ڪيا ۽ هيٺيان لفظ چيا:[3]

”المعبدالا ککنائس النصاري واليهود و بيوت نيران المجوس“

(هندستان جا بتخانا به عيسائين ۽ يهودين جي عبادتگاهُن ۽ مجوسين جو آتشڪدن جهڙا آهن.)

قلعي ۾ داخل ٿيڻ وقت، ٻائيءَ پاڻ کي قلعي جي ديوار تان هيٺ ڪيرائي خودڪشي ڪئي [8]’چچنامي‘ ۾ لکيل آهي ته فاتح عربن کي الور جي قلعي مان سٺ هزار قيدي هٿ لڳا، جن ۾ ڏاهر جي راڻي لاڏي ۽ ڏاهر جي ڀائٽي سندريءَ کان سواءِ ٽيهه ٻيون شهزاديون هيون. ان کان سواءِ بيشمار خزانو هو. مٿيان سمورا قيدي خزانن ۽ ڏاهر جي سسيءَ سميت ڪيچ مڪران جي رستي کان بصري ڏانهن روانا ڪيا ويا.[3]

برھمڻ آباد جي فتح

سنواريو

ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، سندس پٽ جئسيه وٽ محمد علافيءَ سميت 15 هزار لشڪر هو. ٻنهي کي وزير سيساگر، برهمڻ آباد جي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ صلاح ڏني، جت بيشمار خزانو دفنايل هو. ابن خلدون لکي ٿو ته، برهمڻ آباد (برهنماباد) سنڌ ۾ ٻيو نمبر شهر هو، هتي جو قلعو هندستان جي مضبوط قلعن مان هو.جئسيه سنڌ جي سڀني راڻن کي ڏاهر جي مارجي وڃڻ جي خبر موڪلي، کانئن مدد لاءِ گهر ڪئي. ٻئي پاسي غازي محمد بن قاسم صوبن جي سڀني حاڪمن لاءِ پڌرائي ڪئي ته جيڪو اطاعت قبول ڪندو، تنهن کي امان ڏبي ۽ سندن مذهب ۾ ڪوبه دخل نه ڏبو ۽ سڀني جون خطائون معاف ڪبيون. ڏاهر جي وزير سيساگر، جنهن وٽ سرانديپ جا قيدي هئا، تنهن محمد بن قاسم جي اعلان کي غنيمت ڄاڻي معافيءَ لاءِ طلب ڪئي، جا کيس ڏني ويئي. الور ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ دهليله جي حاڪم نيويه بن ڌارن، 16000 لشڪر سان مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي پيش پيو. محمد بن قاسم وزارت جو قلمدان سيساگر جي سپرد ڪيو.[3]برهمڻ آباد جي قلعي کي چار دروازا هئا: 1- جر ٻيڙي، 2- ساهتيا، 3- منهڙو ۽ 4- سالباه، جن مٿان جئسيه چار سپه سالار فوجن سميت مقرر ڪيا هئا. سنڌين جي هيءَ آخري جنگ هئي. سندن فوجين جو تعداد 40 هزار هو. ماه رجب ۾ عرب لشڪر برهمڻ آباد کي ويجهو پهتو. فاتح سنڌ لشڪر کي خندقن کوٽڻ لاءِ حڪم ڏنو. ماه ذي الحج سنه 94ھ (سنه 712ع) ڌاري جنگ شروع ٿي. جئسيه گوريلا جنگ شروع ڪئي ۽ سڄي علائقي کي ويران ڪري ڇڏيائين، جيئن اسلامي لشڪر کي سامان رسد ۽ جانورن لاءِ گاه ملي نه سگهي.[3] محمد بن قاسم پنهنجن سپه سالارن مان بنانه بن حنضله، عطيه ثعبلي، صادم بن سارم همداني، عبدالملڪ مدني ۽ ماڪا بن بسايا کي سوارن جي دستي سان روانو ڪيو. هنن اهڙي بهادريءَ سان جنگ ڪئي، جو دشمن جا پير ميدان مان اکڙجي ويا. جئسيه راجپوتانا جي صحرا ڏانهن ڀڄي ويو. محمد علافي جان بچائي ڀڄي ويو، ڇهن مهينن جي گهيري کان پوءِ شهر وارن برهمڻ آباد جي قلعي جا در پٽيا. محمد بن قاسم مٿن جزيه مقرر ڪري، بتخانن کي قائم رکيو. وري جن مقابلو ڪيو، سي مارجي ويا. ان کان پوءِ شهر بااثر ماڻهن جي حوالي ڪري محمد بن قاسم الور ڏانهن موٽيو.

