سائون هي گاھ سخت زمين تي ڊيگهہ ۾ ٽي – چار فوٽ کن ٿيندو جي داڻي جيڏو اَنُ ٻاهران ڀورو، اندران اڇو ٿيندو آهي. ٿري ماڻهو اُن جي ماني پچائين ۽ بعضي ڇَڙهي ڀت رڌي کائيندا آهن. هندو ماڻهو وڏن ڏينھن تي سائون خاص هٿ ڪري چاھ سان کائيندا آهن. ان گاھ کي ڍڳيون، مينھون، گڏھ، گهوڙا ۽ گابا کائيندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو