سامونڊي گھوگھيتو

سامونڊي گھوگھيتو(انگريزي: Sea slug) ھڪ سامونڊي غيرڪرنگھيدار زميني گھوگھيتن (انگريزي: slugs) سان ملندڙ جلندڙ ھڪ جاندار آھي. ھنن کي کوپو ڪانہ ٿيندو آهي.[1] آھي جسم جي نموني، رنگ ۽ ماپ ۾ ھڪٻئي کان مختلف ٿيندا آهن. ھنن ۾ زھريلا ڏنگيندڙ گھرڙا ٿيندا آهن تنھن ڪري ان کي کائيندڙ جاندارن کي کائڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي.گيسٽروپاڊ جاندارن وانگر سامونڊي گھوگھيتن جا ڏند ننڍڙين پاڪين وانگر ٿين ٿا جن کي ريڊيولا چوندا آهن. اڪثر سامونڊي گھوگھيتن جي مٿي تي ٻہ جوڙا حسي سونڍ (انگريزي: tentacles) جا ٿين ٿا جن جي چوٽين ۾ ان جون اکيون لڳل ھونديون آھن ۽ انھن سونڍن وسيلي کيس سنگھڻ جي حس استعمال ڪندو آهي [2][3]

نيمبورٿا ائوريا ھڪ گيسٽروپاڊ
ھڪ سامونڊي کيرو جيڪو گھوگھيتي جھڙو لڳندو آهي ۽ غلطي م ان کي سامونڊي گھوگھيتو چوندا آهن پر حقيقت ۾ اھو گيسٽروپاڊ ناھي

حوالا سنواريو

  1. Thompson, T. E. 1976. Biology of opisthobranch molluscs, vol. 1, 207 pp., 21 pls. Ray Society, no. 151.
  2. Byatt, Andrew, Alastair Fothergill, and Martha Holmes. The Blue Planet: A Natural History of the Oceans. New York, NY: DK, 2001. Print. sea slug
  3. Encyclopedia, 6th ed.. 2015. Encyclopedia.com. 10 Nov. 2015<http://www.encyclopedia.com>.