بابيا ، اچ ۽ ملتان ي فتح

سنواريو

بابيا جو مشهور قلعو بياس نديءَ تي هو، هتي جو حاڪم ڪڪسي بن چندر ڏاهر جو سؤٽ هو. ڏاهر سان جنگ وقت مددگار هو؛ ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ قلعي ۾ اچي لڪو هو. هن عرب لشڪر جي پهچڻ وقت شهر کان نڪري اچي ان جو استقبال ڪيو. غازي محمد بن قاسم خوش ٿي کيس پنهنجو وزير مقرر ڪيو ۽ شهر جون مالي واڳون سندس سپرد ڪري، بياس ٽپي اچ (اسڪلندہ)[9] جي قلعي تي ڪاهه ڪئي. هتي جو حاڪم ملتان جي راجا جو ڀائٽيو هو. ستن ڏينهن تائين مقابلي ڪرڻ کانپوءِ هو ملتان ڏانهن ڀڄي ويو. اسڪلنده فتح ڪرڻ کان پوءِ اسلامي لشڪر سڪه جي قلعي تي ڪاهه ڪئي، جو راوي نديءَ جي ڏکڻ ۾ هو. هتي جو حاڪم بجيراءِ سترهن ڏينهن تائين مقابلي ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي ويو.[3] محمد بن قاسم قلعي مٿان عتبه بن سلمه کي حاڪم مقرر ڪري، راوي ندي ٽپي، ملتان تي گهيرو ڪيو. ملتان جو راجا، چندر جو پٽ گرسيه ٻن مهينن تائين مقابلي ڪرڻ کان پوءِ، شهر ڇڏي ڪشمير ڏانهن ڀڄي ويو. ملتان جي آفتاب جي مندر ’بيت الذهب‘ مان فاتحن کي دفنايل خزانو 3 ڪروڙ رپيا هٿ لڳو. ياد رهي ته سنڌ جي شهرن ديبل، سيوستان، نير ڪوٽ ۽ الور مان جيڪي خزانا هٿ لڳا هئا، تن جو پنجون حصو حجاج بن يوسف ڏانهن روانو ڪيو ويو هو، باقي لشڪر ۾ ورهايو ويو هو، پر ملتان مان جيڪو خزانو هٿ لڳو هو، سو جهازن رستي ديبل ۽ بصري کان دمشق ڏانهن روانو ڪيو ويو[10]. محمد بن قاسم ملتان شهر مٿان دائود بن نصر عمانيءَ کي حاڪم ۽ قلعي مٿان ازهر مدنيءَ کي سپه سالار مقرر ڪري، ڪيرج ڏانهن وڌيو. ان وقت عرب لشڪر جو تعداد پنجاه هزار هو، جنهن ۾ گهڻا سپاهي هندو هئا.[3]

ڪيرج ۽ قنوج جي فتح

سنواريو

ڪيرج جو راجا دروهراءِ هو، جنهن آڻ مڃي، ڪيرج فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم ديپالپور ڏانهن وڌيو، جو ملتان ۽ لاهور جي وچ ۾ وڏو شهر هو. ديپالپور ۾ جامع مسجد تعمير ڪرائڻ کان پوءِ ابن عبدالملڪ بن تميم کي شهر مٿان حاڪم مقرر ڪري، ابو حليم شيبانيءَ کي ڏهه هزار لشڪر سان قنوج فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو. غازي محمد بن قاسم جي هيءَ پوئين منزل هئي، ليڪن بعض انگريزي تاريخن ۾ لکيل آهي ته هن قنوج، راجپوتانا، چتور، ڪڇ ۽ گجرات تائين ملڪ فتح ڪيا هئا [11] .[3] ’چچنامي‘ ۾ قنوج جي راجا جو نالو چندر جهشال ڏنل آهي. ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ محمد بن قاسم جي اُڌيپور تي ڪاهه جو ذڪر ڏنل آهي[12] . ان کان سواءِ ’مختصر تاريخ هند‘ ۾ بيان آهي ته محمد بن قاسم ڪشمير کان ڪڇ، مارواڙ، راجپوتانا ۽ مالوه جي سرحد تائين ملڪ فتح ڪيا هئا [13]. بهرحال سنڌ جي فتوحات مان اسلامي لشڪر کي تيرهن ڪروڙ پنجهتر رپين جو مال ۽ ٽيهه هزار غلام ۽ ٻانهيون هٿ لڳيون هيون. حجاج بن يوسف دمشق جي خزاني مان سٺ هزار درهم خرچ ڪيا هئا[14] . شام جو قصر عميرا، جو اموين جو حمام هو، تنهن جي هڪڙيءَ ديوار تي راجا ڏاهر جي تصوير ڏنل آهي.[3]

رواداري وارو نظام

سنواريو

محمد بن قاسم نه صرف جنگون فتح ڪري نالو ڪمايو پر هڪ سٺي منتظم هئڻ جو ثبوت پڻ ڏنو. هُن تقريبن 4 سال سنڌ ۾ گذاريا پر اِن ٿوري وقت ۾ فتح سان گڏوگڏ سلطنت جو اعليٰ انتظام پڻ ڪيو ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙي حڪومتي نظام جو بنياد وڌو جنهن انصاف جي سڀني تقاضائن کي پورو ڪيو. محمد بن قاسم پنهنجي صلاحيتن، جرئت ۽ اخلاق جي ڪري هندوستان ۾ جيڪي ڪارناما ڪيا اُهي ذڪر لائق آهن. سنڌ جي عوام لاءِ هُن رواداري جي سٺي پاليسي اختيار ڪئي. محمد بن قاسم جِي سنڌ جي فتح سياسي ، سماجي، مذهبي ۽ علمي لحاظ کان بي شمار اثر ڇڏيا.  

شخصيت ۽ ڪردار

سنواريو

محمد بن قاسم هڪ ڳڀرُو جوان هو. اُن ننڍي عمر ۾ سنڌ تي ڪاھ جي مهم ۾ سپه سالار جي حيثيت سان جيڪي ڪارناما انجام ڏنا اُهي سندس ڪردار جي عڪاسي ڪَن ٿا. هُو جنگي قابليت ۽ انتظامي صلاحيتن جو مالڪ هو. هُن جي صلاحيتن جي ثبوت لاءِ سنڌ جي مُهم ئي ڪافي آهي. سندس اخلاق ۽ ڪردار جو اندازو هِن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ غير قوم ان جي ماتحت ٿي وئي. سنڌ جو عوام ساڻس چاهت جو اظهار ڪرڻ لڳو هو. تاريخِ سنڌ جي مصنف اعجاز الحق قدوسي لکن ٿا ته : ”محمد بن قاسم جڏهن سنڌ مان واپس پئي ويو ته پوري سنڌ ۾ سندس وڃڻ تي ڏُک جو اظهار ڪيو ويو هو. سندس وفات تي شهر ڪيرج جي هندوئن ۽ ٻُڌن پنهنجي شهر ۾ سندس هڪ مجسمو ٺاهي ساڻس عقيدت جو اظهار ڪيو.“[15] ساڳيو ئي ذڪر فتوح البلدان جي مصنف بلاذري پڻ ڪيو آهي. ”محمد بن قاسم جي شخصيت انتهائي پُروقار هُئي. سندس اخلاق ٻين کي موهي وجھندو هو. سندس زبان جي مِٺي ۽ چهرو مسڪرائيندڙ هو. هو هڪ باهمت، بامروت، رحمدل ۽ ملڻو (ملندڙ) انسان هو. هو هر شخص سان محبت سان پيش ايندو هو ۽ سندس ماتحت سندس وڏي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. عام زندگي ۾ ماڻهن سان غم ونڊيندو هو. هُن هر موڙ تي عقل ۽ دانائيءَ کي پوري طرح استعمال ڪيو ۽ ان جو هر قدم ڪاميابي جون راهون تلاش ڪندو هو. سندس بلند خيالي ۽ مستحڪم ارادا سندس جي ڪاميابيءَ جا ثبوت آهن. “  

سنڌ تي حملي جا ڪارڻ

سنواريو
  1. سنڌ تي 711ع بمطابق 10 رمضان المبارڪ 93 هجري ۾ حملو ڪيو ويو۔ ان وقت اسلامي خليفو وليد بن مالڪ هو۔
  2. ان زماني ۾خليج فارس بحيره عرب جي رستي پري پري تائين واپار ٿيندو هو۔ هڪ ڀيرو لنڪا کان هڪ جهاز بصره وڃي رهيو هو۔ ان جهاز ۾ واپار جي سامان سان گڏوگڏ ڪجهه بيوه عورتون ۽ يتيم ٻار به سفر ڪري رهيا هئا۔ بدقسمتي سان بحري قزاقن ان تي حملو ڪيو ۽ قيمتي سامان، عورتون ۽ ٻار به ساڻ اغوا ڪري کڻي ويا۔ جڏهن اموي خليفي وليد بن مالڪ کي خبر پئي ته پاڻ سنڌ جي حڪمران راجا ڏاهر کي خط لکيائون ته انهن قزاقن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ۽ سامان۔ عورتون ۽ ٻار آزاد ڪرايا وڃن۔ راجا ڏاهر ان خط جو جواب موڪليو ته بحري قزاقن سان منهنجو ڪو واسطونه آهي انڪري مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان۔ان واقعي سان گڏوگڏ ڪجهه ٻيا به اڻوڻدڙ واقعا پيش آيا جنهن کانپوءِ حجاج بن يوسف خليفي کان سنڌ تي حملي جي اجازت ورتي۔ ٿوري ئي عرصي ۾حجاج بن يوسف پنهنجي ڀائيٽي محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ورتو۔
  3. اهو اسلامي لشڪر اٽڪل 6 هزار سپاهين تي مشتمل هو۔ جڏهن ته راجا ڏاهر جي فوج اٽڪل 60 هزار جي لڳ ڀڳ هئي جنهن ۾ جنگي هاٿي به شامل هئا۔
  4. ان حملي وقت سنڌ جي اڪثر آبادي جومذهب ٻُڌمت هو۔
  5. حملي وقت محمد بن قاسم جي عمر 17 سال هئي ۽ اهو حملو مڪران جي رستي تان ٿيو۔ پهريو نشانو ديبل هو۔ ديبل ان وقت سنڌ جي گاڌي جو شهر هو۔ ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ نيرون ڪوٽ تي چڙهائي ڪئي وئي۔ هي شهر موجوده حيدرآباد جي ڏکڻ ۾سنڌودريا جي اُلهندي ڪناري تي هو۔ديبل کان نيرون جو فاصلو ان وقت اٽڪل 3 ڏهاڙا کن هو.
  6. نيرون ڪوٽ ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه پنهنجي فوج سان گڏ موجود هو۔محمد بن قاسم جي حملي جو ٻُڌي هو الور (اروڙ) ڀڄي ويو۔
  7. نيرون جي حاڪم اسلامي لشڪر آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪندي شهر کي عربن حوالي ڪيو۔
  8. جنهن کانپوءِ اسلامي لشڪر سيوستان(سيوهڻ) ڏانهن وڌيو۔ اتي راجا ڏاهر جو ڀائيٽو راج حاڪم هو۔معمولي مقابلو ڪرڻ کانپو هو رات جي اونداهي ۾ ٻُڌيا شهر ڀڄي ويو۔
  9. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ عربن ٻُڌيا تي به قبضو ڪري ورتو۔ اهڙي طرح سنڌ جي اولهه پاسي جا سڀ علائقا فتح ڪرڻ کانپو اسلامي لشڪر سنڌو دريا پار ڪري ٻئي طرف جي علائقن کي فتح ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون۔
  10. محمد بن قاسم جي لشڪر سنڌو دريا ٻيڙين وسيلي پار ڪيو۔
  11. جهم جي مقام تي راجا موڪا بن سبايا جي مشورن سان راجا ڏاهر جي فوج تي حملو ڪيوويو۔ جنگ دوران راجا ڏاهر هاٿي جي مست ٿي وڃڻ جي ڪري وڏي مشڪل سان ڀڄي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي سگهيو ۽ ان راوڙ جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي۔[16]

افسوسناڪ انجام

سنواريو

ملتان جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم اُتر هندوستان جي سرسبز علائقن ڏانهن متوجه ٿيڻ لاءِ قدم وڌايو. پهرين قنوج جي راجه کي اسلام جي دعوت ڏني پر هُن قبول نه ڪئي ته محمد بن قاسم قنوج تي حملي تياري شروع ڪري ڏني. ان دوران 95ھ ۾ حجاج بن يوسف جو انتقال ٿي ويو جنهن تي محمد بن قاسم قنوج تي ڪاھ بجاءِ واپس آيو. حجاج بن يوسف جي لاڏاڻي جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ وليد بن عبدالملڪ اوڀرئين ملڪن جي سڀني گورنرن جي نالي حڪم جاري ڪيا ته هُو جنگون روڪين. محمد بن قاسم کي اُتر هندوستان تي حملي جي حالتن اجازت نه ڏني ۽ ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ خليفو وليد بن عبدالملڪ پڻ 96ھ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي لاڏاڻي سان گڏ فاتح سنڌ محمد بن قاسم جو زوال شروع ٿيو ڇو ته وليد کان پوءِ سندس ڀاءَ سليمان بن عبدالملڪ جانشين مقرر ٿيو جيڪو حجاج بن يوسف جو سخت دشمن هو. حجاج جو انتقال سندس تخت تي ويهڻ کان اڳ ئي ٿيو پر ان دشمنيءَ جو بدلو هُن حجاج جي پوري خاندان کان ورتو ۽ محمد بن قاسم جي سڀني ڪارنامن کي نظر انداز ڪندي کيس حجاج جي خاندان جو فرد ٿيڻ جي ڏوھ ۾ عتاب جو نشانو بڻايو. سليمان، يزيد بن ابي ڪشبه کي سنڌ جو والي مقرر ڪري موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري موڪل. محمد بن قاسم جي ساٿين کي جڏهن اِن گرفتاريءَ جي خبر پئي ته انهن محمد بن قاسم کي چيو ته اسان توکي پنهنجو امير سمجھون ٿا ۽ ان لاءِ توهان جي هٿ تي بيعت ٿا ڪريون، خليفي جو هٿ تو تائين پهچڻ نه ڏينداسين پر محمد بن قاسم خليفي جي حڪم سامهون پنهنجي پاڻ کي جھُڪايو. هيي سندس عظمت جو وڏو مثال آهي. جيڪڏهن هُو ائين نه ڪري ها ته سندس مدد لاءِ سنڌ جي ٿَر جو هر ذرو اڳيان اچي ها پر هُن ائين نه ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ ابي ڪشبه حوالي ڪيو. محمد بن قاسم کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ دمشق موڪليو ويو. سليمان کيس واسط جي جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو. 7 مهينا جيل جون سزائون ڀوڳڻ کان پوءِ هُن لاڏاڻو ڪيو.

