سمير جي هڪ رياست ڪش جي بادشاھ سارگن لڳ ڀڳ چار هزار ٽي سئو پنجهٺ سال اڳ دنيا جي تاريخ ۾ پهرين وڏي ايمپائر يا سلطنت قائم ڪئي. هن ذري گهٽ سموري وچ اوڀر تي قبضو ڪري ورتو. شهنشاھ سارگن پنهنجي ايمپائر لاءِ هڪ نئون گاديءَ وارو شهر اگادي اڏڻ لاءِ سنڌ مان هزارين انجنيئر، ڪاريگر ۽ مزدور سڏايا، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي کانپوءِ دنيا جو ٻيو شهر اگادي شهري منصوبه بنديءَ سان اَڏڻ ۾ سنڌين جو هنر شامل هو. سنڌين سمير ۾ ڪيترائي واھ کوٽيا، اسڪول اڏي ڏنا ۽ شهنشاھ لاءِ مُهرون ٺاهيون. شهنشاھ سارگن سنڌ بابت ٺڪر جي گلدستن تي سنڌ جي تعريف ۾ گهڻو ڪجهه لکرايو. اهي گلدستا هن وقت لنڊن جي ميوزم ۾ رکيل آهن. اهڙيءَ ريت شهنشاھ سارگن سنڌ جي تاريخ جو پهريون تاريخدان چئي سگهجي ٿو. [1][2][3]

  1. سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين :سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو :حصو پهريون
  2. سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين :سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو
  3. عوامي آواز اخبار