زاگريئوس(انگريزي: Zagreus ) يوناني ديومالا جو ھڪ ڪردار آھي جيڪو قديم يونان جي ھڪ مذھب آرفزم (Orphism)، جنھن کي عربي ۾ آرفڪية چون ٿا، جي ھڪ ديوتا جو نالو آهي. جنھن لاء اھو خيال ھيو تہ اھو زيوس ديوتا ۽ پرسيفيني ديوي جو پٽ ھيو[1] ھن جو جوڙ ديومالا يعني زمين سان ملايو ويندو ھو ۽ کيس زير زمين دنيا جو طاقتور ديوتا سمجھيو ويندو ھو. مشھور يوناني الميه نگار ايسڪيلس ان کي ھيڊز سان جوڙيو کيس ھيڊز يا ھيڊز جو پٽ قرار ڏنو[2] انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق اھو زيوس جو سندس پنھنجي ڌيءَ پرسيفيني مان ڄاول ھڪ پٽ ھيو. زيوس کيس پنھنجو وارث بڻائڻ لاء پيدا ڪيو ۽ ان کي لامحدود طاقتن سان نوازيو[3]. اڃان ٻار ھيو تہ ان کان ھيرا ديوي حسد ڪندي ٽائٽن کي مڇرائي ان تي حملو ڪرايو[3]. انھن زاگريئوس کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان جي دل کي ڇڏي باقي سڀ کائي ڇڏيو[3]. ان جي دل کي ايٿنا ديوي بچائي زيوس وٽ کڻي آئي ۽ دل کي زيوس ڳڙڪائي زاگريئوس کي ٻيھر ڪدموس جي ڌي سملي مان ڊيونيسوس جي صورت ۾ پيدا ڪيو[3].

زائگوس جو نئين جنم بعد ڊيونيسوس جي روپ جو خيالي مجسمو

حوالا سنواريو

  1. Gantz, p. 118; Hard, p. 35; Grimal, s.v. Zagreus, p. 456.
  2. Sommerstein, p. 237 n. 1; Gantz, p. 118; Smyth, p. 459.
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -