رڪن (Dactyl)، ”رڪن“ جمع ”ارڪان“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ٿنڀ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن مقرر بحر جو اهو ”حصو يا تڪ“، جنهن سان شعر ۾ ڏنل لفظن جي تقطيع (ورهاست) ڪجي يا ان کي توري ۽ ماپي سگهجي. ارڪان ڪنهن بحر ۾ اٺ هوندا آهن تہ ڪنهن ۾ ڇھ ۽ ڪنهن ۾ وري چار ٿيندا آهن، جيئن بحر واري باب ۾ ڏنا ويا آهن، اهي ارڪان شعر کي موزون يا ترتيبوار بڻائڻ لاءِ هڪ قسم جا ماپا يا وٽ آهن. ارڪان اصل ۾ ڪل اٺ آهن؛ جهڙوڪ: procedure ”فعولن- فاعلن- فاعلاتن- مفاعيلن- مفاعلتن – متفاعلن- مفعولات- مستفعلن“؛ پر علم عروض جي باني خليل بن احمد بصريءَ (718-791ع) انهن ۾ ڪجهه ردوبدل ڪري پنهنجا پندرهن (15) بحر جوڙي پيش ڪيا، جنهن کان پوءِ ٻين شاعرن انهن ۾ وقت به وقت اضافو پئي ڪيو آهي. اهي 39 کن آهن.[1]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.