رچل لوئيز ڪارسن(مئي 27 1907ع- 14 اپريل 1964ع) هڪ آمريڪي سامونڊري جيوديائڪ، ليکڪڻ، ماحولياتي بچائُڪ ۽ فطرتي ماهر هئي، جنهن جو ڪتاب گونگو بَسنت(1962ُع) ۽ ٻيا ليک ”ماحولياتي تحفظ سَرِيس“ جي اُٿپ ۾ اهم بڻياد سمجها ويندا آھن. ڪارسن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات آمريڪي بيورو آف فشريز ڊپارٽ کان ڪئي، ۽ 1950ع ۾ ھوءَ فل ٽائم فطرتي ليکڪڻ بڻجي وئي. هن جي 1951ع ۾ لکيل ۽ گهڻ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب”سمنڊر اسان سان گڏ“ ھن جي سڃاڻپ هڪ ڄمندي ڄام ليکڪ طور ڪرائي. ۽ ان ئي ڪتاب کي آمريڪي نيشنل بڪ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس ٻيا ڪتاب سمنڊر جو ڪنارو ۽ سامونڊري هوا هيٺان پڻ گهڻا وڪرو ٿيا. اهي ٽئي ڪتاب سمنڊر جي ڪناري کان گهرائيءَ تائين وڏي ڄاڻ سان ڀريل آھن. 1950ع کان ڪارسن پنهنجي ڄاڻ جو محور ماحولياتي بچاءُ ۽ جيت مار دوائن جي ڪري پيدا ٿيندڙ فطرت تي هاڃيڪاروِ ڪَھِ تي اوک ڪرڻ کي بڻايو ۽ گونگو بسنت نالي ڪتاب لکيائين. جنهن آمريڪي عوام ۾ ماحولياتي بچاءُ جو شعور آندو. ڪتاب کي ڪئميڪل ڪمپنين جي ڇتي مخالفت سان به ملڻو پيو ڇو ته اهو ڪتاب سندن سيڙپڪاريءَ جي خلاف هيو پر عوامي ساٿ هئڻ ڪري هن ڪتاب ڪيترو ئي بدلاءُ آندو. اصل ۾ ان ڪتاب ئي ”گڏيل آمريڪي رياستن جي پيسٽيسائيڊ پاليسيء“ کي اها سگھ ڏني جو ان ”ڊي ڊي ٽي(DDT)“ کي زرعي استعمال لاءِ هاڃيڪارَوِ ڄاڻائيندي ان جي پوري ملڪ ۾  واهپي تي پابندي مڙھي. هن ئي ڪتاب ”آمريڪي ماحولياتي بچاءُ واري ايجنسي“ جو بڻياد وجهڻ ۾ مدد ڪئي. سندس موت کان پوءِ ڪارسن صدر جمي ڪارتر پاران آزاديءَ جي صدارتي ايوارڊ سان نوازي وئي.