سئن فرانسسڪو ڪانفرنس

سئن- فرانسسڪو ڪانفرنس (Sanfrancisco Conference) آمريڪي شهر ۾ 25 اپريل کان 26 جون 1946ع تائين ٿي. هن ڪانفرنس جو گڏيل قومن (U.N) جي اداري جو بنياد وجهڻ ۾ تمام اهم ڪردار رهيو آهي. ان گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چين، فرانس، برطانيا، آمريڪا ۽ سوويت يونين کي سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو جو اختيار ڏنو ويندو. ان کان سواءِ جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي اختيارن بابت پڻ ان ڪانفرنس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن ڪانفرنس ۾ 46 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي، پر چئن عالمي قوتن جي پرڏيهي وزيرن جي ان ڏس ۾ ٿيل سرگرمي وڌيڪ ڪارائتي ۽ اهميت جوڳي هئي.[1]

حوالا سنواريو