سليمان بن عبدالملڪ تخت تي ويهندي ئي عراق جو گورنر يزيد بن مهلب کي بڻايو، جنهن جي هٿ ۾ سڀ اوڀر وارا ملڪ هوندا هئا، مهلب، حجاج ۽ ان جي مائٽن جو وڏو ويري هو. ان ڇا ڪيو جو ڍل اوڳاڙڻ جو ڪم خارجي مذهب جي همراهه صالح بن عبدالرحمان حوالي ڪيو. حجاج جيئن ته خارجين کي مارايو هو ۽ ان ۾ صالح جو ڀاءُ آدم به شامل هو، تنهن ڪري هاڻي صالح کي خارجين جي بدلي وٺڻ جو پورو پورو موقعو ملي ويو. مهلب ۽ صالح ٻنهي ملي ڪري حجاج جي خاندان جي هڪ هڪ همراهه کي ايذائڻ ۽ قتل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. سنڌ جون واڳون يزيد بن ابي ڪبشه جي حوالي ڪيون ويون ۽ محمد بن قاسم کي ڏوهي قرار ڏئي کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ مهلب پنهنجي ڀاءُ معاويه کي يزيد بن ابي ڪبشه سان گڏ سنڌ موڪليو. يزيد سنڌ پهچڻ شرط محمد بن قاسم کي گرفتار ڪيو ۽ ڏوهارين وانگر گوڻ جا ڪپڙا پارائي ۽ هٿن پيرن ۾ ڪڙيون لڳائي معاويه جي نگرانيءَ ۾ عراق اماڻيو[17]رحيمداد خان مولائي شيدائي مطابق: حجاج بن يوسف جيڪي به عملدار مقرر ڪيا هئا، تن سڀني کي سليمان عهدي تان لاهي ڦٽو ڪيو. ساڳيءَ طرح غازي محمد بن قاسم کي به سليمان بن عبدالملڪ معزول ڪري، يزيد بن ابي ڪبشه سڪسڪيءَ کي سنڌ مٿان نائب ڪري روانو ڪيو، جنهن هن کي ٽاٽ جا ڪپڙا پهرائي، پيرن ۾ زنجير وجهي، قدين وانگر، معويه بن مهلب جي نگرانيءَ هيٺ، دمشق ڏانهن روانو ڪيو. سليمان کيس واسط جي جيل ۾ قيد رکيو، جتي عراق جي عامل صالح بن عبدالرحمان فاتح سنڌ کي طرحين طرحين سزائون ڏيئي مارائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته صالح بن عبدالرحمان کي به حجاج بن يوسف سان خصومت هئي[3]

سنڌ جو هيرو ڪير؟

سنواريو

سنڌ جي تاريخ جي ٻن اهم ڪردارن محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر بابت هميشه ٻه مختلف رايا رهيا آهن۔ بد قسمتي سان اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته انهن ٻنهي مان سنڌ جو هيرو ڪير آهي۔ جيتوڻيڪ اڪثريت محمد بن قاسم کي محسنِ سنڌ سمجهي ٿي پر ڪن جي نظر ۾ اڄ به راجا ڏاهر ئي سنڌ جو هيرو آهي۔سنڌ جي تاريخ جي ڪمزور پهلوئن ۾شامل هي ٻه ڪردار پنهنجي صحيح مرتبي تي پهچڻ لاءِ تحقيق گهرن ٿا۔

محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر بابت ٻه مختلف خيال ڪجهه هن طرح بيان ٿيندا آهن۔

  1. سنڌ جو هيرو راجا ڏاهرآهي: هي سوچ رکندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته محمد بن قاسم ناجائز حملو ڪري سنڌ تي قضو ڪيو ۽ راجا ڏاهر جيڪو سنڌ جو جائز حڪمران هو تنهن سان زبردستي جنگ ڪري کيس ماريو ويو۔راجا ڏاهر سنڌ ڌرتي جي دفاع ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏي هئي تنهن ڪري سنڌ جو هيرو راجا ڏاهر آهي۔
  1. سنڌ جو هيرو محمد بن قاسم آهي:هي سوچ اڪثريت جي آهي۔ ان مطابق محمد بن قاسم سنڌ ڌرتي تي حملو هڪ نيڪ ارادي سان ڪيو ۽ سنڌ تي ظالم حڪمران راجا ڏاهر جي ناانصافين کان عام ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ جو سهرو محمد بن قاسم تي آهي۔ سنڌ جي فتح کانپو ڪفر ۽ شرڪ جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ ڌرتي کي باب الاسلام جو شرف حاصل ٿيو۔[16]

== حوالا ==سنڌ تي حملي ڪرڻ جا سبب ڪجهه هن ريت ؛ دراصل حقيقت فرانس جي عظيم اڳواڻ نپولين بونا پارٽ چيو هو ته ٰٰٰ تاريخ ڪوڙ جو اه مجموعو آهي، جنهن کي ماڻهو سچ سمجهي قبول ڪن ٿا ٰٰ محمد بن قاسم جو اصل ڪارڻ سنڌ کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ غلام ڪرڻ ھو ۔جڏهن ته سنڌ تي سورنهن حملا پهرين ٿي چڪا هئا جيڪي ناڪام ويا۔ جڏهن ڪوفي، بغداد ۽ بصرا ۾ ھل هلي پيو ته سنڌ تي سورنهن حملو پڻ ناڪام ٿي چڪو آهي ، عرب فوج کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، عرب لشڪر ۾ ڪجهه اهڙا سپاهي آهن جن قسم کڻي ڇڏيو آهي هاڻي وري سنڌ تي ڪڏهن به پير نه رکنداسين ۔ وقت جو خليفو ڪاوڙجي پيو ، ۽ ھڪ تمام وڏي لشڪر کي تيار ڪرڻ جو حڪم ڪيائين، عالم هارون بن مروان صلاح ڏني ائين جلدبازي ۾ حملو نه ڪرڻ گهرجي ، سنڌ ساڻ عربن واپارين جا لاڳاپا آهن، ڪجهه عرصي لاء سنڌ اندر جاسوسن کي موڪلجي، اتان جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪجي، اهو پڻ جاچجي ته آخر سنڌين وٽ اهڙي ڪهڙي سگه آهي جو عربن جا سورنهن حملا ناڪام ٿي ويا ۔ سنڌ لاء رسول صلى الله عليه وسلم جن فرمايو ؛ مون کي سنڌ منجهان جنت جي هوا اچي ٿي۔ عربن جي سنڌ مٿان ڪيل سورنهن حملن جي ناڪامي تي ويچار۔ سنڌ جي ماٿري تي امير معاويه لاڳيتا ڇھ حملا ڪرايا، انهن ۾ پهريون 44ھ ۾ مهلب بن ابي صغره ڪيو، ٻيو 46ھ ۾ عبدالله بن سوار لعبدي ڪيو، ٽيون حملو 49ھ ۾ سنان بن مسلمه الهذالي ڪيو، چوٿون حملو 51ھ ۾ راشد بن عمر الجديدي ڪيو، پنجون حملو 53ھ ۾ سنان بن مسلمه الهذلي ڪيو، ڇهون حملو 57ھ ۾ عباد بن زياد ڪيو، معاويه کانپوء يزيد پڻ پئُ جي پيرن تي هلندي سنڌ مٿان ٽي حملا ڪيا۔ 1- حملو 59ھ ۾ ابوالاثعب المنذر البعدي ڪيو۔ 2- حملو 63ھ ۾ حڪم بن منذر البعدي ڪيو، ۽ 3- حملو 64ھ ۾ حري بن حري الباهي ڪيو۔

جنهن کانپوء خلافت عبدالملڪ بن مروان ڏانهن هلي وئي۔ هن پڻ سنڌ تي پنج حملا ڪيا۔

1- حملو 70ھ ۾ 2- حملو 75ھ ۾ سعيد بن اسلم الڪلابي ڪيو، 3- حملو 80ھ ۾ محمد العافي ڪيو۔ 4- حملو 85ھ ۾ مجاع بن سعرالعتميمي ڪيو ۽ 5- حملو 86ھ ۾ محمد بن هارون المنري ڪيو۔

ان کانپوء سنڌ تي ٻه حملا وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ ٿيا۔ پهريون حملو 90ھ ۾ عبدالله نبهان السلمي ڪيو ۽ جڏهن ته ٻيو حملو 90ھ ۾ ئي بديل بن طهفه الجبلي ڪيو۔ اهي سڀ حملا ناڪام ويا ، بعد ۾ محمد بن قاسم سنڌ مٿان حملو ڪيو فتح نصيب ٿي جيڪو سنڌ مٿان سترنهون حملو هو.

بن قاسم پاران سنڌ تي ڪاھ جو اصل مقصد

سنواريو

فتوح البلدان جي مطابق بن قاسم جي سنڌ تي ڪاھ، مائين ۽ ڇوڪرين کي ڇڏائڻ واري صدا تي نه پر بذيل جي سرواڻي ۾ اڳواٽ ئي سنڌ تي ڪيل ڪاھ ۾ آيل هار جو وير وٺڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. [18] [19] ان سان گڏوگڏ عرب سامراجيت کي وڌائڻ پڻ ڪاهه جي مقصدن مان هڪ هيو.[20][21]

سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو
  1. جنۃ السندھ
  2. انسائیکلوپیڈیا مسلم انڈیا، حصہ دوم، صفحہ77
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 3.15 3.16 3.17 3.18 ڪتاب جنت السنڌ، باب ٻيون،تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  4. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  5. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  6. اي. ڊبليو. هيوز ’تاريخ بلوچستان‘ ۾ لکي ٿو ته، ڀنڊڪرن پهريائين مڪران ڏانهن ڀڄي ويو، جتي جي حاڪم، بلوچ شاهبوق جي دعوت ڏيڻ سان مسلمان ٿيو هو.
  7. تاريخ ابن خلدون، جلد-5، ص- 279.
  8. فتوح البلدان: بلاذري، ص- 439.
  9. {’چچنامي‘ ۾ اسڪلنده بدران ’غولڪنڊه‘ لکيل آهي، حالانڪ گولڪنڊه هاڻوڪي حيدرآباد دکن جو نالو هو.(جنت السنڌ) }
  10. التبنيه والاشرف: مسعودي، ص 101-102. معجم البلدان: ياقوت حموي، جلد-8، ص- 201. ڪتاب الهند: بيروني، ص-116. سنه 45-1844ع ڌاري، جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي، بنگال ۾ ملتان جي مندر جو سربستو احوال شايع ٿيو هو. (صوفي پرنٽنگ پريس)
  11. ) J.Marchan: Abridgment of the History of India, P-18
  12. J.Tod: The Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol.I.
  13. مختصر تاريخ هند: سيد ابو ظفر ندوي، ص-35، مولانا اڪبر شاه ’تاريخ اسلام‘ جلد پهرئين ۾ لکي ٿو ته، محمد بن قاسم سورت تائين ملڪ فتح ڪيا هئا، ڏسو ص-111.
  14. تاريخ هندستان: مولوي ذڪاءُ الله، جلد-1، ص- 246، علي ڳڙهه. نوٽ: اُموي خليفن مان وليد پهرئين يا وليد ثانيءَ عيسوي 8 صديءَ ڌاري جيڪو قصر عميرا تعمير ڪرايو هو، جنهن جي ديوارن تي تصويرون ڏنل آهن، تن ۾ هڪڙي تصوير راجا ڏاهر جي آهي. اهي تصويرون آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهن.
  15. تاریخ سندھ از اعجاز الحق قدوسی صفحہ 226
  16. 16.0 16.1 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2017-06-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-30 
  17. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي 8.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page 8.html Check |url= value (مدد).  Missing or empty |title= (مدد) }
  18. ابوالحسن، احمد بن بحڳا بلاذري، متوفي 279 هجري ڪمري، ترجمه، محمد توڪل، نشر نقره 1337 (چاپ نخست) به ڪوشش امير حسين خنجي
  19. Futooh ul-Buldan - Abul Hasan Ahmad Bin Yahya Baladhuri (Farsi Tarjuma)
  20. "سنڌ تي حملن جي تاريخ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-11-20. 
  21. mr. "(سنڌ تي حملن جي تاريخ (اياز ڀاڳت | مسٽر سنڌي". حاصل ڪيل 2020-11-20.