زلزلو يا ڀونچال (Earthquake) ڌرتيءَ جي ڌوڏ ڌرتيءَ جي اندرين حرڪت جو هڪ قسم آهي، جيڪا جڙيل تاسرين جي مختلف رُخن ڏانهن حرڪت ۽ زمين يا سمنڊ اندر آتش فشاني عمل سبب اچي ٿو. انهيءَ حرڪت جي ڪري ڌرتيءَ جي سطح واري ڀون ڪڙيءَ جي تمام گهڻي اونهاين ۾ ٿيندڙ زلزلي جي اُٿڪ سبب ڀون ڪڙي تي تمام گهڻي ڌوڏ ۽ لوڏ پيدا ٿيندي آهي ۽ ڪن صورتن ۾ زمين جي اندران تتو ڳار (Magma)، تتي ريج (Lava) جي شڪل ۾ نڪري سمنڊ اندر يا ڌرتيءَ تي وهڻ لڳندو آهي، جنھن جي ڪري ڌرتيءَ جي طبعي ماحول ۾ تمام گهڻي طبعي ڦيرگهير اچي ٿي. زمين ۾ ڏار پوڻ، ڌرتي ڦاٽڻ ۽ ڌُٻڻ جي ڪري تمام گهڻي تباهي اچي ٿي ۽ شھر ۽ ڳوٺ تباھ ٿي وڃن ٿا، کوھ سُڪي وڃن ٿا. درياھ رُخ مٽائي وڃن ٿا، نديون خشڪ ٿي وڃن ٿيون. ڌرتيءَ ڌڏڻ جي ڪري زمين ڦاٽڻ سان ان مان گئسن جو خارج ٿيڻ ۽ وايومنڊل ۾ پکڙجڻ وارو لقاءُ بہ ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو.

ڌرتيءَ تي گهڻا زلزلا، ڌرتيءَ اندر 100 ڪلوميٽر کان بہ هيٺ ۽ ڪي وري 60 ڪلوميٽر هيٺان، ڀون ٿار (Lithosphere) واري تھ کان شروع ٿيندا آهن ۽ زلزلي جي مرڪز (Focus) کان زلزلائي لھرون (Seismic waves) سڌو 90 درجي تي ڀون ڪڙي (Crust) جي مٿاهين زلزلي واري مرڪز (Epicenter) تي پھچنديون آهن، جيڪو زلزلائي لھرن جو ڌرتيءَ جي مٿاڇري جو پھريون مرڪز هوندو آهي. اتان زلزلائي لھرون چؤڏسائن ۾ پکڙجنديون آهن. زلزلي جي شدت جو دارومدار زلزلي جي مرڪز (Focus) جي گھرائيءَ موجب ٿيندو آهي.

زلزلن جا ڪارڻ

سنواريو

ڌرتيءَ ڌُڏڻ ۽ زلزلي جا مختلف ڪارڻ هوندا آهن:

هڪ ڪارڻ، ڌرتيءَ جي تاپ يا حرارت ۽ ڌرتيءَ جي داٻ جي مٽ سٽ وارو عمل ۽ ٻيو ڪارڻ، جڙيل تاسرين (Tectonics Plates) جي هڪ ٻئي منجهہ لھي ويندڙ، هڪ ٻئي کان پري ٿيندڙ ۽ لاڳيتو وڌڻ ڪنارن جي حدن واري حرڪت (Subduction, Extrurim and Accretion) ، جنھن ۾ اهي ٻن اهم ’هم مرڪز جڙيل تاسرين جا تخريبي ڪنارا‘ (Destructive Margin of convergent Plates) هڪ ٻئي ۾ °45 ڊگرين تي اندر لھي وڃن ٿا، جنھن سان اُڇل (Thrust) پيدا ٿئي ٿي ۽ ڌرتيءَ مان تتوڳار (Magma)، تتي ريج/لاوي (Lava) جو ٻاهر نڪرڻ وارو عمل بہ ڪي قدر زلزلي جو سبب بڻبو آهي.

مھاساگري رجندڙ هنڌن (Oceanic Hot Spot) وارو باھ جو گولو (Ring of Fire) جيڪو گهڻو تڻو پئسفڪ سمنڊ (Pacific Ocean) واري علائقي ۾ حرڪت ڪري رهيو آهي. پئسفڪ سمنڊ جي ڪٺار وارن علائقن ۾ ايندڙ زلزلا، سوناميون، تھدار ۽ آتش فشاني جبلن جو جڙڻ، انهن هم مرڪز پليٽن (Convergent Plates) جي چرپر (Movement) جو نتيجو آهن. سانتيڪي مهاساگري علائقي ۾ اهڙا زلزلا تمام گهڻا اچن ٿا. ان ڪري جو ڌرتيءَ جي اها سانتيڪي جڙيل تاسر (Pacific Tectonic plate) تمام گهڻي متحرڪ آهي. اتي دنيا جو وِيهه سيڪڙو (% 20) آدم آباد آهي، جڏهن ته ٻئي قسم جي ’تشڪيلي جڙيل تاسرين‘ (Transform Tectonic Plates) جا ڪنارا هڪ ٻئي ڀرسان ترڪي (transform) يا چڙهي (Accretion) حرڪت ڪن ٿا، انهيءَ رڳڙ واري عمل سان ڀونچال/ زلزلا ته اچن ٿا، پر ڪو به تتوڳار وغيره نٿو وهي نڪري. ٽئين قسم جي پکڙجندڙ جڙيل تاسرين جي حرڪت آهي، جيڪي تاسريون هڪ ٻئي کان پري ٿيڻ واري حرڪت وارو عمل ڪنديون آهن. ان عمل جي ڪري تعميري ڪنارا (Constructive Margin) سمنڊ جي تري کي نئون ڪندا رهن ٿا. انهن پکڙجندڙ تاسرين جي حرڪت سبب ڇيڄ/ڏار (Rift) پيدا ٿئي ٿي، جنهن مان تتو ڳار نڪري ٿو، جيڪو نئون مھاساگري ترو (Oceanic floor) جوڙيندو رهي ٿو. گرم چشما (Geysers) ۽ ’مھاساگري ڪاڏ‘ (Oceanic Ridge) جڙڻ انهن پکڙجندڙ تاسرين جو قدرتي لقاءَ آهي. (وڌيڪ ڄاڻ لاءِ پڙهندا: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جلد ٻيو، صفحي 510 کان 513 تائين.). ان کان سواءِ عام ۽ هلڪي ۽ گهٽ هاڃيڪار زلزلن جا ٻيا بہ ڪارڻ ٿيندا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

زلزلي جا غير قدرتي ڪارڻ: پاڻيءَ جي غير قدرتي ذخيرن لاءِ ڊيم جوڙڻ، جبلن کي ٽُڪي انهن مان رستا ٺاهڻ، زمين ۾ سَل ڪرڻ (Drilling) ۽ کاڻيون کوٽڻ (Mining) ۽ اهڙن ٻين ڪمن ۾ ڌماڪن ۽ پٿرن ٽوڙڻ لاءِ ڊائناميٽ جي استعمال سان ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان زمين جي اندر تائين تبديليون اچن ٿيون، جنهن جي ڪري ڌرتيءَ جي قدرتي سگهه متاثر ٿئي ٿي ۽ زلزلا اچن ٿا. اهي زلزلا مڪاني سطح جا ۽ گهٽ جسامت وارا ۽ هلڪي شدت وارا هوندا آهن.

زلزلي جو هڪ خوفناڪ قسم ’آب پار‘ (سونامي: Tsunami) بہ آهي، جنھن جون لھرون، زلزلي جي مٿاڇري مرڪز (Epicenter) کان ساڄي طرف هلنديون آهن. ان جو ڪارڻ سامونڊڪي تري وارين هم مرڪز جڙيل تاسرين جي ڪنارن جي پاڻ ۾ حرڪت سان پيدا ٿئي ٿو ۽ ان لاءِ سمنڊ جي ڀونءِ چالڪ تري مان اٿندڙ زلزلائي لهرن جي ڪري سمنڊ جي اندرئين تھ واري پاڻيءَ ۾ وڏيون لھرون پيدا ٿين ٿيون. اهي لھرون 640 ڪلوميٽرن جو مفاصلو هڪ ڪلاڪ ۾ طئي ڪري اڳتي وڌن ٿيون، انهن سان سمنڊ جو مٿاڇرو وڌيڪ مٿي ٿي ويندو آهي. اهي لهرون سمنڊ ۽ ان جي ڪنارن وارن علائقن ۽ شهرن کي سخت نقصان پهچائينديون آهن. اهي لهرون شروعات ۾ اڌ ميٽر تائين اُڀري ۽ هوريان هوريان ڇهه ماڙ عمارتن کان به مٿي اُسري ڪنارن وارن شهرن کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن. دنيا جي اسي سيڪڙو (%80) آبادي سامونڊي ڪنارن واري ايراضيءَ وارن شهرن ۽ بندرگاهن تي رهي ٿي، اِها انساني آبادي، اهڙين سونامين (آب پار، پرلئه) جي ڪري تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي.

ڀونءِ چالڪ لهرون (Seismic waves): ڀونءِ چالڪ لهرن جا ٽي قسم هوندا آهن. هي لهرون ڌرتيءَ جي ڀونءِ ٿار (Lithosphere) واري تهه مان زلزلائي مرڪز کان شروع ٿي چئني ڏسائن ڏانهن توانائي ڇڏين ٿيون. اها توانائيءَ واري سگهه، ڀون ٿار جي مٿاڇري واري زلزلي جي مرڪز تي °90 ڊگري تي اثر انداز ٿي، ڌرتيءَ تي وڏو ڌوڏو آڻينديون آهن، جن سان شروعات ۾ زورائتي ڌوڏ ۽ آخر ۾ هلڪا هلڪا ڌوڏا ڪي ڏينهن ۽ ڪيترا هفتا ايندا رهندا آهن. اهي مٿاڇرئي لهرون ڌرتيءَ تي ڀڃ ڊاھ جو ڪارڻ بڻجنديون آهن.

اوائلي لهرون: هي لهرون ڇهه ڪلوميٽر في سيڪنڊ (6 km/s) جي رفتار سان فاصلو طئي ڪنديون آهن. پٿرن ۾ انهن جي چرپر کان پوءِ اهي پٿر ساڳي حالت ۾ اچي ويندا آهن. ان عمل کي لچڪدار نظريو (Elastic Rebound Theory) به چيو وڃي ٿو. سامونڊي ڀونءِ ڪڙي (Oceanic Crust) مان اهي لهرون 8 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان هلنديون آهن. زلزلي جي مرڪز کان زمين جي اندر ڀونءِ ٿار ۾ کول۔بند (Compress & Expand) وانگر حرڪت ڪنديون آهن.

ٻئي درجي واريون لهرون: هي ٻئي درجي واريون لهرون، اوائلي لهرن مان جنم وٺن ٿيون، اهي لهرون 36 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان ڌرتيءَ کي هڪ پاسي کان هيٺ، مٿي حالت ۾ ٻئي ٻٽي ڪنڊڙي جي شڪل ۾ اڳتي پوئتي ڌوڏينديون هلنديون آهن، جڏهن ته مهاساگري ڀونءِ ڪڙي ۾ انهن لهرن جي رفتار 47 ڪلوميٽر في سيڪنڊ هوندي آهي. اهي لهرون پاڻياٺ مان به لنگهي نٿيون سگهن، جڏهن ته پهرئين ۽ ٻئي درجي واريون لهرون، نهرن، پاڻياٺن ۽ گرم مادن مان گذرڻ جي صلاحيت پڻ رکن ٿيون. زلزلي بابت اوائلي ڄاڻ انهن وسيلي ئي ملندي آهي. زلزلي پيما (Seismograph) پڻ انهن کي رڪارڊ ڪندو آهي. هنن ٻئي درجي وارين لهرن کي سطحي لهرن جي شڪل وٺڻ سان سندن گهڻي قوت زمين اندر ضايع ٿي ويندي آهي.

سطحي لهرون: هي ٽئين درجي واريون لهرون آهن، جيڪي ٻئي درجي وارين لهرن مان جنم وٺنديون آهن ۽ زميني ميدان جي هيٺان هلنديون آهن. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پهچي، مٿاڇري وارين لهرن کي جنم ڏين ٿيون. سطحي لهرون هڪ مادي کان ٻئي مادي ۾ داخل ٿيڻ مهل، موڙ کائينديون آهن. اهي لهرون زلزلي جي مرڪز يا زلزلي جي مٿاڇري واري مرڪز کان ساڄي پاسي حرڪت ڪنديون آهن ۽ انهن جي حرڪت ڊگهائيءَ واري صورت ۾ هوندي آهي. اهي لهرون پهرئين ۽ ٻئي درجي وارين لهرن جي ڀيٽ ۾ هوريان هوريان حرڪت ڪنديون آهن. جيئن ته سامونڊي لهرون هيٺ مٿي ٿي لڏندي لمندي هلنديون آهن، تنهنڪري زمين جي مٿاڇري تي اڏاوتن کي ٻنهي پاسن کان ڌوڏي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن. دنيا ۾ يورپ جي ملڪ يونان ۾ گهڻا زلزلا ايندا آهن.

زلزلي ماپ (Seismograph): زلزلي جي شدت جنهن اوزار سان ماپي ويندي آهي، ان کي ’زلزلي ماپ‘ چيو ويندو آهي. زلزلي اچڻ جي شروعات ۾ زلزلي جي پهرين جسامت کي ماپبو آهي ۽ ان کانپوءِ زلزلي جي شدت ماپبي آهي. ’زلزلي ماپ‘ هڪ اهڙو حساس اوزار ۽ آلو آهي، جيڪو زمين جي اندرين هلڪي چُرپر، ڌوڏ ۽ جنبش به رڪارڊ ڪري وٺندو آهي. ڀلي اهو اوزار ڪيترو پري ڇو نه رکيل هجي، هن اوزار ۾ هڪ پاڻمرادو ڪم ڪندڙ دٻو (Drum) لڳل هوندو آهي، جيڪو ڌرتيءَ ڌوڏ کي ان ۾ لڳل پني تي ليڪائين شڪل ۾ پـاڻمـرادو ٺـاهـي وٺـندو آهي. جنهن جي مدد سان زلزلي جي رُخ، فاصلو، گهرائيءَ، جسامت جو اندازو ۽ شدت جو پتو پئجي ويندو آهي. جديد ۽ خاص زلزلائي سُڌ ڏيندڙ مرڪزن ۾ اهڙا ٽي زلزلي ماپَ لڳايا ويندا آهن، جن مان هر هڪ پنهنجي طور تي، زلزلي دوران ڌرتيءَ جي سنوت واري حرڪت (Horizontal Movement) يعني ’اوڀر- اولهائين حرڪت‘ (East- West ward Movement)، اُتر- ڏاکڻائين حرڪت (North- Southern Movement) ۽ ’اُڀي حرڪت‘ (Vertical Movement) جو تفصيل ڏسيندو آهي. ان ريت زلزلي وارين ٽنهي قسمن جي لهرن جي وچور وسيلي، زلزلي جي اندرئين مرڪز، مٿاڇري واري مرڪز، ان جي جسامت ۽ شدت جي پڪي پُختي ڄاڻ حاصل ٿي ويندي آهي.

سال 1962ع ۾ دنيا ۾ هڪ ’عالمگير معياري زلزلي ماپ جو تاڃي پيٽو‘ (World Wide Standard Seismographic Network= WWSSN) جوڙيو ويو، جيڪو زلزلي جي ڄاڻ دنيا اندر ڏهن منٽن ۾ پهچائيندو آهي. انهيءَ وسيلي زلزلي جي ’انگ اکري ڄاڻ‘ (Data) ڪمپيوٽر ڏانهن موڪلي ويندي آهي، جنهن سان زلزلي مرڪز ۽ مٿاڇرائي مرڪز جي ڄاڻ حاصل ٿي ويندي آهي. زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل (Richter Scale) تي ملندي آهي. زلزلي سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو، زلزلي جي زمين اندر گهرائيءَ واري مرڪز موجب لڳائبو آهي. اهو جديد زلزلي ماپ ’ريڪٽر اسڪيل‘ آهي، جيڪو هڪ آمريڪي سائنسدان، چارلس ايف. ريڪٽر (Charles F. Richter) 1935ع ۾ ٺاهيو هو.

سڄيءَ دنيا ۾ اڳوڻي وقت ۾ زلزلي جي ڄاڻ مختلف طريقن سان حاصل ڪئي ويندي هئي. سنڌ ۽ ننڍي کنڊ ۾ آڳاٽي وقت ۾ اهڙي اڳواٽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اونڌو ٿالهه زمين تي رکي، ان جي مٿان وڏي ٿالهه يا تاسر ۾ ننڍا گول پهڻ يا بلور رکيا ويندا هئا، جيڪي ڌرتيءَ جي پري واري ڌوڏ تي کڙ کڙ ڪري وڄندا هئا، جڏهن ته چين وارن هڪ اهڙو پتل جو ٽڀو جوڙيو هو، جنهن جي مٿئين حصي ۾ چوڏسائن ۾ سندن قديم تصوراتي باهه اوڳاڇيندڙ ۽ اڏندڙ اجگر (ڊريگون) جي مُنڍين جا بُوتا ٺهيل آهن، زلزلي جي حرڪت سبب ٽڀي ۾ پيل پتل جا بلور اجگرن جي وات مان نڪري، هيٺ تري ۾ پتل جي ٺهيل ۽ اُڀ ڏانهن نهاريندڙ ڏيڏرن جي بوتن جي کليل واتن ۾ وڃي ڪِرندا هئا ۽ ٺڙڪن تي ماڻهن کي خبر پوندي هئي ته زلزلو اچڻ وارو آهي. انهن اوزارن جو آڳاٽي زماني ۾ استعمال ٿيندو هو. زلزلي جي اڀياسي تختي/ پَٽي‘ جيڪا زلزلي جي جسامت، خاصيت، سالياني سراسري انگ ۽ شدت کي ظاهر ڪري ٿي، اها هيٺينءَ ريت آهي:

زلزلي جي جسامت ڏسيندڙ ريڪٽر اسڪيل: هن دؤر ۾ زلزلائي اڀياس ۾ وڌيڪ نيون تبديليون آنديون ويون آهن. ”زلزلي ماپ“ جي استعمال کي وڌيڪ بهتر ۽ جديد بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ان جا بنيادي اڀياسي اصول اڄ به ساڳيا آهن.