زوھرس
زوھرس(انگريزي: Zuhres ) يوڪرائن ملڪ جو ھڪ شھر جو نالو آهي جيڪو ان جي دانيستڪ اوبلاسٽ[1] 2013 ۾ ھن شھر جي آبادي 18553 ھئي. ھي شھر دانيستڪ خطي جي وچ-اوڀر ۾ جبلن جي پاسي ۾ ڪرئنڪا ندي جي اوڀر واري ڪپ تي 13.1 چورس ڪلوميٽرن جي پکيڙ تي واقع آهي. 1930 واري ڏھاڪي ۾ ھن شھر لڳ وادي ۾ ھڪ ڊيم ٺاھيو ويو جنھن ڀرسان ھڪ زوھرس جي نالي سان بجلي جو پلانٽ لڳايو ويو. اڳ ۾ اتي ھڪ ڳوٺ واقع ھيو جيڪو ان ٿرمل پاور پلانٽ لڳڻ بعد شھر جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ 1938ع ۾ ان کي سرڪاري طور تي شھر جو درجو ڏنو ويو.
زوھرس Зугрес | |||
---|---|---|---|
شھر | |||
زوھرس شھر جو افقي ڏيک | |||
| |||
جاگرافي بيهڪ: 48°01′N 38°16′E / 48.017°N 38.267°E | |||
ملڪ | يوڪرين | ||
اوبلاسٽ | دانيستڪ اوبلاسٽ | ||
قائم ٿيو | 1929 | ||
آبادي (2013) | |||
• ڪل | 18,553 |
حوالا
سنواريو- ↑ Donetsk Oblast