ساختيات (Structuralism) نظرئي مؤجب عمل جي ڀيٽ ۾ بيهڪ ۽ بناوٽ کي اهميت حاصل هوندي آهي، هن نظرئي جو بنياد مشهور لساني ماهر فرڊيندي سوسيور (1857-1913ع) وڌو، جنهن کي لسانيات جي علم (Linguistics) جو ابو چيو ويندو آهي. هن نظريي ۾ لسانيات، ڏند ڪٿائون، آرٽ ۽ سماجي تنظيمون اچي وڃن ٿيون. ساختياتي لسانيات ۾ پاڻ ۾ مربوط عنصري نظام جي لحاظ کان ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ان حساب سان ساختيات جو ادبي تنقيد تي تمام گهڻو اثر رهيو آهي. ساختيات جي تحريڪ هڪ لکڻيءَ کي ساڳي قسم جي ٻين لکڻين سان ڳنڍڻ جي حامي آهي، جنهن کي Intertexuality چئبو آهي. اها المتلقيت (Abslutilism) بيشڪ ته ٻاهرين عنصرن يا ٻين سرشتن سان واسطو رکڻ کي اهميت نہ ٿي ڏئي، پر ساڳي قسم جي ٻين لکڻين جي تناظر ۾ تحرير کي پنهنجي تجزئي جو حصو بڻائي ٿي. [1]

ساختيات پڄاڻان سنواريو

ساختيات پڄاڻان (Post-Strucaturalism) وارن، ساختيات جي اصولن کي ڦيرائي انهن جو هڪڙو در پيش ڪيو ۽ چيو ته ٻوليءَ ۾ معنيٰ نما (Signifier) ۽ تصوير معنيٰ Significal ڪي حتمي شيون يا اصول ناهن، جن سان ڪا قطعي معنيٰ (Absolute Meaning) ڏسي سگهجي. ساختيات پڄاڻان جي نقادن نٽشي جي ان فلسفي تي هن تحريڪ جو بنياد رکيو آهي ته: ”There is no meaning but interpretations“ [1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.