زباني مخالفت تائين محدود سفارتڪاري

زباني مخالفت تائين محدود سفارتڪاري يا ايڊورسَريل ڊپلوميسي (Adversarial Diplomacy) مان مراد ڪا به اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ ٻن يا ان کان وڌيڪ ڌُرين جا مفاد ته هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ هوندا آهن، پر اُهي ڪا به اهڙي سرگرمي نه ڪنديون آهن، جنهن سان منجهن ڪو هٿياربند تڪرار يا شديد ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوي. انهيءَ ڪري لاڳاپيل ڌريون ڪن معاملن تي سخت موقف رکنديون آهن، ته ڪن تي ڦلهڙو. سندن اصل مقصد هڪ ٻئي کي هيٺائين ڏيکارڻ نه، پر طئي ڪيل ايجنڊا موجب پنهنجن مفادن جي تڪميل ڪرڻ هوندو آهي. هن قسم جي سفارتڪاريءَ ۾ هر قسم جو ردعمل لفظي مخالفت ۽ ڌمڪائڻ تائين محدود هوندو آهي.[1]

حوالا سنواريو