ريل گاڏي (train) گذريل ٻہ سؤ سالن کان مال برادري ۽ سفر لاءِ ڪارگر ذريعو رهي آهي. ريل جي انجڻ سڀ کان پھرين جيمس واٽ (James Watt) ٺاهي هئي، جنھن ٻاڦ جي طاقت کي مشاهدي ۾ آڻي انجڻ ٺاهڻ جو تجربو ڪيو، جنھن جي ايجادن مان اڄ سموري دنيا فائدو وٺي رهي آهي. ٻاڦ جي انجڻ ٺھڻ کانپوءِ اهي انجڻيون پوري انگلنڊ ۾، گھڻو ڪري وڏن ڪارخانن ۾ ڪم اچڻ لڳيون، جنھنڪري ڪارخانن جي پيداوار ۾ ڪافي واڌارو ٿيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ جو تہ بنياد پئجي ويو هو، پر انهيءَ انجڻ ذريعي ڦيٿن تي هلندڙ گاڏي تيار نہ ٿي سگهي هئي، جڏهن تہ ٻاڦ جي انجڻ ذريعي ڦيٿن تي هلڻ واري گاڏي جو ڪم وري هڪ ٻئي سائنسدان جارج اسٽيفين (George Stephenson) ڪري ڏيکاريو. جارج اسٽيفنسن، ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ غريب مزدور جو پٽ هو. کيس ڪوئلي جي هڪڙي کاڻ ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ نوڪر رکيو ويو هو، جتي هو ٻاڦ تي هلندڙ پمپ کي ڏسندو رهندو هو. هو پنھنجي ذهانت سبب جلد ئي پمپ جي پرزن کان واقف ٿي ويو ۽ جڏهن پمپ خراب ٿي ويندو هو تہ هو انجنيئرن جي مدد کانسواءِ ئي ان کي ٺاهي ويندو هو.

ريل گاڏي

تاريخ سنواريو

جارج اسٽيفنسن پھريون ماڻهو هو، جنهن کي گاڏي هلائڻ واري انجڻ ٺاهڻ جو خيال آيو، جيتوڻيڪ انهيءَ زماني ۾ هڪ ٻيو انجنيئر ’ٽريوي ٿڪ‘ (Trevithick) بہ اهڙي قسم جي انجڻ ٺاهڻ ۾ رڌل هو. هن هڪ اهڙي انجڻ ٺاهي بہ هئي، پر ان ۾ ڪافي خاميون هيون. هڪ تہ اها انجڻ هيٺاهين ۽ مٿانهين زمين تي هلي نہ سگهندي هئي ۽ اڪثر پٽڙين تان لھي ويندي هئي. هن سالن تائين ان خرابيءَ کي دؤر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ڪامياب ٿي نہ سگهيو، نيٺ تنگ اچي اهو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيائين. جارج اسٽيفنسن ارادي جو پختو هو، تنھنڪري هو مايوس نہ ٿيو ۽ انجڻ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو. پڙهڻ کانپوءِ هو هڪ ڪوئلي جي کاڻ ۾ چيف انجينئر طور ڪم ڪرڻ لڳو. آخرڪار ٻن سالن جي لڳاتار محنت کانپوءِ هن هڪڙي ريلوي انجڻ تيار ڪئي، جنھن جي طاقت ’ٽريوي ٿڪ‘ واري ريلوي انجڻ کان وڌيڪ هئي ۽ وڏي ڳالهہ تہ ان انجڻ ۾ پٽڙين تان لھي وڃڻ واري خامي نہ هئي. سندس پھرين انجڻ سان ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪوئلا ڍوئڻ واري گاڏي تيار ڪئي وئي، جيڪا پنھنجو ڪم بھتر نموني سان سرانجام ڏيڻ لڳي. انهيءَ ڪاميابيءَ کانپوءِ جارج جو حوصلو وڌي ويو ۽ هن ٻاڦ جي انجڻ سان مسافر گاڏي ٺاهڻ لاءِ سوچيو ۽ ان لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن تي ڪافي ماڻهن مٿس چٿرون ڪيون. پر هن همٿ نہ هاري ۽ 1833ع ۾ ’راڪيٽ‘ نالي هڪ انجڻ تيار ڪري ورتي، جنھن ذريعي ماڻهن سان ڀريل گاڏا بہ آسانيءَ سان هلڻ لڳا. ان کانپوءِ جلد ئي آمريڪا، فرانس، جرمني، ڪئناڊا ۽ يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ريل گاڏين لاءِ جدا جدا شڪلين جون انجڻيون ٺاهيون ويون، جن جون شڪليون بنهہ عجيب ۽ ساديون هيون.

جڏهن انگلنڊ ۾ جارج اسٽيفنسن جي ٺاهيل مسافرن لاءِ پھرين ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي تہ ان کي هلڻ لاءِ فقط چاليھن ميلن جي پٽڙي (Railway Track) ميسر هئي، يعني ان گاڏي کي هلڻ لاءِ 40 ميل پٽڙي ٺاهي ڏني وئي هئي. ان بعد اهو سلسلو ڪامياب ويو ۽ پوءِ مختلف ملڪن ۾ ريل گاڏيءَ ذريعي سامان بہ کڄڻ لڳو تہ سفر ڪرڻ جي بہ سھولت ٿي.

حوالا سنواريو