سانچو:سنڌ بابت
ﺳﻨﮅ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﺍﭼﺎﺭ ” ﺳﻨﮅﻭ“ ﺁﻫﻲ، ﺳﻮ ﺷﺮﻭﻋﺎﺗﻲ ﻃﺮﺡ ﺍُﻧﻬﻲﺀَ ﻧﺪﻱﺀَ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﺍﻟﻬﻨﺪﻥ ﻣﻠڪﻦ ۾ ” ﺍﻧڊﺱ“ ( Indus ) ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺳﭹﺎﺗﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ . ﺍِﻫﻮ ﻏﻠﻂ ﺍُﭼﺎﺭ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﻗﺎﺋﻢ ﺭﻫﻴﻮ ، ﺟﻮ ﺍُﻫﻮ ﺳڪﻨﺪﺭ ﺍﻋﻈﻢ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺳﻨﺪﺱ ڪﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﺗﺬڪﺮﻥ ۾، ڪﺘﺐ ﺁﻧﺪﻭ ﻫﻮ، ۽ ﺍُﻫﻮ ﭘﻮﺀِ ﻋﺎﻡ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ۾ ﺍﭼﻲ ﻭﻳﻮ . ﻣﺸﺮﻗﻲ ﺍًﭼﺎﺭﻥ ۾ﺍﻫڙﻱ ﭰﻴﺮﮔﻬﻴﺮ ﻭﺍﻗﻊ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺭﻫﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ. ﺣﻀﺮﺕ ﻋﻴﺴﻲٰ ﻋﻠﻴﻪ ﺍﻻﺳﻼﻡ ﮐﺎﻥ ﻫڪ ﺻﺪﻱ ﭘﻮﺀِ ﺟﻮڙﻳﻞ ﻫڪ ڪﺘﺎﺏ ۾ ”ﺳﻨﭥﺎﺱ Sinthos)“ ) ﻧﺎﻟﻮ ﺁﻳﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺍﺻﻞ ۾ ڪﺠﻬﻪ ﻭﮄﻳڪ ﻗﺮﻳﺐ ﺁﻫﻲ . ﺑﻌﺪ “ ۾ ” ﺳﻨﮅ“ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺍُﻧﻬﻲ ﻣﻠڪ ﺗﻲ ﭘﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅﻭ ﻧﺪﻱﺀَ ﺟﻮ ﻫﻴﭡﻴﻮﻥ ﻭﻫڪﺮﻭ ﺭﺟﺎﺋﻲ ﭤﻮ، ﻳﻌﻨﻲ ﺍﻫﻮ ﻣﻠڪ ﺍُﻧﻬﻦ ڏﺍﻧﻲ ﻧﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﻢ ﮐﺎﻥ ﻫﻴﭟ ﺗﻲ ﺁﻫﻲ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﮔڏﻳﻞ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻲ ۽ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﭥﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﻠڪ ﮐﻲ ” ﭘﻨﺠﺎﺏ“ ﺳڏﻳﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﺍُﻫﻲ ﻭﻫﻴﻮﻥ ﭤﻲ . ﺍﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻠڪﻞ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺳﺮ ﺯﻣﻴﻦ ﺩﺭﻳﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﭡﻴﺎﻥ ﺳڏﺟﻲ، ﺟﻮ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺳﺮﺟﻴﻮ ﺋﻲ ﺩﺭﻳﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ ﺁﻫﻲ....مڪمل مضمون