ريٽا شهاڻي
ريٽا شهاڻي (انگريزي:Rita Shahani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙسنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ هئي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.
زندگي جو احوالسنواريو
ريٽا شهاڻي جو حيدرآباد سنڌ ۾ 24 آگسٽ 1934ع تي هڪ تعليم يافته خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گھر ۾ جنم ٿيو، جيڪو مشهور عالم منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جو ڀاءُ هو.[1]
ساهتي خدمتونسنواريو
ريٽا شهاڻي سنڌي ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هن ڪويتا، ناول، ڪهاڻي، مضمون، تنقيد، سوانح، آتم ڪٿا ۽ سفرنامي تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو آهي. ريٽا شهاڻيءَ جا موضوع نهايت وسيع آهن،
ڪتابسنواريو
(۱) پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: ۱۹۸۲ع)، (۲) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: ۱۹۸۴ع)، (۳) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: ۱۹۸۵ع)، (۴) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: ۱۹۸۶ع)، (۵) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: ۱۹۸۷ع)، (۶) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: ۱۹۸۷ع)، (۷) ’منع ٿيل ميوو‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۸۸ع)، (۸) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: ۱۹۸۹ع)، (۹) ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ (منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: ۱۹۹۰ع)، (۱۰) ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول: ۱۹۹۱ع)، (۱۱) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۲ع)، (۱۲) ’گھنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: ۱۹۹۳ع)، (۱۳) ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: ۱۹۹۴ع)، (۱۴) ’ڇُهي مُئي‘ (ناول: ۱۹۹۵ع)، (۱۵) ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري: ۱۹۹۶ع)، (۱۶) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: ۱۹۹۶ع)، (۱۷) لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: ۱۹۹۷ع)، (۱۸) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۸ع)، (۱۹) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: ۲۰۰۰ع) (۲۰) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: ۲۰۰۱ع)، (۲۱) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: ۲۰۰۱ع)، (۲۲) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: ۲۰۰۲ع)، (۲۳) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: ۲۰۰۳ع)، (۲۴) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: ۲۰۰۴ع)، (۲۵) ٻيپهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا: ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل، ۲۰۰۴ع)، (۲۶) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: ۲۰۰۸ع)، (۲۷) ’ست سر، ست رنگ‘ (ناول: ۲۰۰۸ع)، (۲۸) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: ۲۰۰۸ع)، (۲۹) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: ۲۰۰۸ع)، (۳۰) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: ۲۰۱۰ع)، (۳۱) ’بي زبان زبان‘ (ناول: ۲۰۱۰ع)، (۳۲) ’روبرو‘ (سوانح: ۲۰۱۲ع)، (۳۳) آڪاس- گنگا (خاڪا: ۲۰۱۳ع) (۳۴) چار هندي ڪتاب ۽ ٻن انگريزي ڪتاب[2]
ديهانتسنواريو
ريٽا شهاڻي 15 سيپٽمبر 2013ع تي پوني ڀارت ۾ ديهانت ڪري وئي.[3]
حوالاسنواريو
ريٽا شهاڻي تي لکيل ارن باباڻي جو مضمون
- ↑ "ريٽا شهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-01.
- ↑ Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ريٽا شاهاڻي". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-10-01.
- ↑ "سنڌي ٻولي جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي ديهانت ڪري وئي". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-10-01.