زاما واري جنگ يا جنگ زاما (انگريزي: Battle of Zama ) موجوده تيونس جي سليانه گورنري جي ھڪ مقام زوما يو زومه ۾ 202 ق م ۾ لڳل ھڪ لڙائي جيڪا ڪارٿيج ۽ رومن ايمپائر وچ ۾ لڳي جنھن سان پيونڪ جنگن جي ٻئين دور جو انت ٿيو. تاريخ م پيونڪ جنگون ڪارٿيج جي ايمپائر ۽ رومن ايمپائر وچ ۾ لڳيون ھيون. زوما واري جنگ م ھنيبال کي شڪست آئي ھئي. انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ھن جنگ ۾ رومي اسڪپيئو آفريڪي جي ڪمان ۾ وڙھيا ۽ مخالف ڪارٿيج جي فوج جي ڪمان ڪندڙ ھنيبال ھيو[4]. رومي ڪارٿيج طرف جڏھن پيشقدمي ڪري آيا تہ ان وقت ھنيبال اٽلي ۾ ھيو ۽ پنھنجي شھر ڪارٿيج کي بچائڻ لاءِ اٽلي کان ڪارٿيج (موجوده تيونس) موٽي آيو[4]. ان وقت نوميڊيائي بادشاھت جو لشڪر بادشاھ ماسينيسا جي ڪمان م اچي رومي فوج سان ملي ويو جنھن سان رومين جي ھنيبال جي فوج تي برتري ٿي وئي . جنگ ۾ ھنيبال ھارائي ويو[4].

زاما واري جنگ
سلسلو پيونڪ جنگن جو ٻيون دور

جنگ کان اڳ مخالف فوجن جون پيشقديون
تاريخ202 ق م
مقامزاما ڪارٿيج (موجوده تيونس جي سليانا گورنري)
36°17′56″N 9°26′57″E / 36.29889°N 9.44917°E / 36.29889; 9.44917مڪانيت: 36°17′56″N 9°26′57″E / 36.29889°N 9.44917°E / 36.29889; 9.44917
نتيجو پيونڪ جنگن جي ٻئي دؤر جو خاتمو
رومن ايمپائر جي فتح
شريڪ جنگ
= Standard of Rome رومن ريپبلڪ
نوميڊيائي بادشاھت
Standard of Carthage ڪارٿيج
سپهہ سالار ۽ رهنما
Standard of Rome اسڪپيئو آفريڪي
نوميڊيائي بادشاھت جو پھريون بادشاھماسينيسا
Standard of Rome گايوس لائليوس
ھنيبال
طاقت
35,100 ماڻھو
29000 پيادا
6100 سوار[1]
40000 ماڻھو
36000 پيادا
4000 سوار
80 ھاٿي[1]
نقصان

4,000–5,000


1,500–2,500
رومن مارجي ويا
2,500+
نوميڊيائي
مارجي ويا[2]
33,500–40,000

پوليبيائي ۽ ليوي:

  • 20,000 مارجي ويا
  • 20,000 گرفتار ٿيا

اپيائي: [3]

  • 25,000 مارجي ويا
  • 8,500 گرفتار ٿيا

جنگ جا نتيجا سنواريو

ڪارٿيج رومن ايمپائر آڏو پيش پيو. ڪارٿيج اسپين روم جي حوالي ڪيو، پنھنجا تقريبن سڀ بحري ٻيڙا بہ رومين کي پيش ڪيا ۽ پنجاھ سالن تائين روم کي خراج جي رقم جي ادائگي ڪندو رھيو[4].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Lazenby, Hannibal's War pp.220-221-
  2. Appian
  3. Appian, Appian
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -