زيبرا مڇي(انگريزي: Zebra fish ) جنھن جو حياتياتي نالو ڊانيو ريريو (انگريزي: Danio rario ) آھي ھڪ تازي پاڻيء واري مڇي آهي جنھن جو تعلق مڇين جي منائو (minnow) خاندان سان آهي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ملندي آهي. ان جو مارڪيٽ م نالو زيبرا ڊينيو آهي[2]. اھا ھڪ ڪرنگهي واري مڇي آهي ۽ سائنسي تحقيق م خاص طور تي دوائن جي ترقي ۾ ان جو گھڻو استعمال ٿيندو آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق اھا مڇي ساڳي وقت مڇين جي ٻن علحده گروھن سان تعلق رکندڙ آهي جن م ھڪڙو تازي پاڻيء واري جنسن وارو نسل براڪائڊانيو (سائپرنڊاء خاندان) ۽ ٻيون کاري پاڻي واري نسل ٽيروئس (انگريزي: Pterois ) (اسڪارپئنيڊاء) شامل آهن[3]. زيبرا ڊينيو (براڪائڊانيو ) تازي پاڻيء واري مڇي گھر ۾ رکڻ واري مشھور مڇي آهي جنھن جو اصل تعلق ايشيا سان آهي[3]. ان جي ڊيگھ 1.5 انچ يا 4 سينٽي ميٽرن تائين ھوندي آھي[3]. ان کي تيز نيري رنگ ۽ چاندي جي رنگ جا افقي پٽا ٿيندا آهن[3]. ان جي ڪجهه جنسن کي شينھن مڇي يا ٽرڪي مڇي جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي[3].

Danio rerio
ھڪ سمايل مادي زہبرا مڇي
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ڊانيو
جنس: Template:Taxonomy/ڊانيو{. ريريو
حياتياتي نالو
ڊانيو ريريو
(ايف.ھيملٽن, 1822)

حوالا سنواريو

  1. Vishwanath, W. (2010). "Danio rerio". IUCN Red List of Threatened Species 2010: e.T166487A6219667. doi:10.2305/IUCN.UK.2010-4.RLTS.T166487A6219667.en. https://www.iucnredlist.org/species/166487/6219667. Retrieved 15 January 2018. 
  2. "Breeding Zebrafish (Zebra danios)". 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -

زمرو؛ ڪرنگهي واريون مڇيون