ساراگوسا يا زاراگوزاعربي: سرقسطه ) (انگريزي: Zaragoza ) [3] [4] اسپين جي ھڪ شھر جو نالو آهي جيڪو صوبي ساراگوسا جو گادي جو هنڌ پڻ آھي. اھو ابرو ندي ۽ ان جي معاون شاخن ھئيروا ندي ۽ گاليگو ندي جي وچ تي ابرو ندي جي طاس واري علائقي ۾ واقع آهي. پھرين جنوري 2019 تي ھن شھر جي آبادي 706,904 ھئي[5] شھر ۽ ان جي ميونسيپل اختيار واري علائقي جي پکيڙ 1062.64 چورس ڪلوميٽر (410.29 چورس ميل) آھي. پکيڙ م ھن شھر جي ميونسيپلٽي اسپين جي پنجين وڏي ميونسيپلٽي آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 2001 ۾ جن شھر جي آبادي 614,905 ھئي[6].اسپين جي اتر-اوڀر ۾ واقع ھي شھر اراگون ڪميونٽي جو صدرمقام آھي ۽ ابرو ندي جي ڏکڻ واري ڪپ تي واقع آهي[6]. ھي شھر صنعتي مرڪز آهي ء ھتي ھر سال نيشنل ٽريڊ فيئر منعقد ٿيندو آهي[6]. شھر جي اھم عمارتن ۾ رومين ۽ گوٿن وارا چرچ ۽ ٻيون جايون شامل آهن[6].

ساراگوسا
Zaragoza

سرقسطة
شھر ، ميونسيپلٽي
ساراگوسا ۽ ابرو جو منظر
ساراگوسا ۽ ابرو جو منظر
ساراگوسا Zaragoza
جھنڊو
}}
قومي نشان
عرفيت: اسپين جو فلورنس[1]
ساراگوسا Zaragoza is located in Spain
ساراگوسا Zaragoza
ساراگوسا
Zaragoza
ساراگوسا Zaragoza is located in Aragon
ساراگوسا Zaragoza
ساراگوسا
Zaragoza
ساراگوسا Zaragoza is located in Europe
ساراگوسا Zaragoza
ساراگوسا
Zaragoza
اراگون ۾ ساراگوسا جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 41°39′N 0°53′W / 41.650°N 0.883°W / 41.650; -0.883مڪانيت: 41°39′N 0°53′W / 41.650°N 0.883°W / 41.650; -0.883
ملڪ  اسپين
خودمختيار ڪميونٽي  اراگون
صوبو ساراگوسا صوبو
ڪومارڪا (انتظامي ڊويزن) ساراگوسا ڪومارڪا
ضلعا سينٽرو، ڪئسڪو ھسٽاريڪو، ڊيليسيئس، يونيورسيڊاڊ، سان جوزا، لاس فوئنٽيس، لا الموزارا، اوليور والڊيفيئرو، ٽوريرو لاپاز، اڪٽور ري فرننڊو، ايل رابال، ڪيسابلانڪا، سانتا اسابيل، ميرالبوئنو، سور، ٻھراڙيءَ وارو ضلعو
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل
 • مجلس ايونٽاميئنٽو ڊي ساراگوسا
 • ميئر جارج ازڪان (پيپلزپارٽي)
پکيڙ
 • ڪل 973.78 ڪ.م2 (375.98 ميل2)
بلندي 243 ميل (797 ft)

تاريخ سنواريو

ھن شھر واري جاء تي پھرين ڪيلٽائبيرين وسندي سالدوبا واقع ھئي جنھن تي پھرين صدي قبل مسيح جي پوئين دؤر ۾ رومين قبضو ڪيو هو ۽ اتي ھڪ سيزرآگسٽا جي نالي سان ھڪ ڪالوني قائم ڪئي ۽ اھو نالو بگڙجندو ساراگوسا ٿي ويو[6]. ٽين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر کي ڪليسائي عھدن مان سقف جي سيٽ (انگريزي: episcopal see ) (بشپ جي اختيار واري سيٽ) جو درجو ڏنو ويو[6]. 714ع ۾ مسلمانن ھن شھر تي قبضو ڪيو. ٻارھين کان پندرھين صدي عيسويءَ تائين ھي شھر اراگون جي بادشاھت جو گاديءَ جو هنڌ رھيو[6]. 1808 کان 1809 تائين ٻہ ڀيرا ھي شھر فرينچ فوجن جي محاصري ۾ رھيو[6]. 1474ع ۾ ھتي يونيورسٽي قائم ٿي[6].

حوالا سنواريو

  1. Martí Font, J.M. (2017) (Spanish ۾). La España de las ciudades: El Estado frente a la sociedad urbana. ED Libros. ISBN 9788461799220. https://books.google.com/books?id=qu14DwAAQBAJ&pg=PT76&lpg=PT76&dq=zaragoza+florencia+española&source=bl&ots=uKTgVPtGYM&sig=ACfU3U3FYrnHA1DZEvXLex654VZIvRvFLw&hl=en&sa=X&ved=2ahUKEwjgk-Gqu4nnAhVQPq0KHe00BdE4ChDoATAOegQIAxAB#v=onepage&q=zaragoza%20florencia%20española&f=false. 
  2. Empty citation (مدد) 
  3. "Saragossa". Collins Dictionary. وقت 23 September 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 September 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. Encyclopædia Britannica Zaragoza (conventional Saragossa) آرڪائيو ڪيا ويا 2012-03-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. Gomar, Carlota (9 January 2019). "Zaragoza vuelve a crecer y supera la barrera de los 700.000 habitantes" (es ۾). El Periódico de Aragón. https://www.elperiodicodearagon.com/noticias/aragon/zaragoza-vuelve-crecer-supera-barrera-700-000-habitantes_1334924.html. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 6.5 6.6 6.7 6.8 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -