زينب تاري سومرو، سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ راڻي رهي آهي جنهن 1092ع کان حڪومت جي شروع ڪئي. زينب سومرو سنڌ جي اها واحد راڻي آهي جنهن سنڌ تي ڏھ سال تخت تي راڄ ڪيو.

تاريخ مطابق زينب سومرو کي سومرا شاهي گهراڻي جي بادشاه ۽ سندس پيءُ ڀونگر سومرو پاڻ رٽائر ڪندي کيس تخت تي ويهاريو. ان وقت ڀونگر کي پٽ جو به هڪ اولاد هو، پر ان جي عمر ان وقت ايتري نه هئي جو ملڪ جو انتظام سنڀالي سگهي. زينب هڪ ذهين حڪمران هئي ۽ ڄاڻندي هئي ته حڪومت کي ڪيئن هلائجي.

زينب سومرو جي حڪومتي دور ۾ سنڌ تي ڪوبه ٻاهريون حملو ڪون ٿيو. هن جو تخت گاه ٿري ۾ هو، جيڪو سندس دور ۾ وڻج واپار ۽ خوشحاليءَ جو مرڪز ٿي پيو. ڏهن سالن جي ڪامياب حڪمرانيءَ کان پوءِ هن حڪومت جون واڳون سندس ڀاءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ هڪ عام گهريلو زندگي گهارڻ لڳي.

تاري سنڌ جي پهرين حڪمران عورت هئي، سن 1088ع ۾ دودو سومري (پهرئين) جي مرڻ کان پوءِ سندس ڌيءُ تاري سنڌ جو راڄ سنڀاليو. ان وقت دودي جو پٽ سنگهار اڃا ننڍڙو هو ۽ تاري بيحد متحرڪ ۽ رياست جي معاملن جي سمجھ رکندڙ هئي، تنهن ڪري اميرن ۽ وزيرن سندس تخت تي ويهڻ جي حمايت ڪئي.

تاري کي سومرا شاهي گهراڻي جي بادشاه ۽ سندس پيءُ ڀونگر سومرو جي مري وڃڻ کانپوءِ تخت تي ويهاريو ويو. تاريءَ پورا ڏهه سال بهترين طريقي سان راڄ هلايو، سندس حڪومتي دور ۾ سنڌ تي ڪوبه ٻاهريون حملو ڪونه ٿيو، هن جو تخت گاهه ٿري ۾ هو، جيڪو سندس دور ۾ وڻج واپار ۽ خوشحاليءَ جو مرڪز ٿي پيو. ڏهن سالن جي ڪامياب حڪمرانيءَ کان پوءِ هن حڪومت جون واڳون 1098ع ۾ سندس ڀاءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ هڪ عام گهريلو زندگي گهارڻ لڳي.

سنگهار ڪُل اٺ سال حڪومت ڪري مري ويو، تاريخدانن جو مڃڻ آهي ته رياستي معاملن ۾ هو سدائين پنهنجي ڀيڻ تاريءَ جي صلاح ۽ مدد وٺندو رهيو. دولت علويه ۾ تاريءَ جو نالو زينب ۽ سنگهار جو نالو شهاب الدين ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي. سنڌ جا ابتدائي سومرا حڪمران، عربي نالن بدران روايتي ديسي نالا رکندا هئا.

ماخذ سنواريو

  • پيرائتي سنڌ ڪٿا
  • منتخب التواريخ
  • دولت علويه
  • تحفته الڪرام

خارجي ڳنڍڻا سنواريو