سانوڻ ٽيج
سانوڻ ٽيج هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو ڪنواريون ۽ نو ورنيون، سانوڻ جي سھائي پک ۽ اونداهي پک جي ٽيج تي ڳائينديون آهن. هن گيت ۾ ڪيفيت ٿري لوڪ گيت جي آهي. سانوڻ ٽيج جو تعلق سانوڻ جي مند سان آهي. ٿر جون جوانڙيون وڻن ۾ پينگهون ٻڌي ڏينھن جو واندڪائيءَ ۾ لڏن بہ ۽ ترائيءَ ڀر تي سانوڻ ٽيج جا گيت بہ ڳائين. هن گيت ۾ ٿر جون نؤ ورنيون ۽ ڪنواريون پرديس ۾ پرڻجي ويل پنھنجي ساهيڙيءَ جي جذبن جو بہ اظھار ڪنديون آهن. سانوڻ رت ۾ آسمان ۾ڪڪرن جون گوڙيون ۽ کنوڻين جا کلڪار ڏسي، پرديسڻ ڇوڪري پنھنجي مائٽن لاءِ بہ اٻاڻڪي ٿيندي آهي[1]
- ائي ائي، مان اي سراوڻ ري ٽيج سراوڻ، سراوڻ، ڏيئا ساسري!
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.